• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سورهيه بادشاه

سورهيه بادشاه

سورهين جي ساٿ جا سرواڻ سورهيه بادشاه
آجپي عزت ۽ امن جا اهڃاڻ سورهيه بادشاه

تو غلامي گار سمجهي، توسلامي عار سمجهي
سيج کي تو خارسمجهي، ويرين جو وار سمجهي
پئين ڪڏي تون پاڻ سورهيه بادشاه

سرموڙ هئين سالار تون، ديس جو دادلو دلدار تون
حوصلي همت سندو هالارتون، پڳ جو ڌڻي پڳدار تون
ڪونه ٿيندو تو جهڙوهاڻ سورهيه بادشاه

نه سربهادر نواب ورتئي ، تحفو نه ڪوئي خطاب ورتئي
غاصبن کان حساب ورتئي ، حساب ڀي لاجواب ورتئي
ڪڍي نه ڪنهنجي تو ڪاڻ سورهيه بادشاه

اسين به حافظ اوهان جا غازي ، نئين نه آهي اسان لئه بازي
غيراڳيان ڪبي نه آزي ، رڳو ئي رانجهن رهين تون راضي
نه مڃبي ڪنهن جي آڻ سورهيه بادشاه


حافظ عبدالقيوم مهر
 
Back
Top