فري ميسن جا اغراض ۽ مقاصد

'مختلف موضوع' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 مارچ 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    فري ميسن جا اغراض ۽ مقاصد


    هاڻي اسين هتي فري ميسن تنظيم جا اغراض ۽ مقاصد ۽ طريقيڪار يهودين جي ترتيب ڏنل ڳجهن دستاويزن کان اقتباس وٺي پيش ڪيو ٿا . جئين ته اهي دستاويزات نهايت اهم آهن ۽ هن مضمون ۾ جگه جگه حوالو ڏنو ويندو هن ڪري اڳتي وڌڻ کان اڳ چنگي نموني هن جي پس منظر کي سمهجڻو پوندو . پڙهندڙن سان اسان جي گذارش آهي ته جتي به هنن دستاويزن جي حواله اچن ته هن کي عام تحرير نه سمجهن . اهي ليک غور ۽ فڪر ۽ تجزيو ڪرڻ جهڙا آهن . هنن ليکن جي اسرارن کي سمجهڻ لاءِ هر هر پڙهڻ جي ضرورت آهي . يهودين جي بهترين دماغن سان ڄوڙيل هنن ڳجهن دستاويزن کي 1897 ء ۾ سويٽزرلينڊ جي شهر باسل (basle) ۾ پهريون ڀيري عالمي يهودي ڪانگريس جي موقعي تي ڄوڙيو ويو . هن ڪانگريس ۾ يهودي مفادن لاءِ سڄي دنيا ۾ تخيبڪاري ، انقلان ، دولت ميڙن ۽ هن ئي قسم جا ٻيا منصوبا ڄوڙيا ويا . هنن منصوبن جا رهنمائي ڪندڙ خط ۽ تفصيل ترتيب ڏئي تحريرن ۾ اندو ويو ۽ هن ئي نمائندن جا دستخط ورتا ويا . هنن جي نقلن کي رڳو يهودي سربراهن کي محدود تعداد ۾ تقسيم ڪيو ويو پر خوشقسمتي سان هن دستاويزن جو نقل هڪ گهرو نوڪرياڻي يهودي ڳجهي تنظيم فري ميسن جي هڪ اعلى خاتون وٽان چوري ڪري هڪ روسي پادري سرجي نائلس (sergyei anelus) جي حوالي ڪري ڇڏيو . اهو مسودو گهڻو ڪري عبراني زبان کان روسي ۾ ترجمو ٿيل هو . پروفيسر سرجي نائلس جڏهن هن ڀيانڪ سازشن کي پڙهيو ته هن جا تاڪ ئي نڪري ويا ۽ هن سازش کي منظر عام تي آڻڻ لاءِ هن ضروروي جاتو ته هن کي ڪتابي صورت ۾ ڇاپي تقسيم ڪيو وڃي .

    هن ڪتاب جي ٻئي ايڊيشن جو هڪ نسخو 1905ء ۾ برٽش ميوزيم ۾ پهتو . روس ۾ مارننگ پوسٽ جي نمائندي وڪٽر . اي . مارسڊن روس ۾ سزا ڀوڳڻ کان پوءِ لنڊن پهتو هن برٽس ميوزيم وارو نسخو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو . هن ڪتاب بابت هڪ عجيب ڳالھ اها آهي ته اهو ڪتاب شايع ٿيندي ئي بازار مان غايب ٿي وڃن ٿا . روس ۾ بالشويڪ انقلاب اچڻ کان پوءِ هن ڪتاب جي گهرج وڌي وئي ۽ هن جا ڪيترائي ايڊيشن ڇپجي پڌرا ٿيا .جرمني جي ڊڪٽيٽر هٽلر به هن کي ڪيترن ئي زبانن ۾ شايع ڪرايو پر يهودين ڪڏهن به گهڻي عرصي هن کي بازار ۾ رهڻ نه ڏنو .

    پروفيسر سرجي نائلس جي راءِ ۾ اهي دستاويزات ڪنهن جلسي جا احوال نه آهن بلڪه اهي يهودين جي ڪنهن سربراھ جون ياداشتون آهن ۽ هن جي ياداشتن جا ڪجه ٽڪڙا حذف ( مٽايا ) ويا آهن . جنوري 1917 ء ۾ نائلس هن ڪتاب جي ٻئي ايڊيشن شايع ڪرائڻ پي چاهيو پر هن کان اڳ اهي نسخا بازار ۾ اچن مارچ 1917 ء ۾ بالشويڪ انقلاب اچي ويو ۽ بالشويڪ حڪومت هن جي سڀني جلدن کي ساڙائي ڇڏيو . نائلس کي گرفتار ڪري پهرين جيل حوالي ۽ بعد ۾ جلا وطن ڪيو ويو جتي هو ولاڊيمير ۾ 13 جنوري ۾ وفات ڪيائين .

    شايع ٿيل ڪتابي صورت کان سواءِ هنن دستاويزن جي ٽائپ ٿيل نقل به تقسيم ٿيندا رهيا ۽ لڪيل نموني پڙهيو ويندو رهيو هن ئي نقلن مان هڪ باريڪ ڪاغذ تي ڇپيل مسودو روسي بندرگاه ” ولاڊي وسٽڪ “ رستي آگسٽ 1919 ء ۾ امريڪا پهتو . نائلس جي مطابق اهو منصوبو اسلام ۽ عيسائيت خلاف سازش هئي پر دستاويزن جي مطالعي بعد اها سازش اسلام يا نصراني مذهب ۽ تهذيب جي خلاف ئي نه بلڪه سڀنن مذهبن ۽ تهذيبن خلاف هڪ ڀيانڪ سازش ٿو لڳي . بعد ايندڙ واقعن اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته دنيا اندر جيڪي وڏا وڏا واقعا پيش آيا اهي انهي نهج (طريقي) تي ٿيا جنهنن جو رستو ڳجهي تنظيم اڳ ۾ ئي تعين ڪري ڇڏيو هو . اهي پوءِ عالمي جنگون هجن يا معاشي بحران ، انقلاب هجن يا قيمتن ۾ اضافو يا عالمگير بي چيني جنهن جا شڪار هن وقت دنيا جي سڀئي ملڪ آهن . هن سڀنن ڳالهين جي اڳڪٿي هن دستاويزن ۾ ڪئي وئي آهي .

    اهي دستاويز جيڪي گڻپ ۾ چوويھ (24) آهن هنن منصوبن جو خلاصو آهن جيڪي ورهن جي ڪاوش کان پوءِ يهودين جي بهترين دماغ وارن ترتيب ڏنا آهن ۽ جنهنن انهن ياداشتن کي گڏ ڪري قلمبند ڪيو ويو آهي ، اهي پاڻ به يهودي قوم جا اهل دانش آهن ، جنهن کي سمجهائڻ لاءِ رڳو اشارن تي اڪتفا ڪيو ويو آهي ، ۽ تفصيل ۾ وڃڻ جي ضرورت محسوس ڪانه ڪئي اٿن ، ڪاٿي ڪو هڪ اڌ حوالو هڪ اڌ لفظ لاءِ استعمال کي ڪافي سمجهيو ويو. جيڪو ڪنهن غير يهودي لاءِ معلوم ڪرڻ ڏکيو ٿي ٿو پوي. غير يهودي ته ٺهيو خود يهودي لاءِ به سمجهڻ مشڪل آهن جنهنن کي هن ڳجهي سازش ۾ شريڪ نه ڪيو ويو . هن منصوبي جا راز هنن لاءِ به ناقابل تفهيم ٿين ٿا .

    هنن دستاويزن کي ياداشت يا حوالي طور تحرير ۾ آندو ويو هو تانته اهو يهودي اهل دانش جي فڪر ۽ عمل کي ڄاڻايل واٽ تي رهنمائي ڪري سگهي تنهڪري هنن کي هر هر غور سان پڙهڻ جي ضرورت آهي
    .....


    سنڌيڪار ؛ افتخار علي چوهاڻ
    ورتل ؛ عالمي يهودي تنظيمين ( مفتي ابو لبابه شاھ منصور)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو