سنڌ آدمشماريءَ لاءِ ڪهڙي تياري ڪئي آهي؟ سهيل ميمڻ [JUSTIFY]ڪڏهن ڪڏهن ملڪي سطح تي سياسي منظرناما ايئن بدلجندا رهن ٿا، جو انهن کي ڏسندي ڏسندي اسان سنڌ جي مسئلن کي ڏسي ناهيون سگهندا. ايئن ئي هڪ مسئلو آدمشماريءَ جو به آهي، جيڪا حڪومت هن ئي سال رٿي آهي، پر اسان اڃا ان لاءِ ڪا تياري ڪرڻ شروع ناهي ڪئي، جو اسان هونءَ ئي ٻين ڪيترن مسئلن، ڪيترين ڳڻتين ۾ ڦاٿل آهيون. پر وري به ڪجهه ڏينهن پهرين سينئر صحافي علي قاضيءَ جو آدمشماريءَ بابت آرٽيڪل شايع ٿيو آهي، جنهن سنڌ جي ماڻهن کي ان حوالي سان تياري ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي. واقعي به حقيقت ۾ ڏسجي ته هيءُ ڪو معمولي معاملو ناهي، جنهن کي نظرانداز ڪري ڇڏجي. فيڊريشن واري نظام ۾ ڪيتريون ئي اهم شيون ڳڻپ سان لاڳاپيل هجن ٿيون. آدمشماريءَ جي نقصان ۽ فائدن تي نظر وجهڻ کان اڳ ان حساس مسئلي جو سنڌ توڙي عالمي سطح تي تاريخي جائزو وٺڻ ضروري آهي ته جيئن ان جي اهميت کان صحيح واقفيت ٿئي. دنيا جي تاريخ مان پتو پوي ٿو ته يهودي، رومن ۽ ٻيون قومون آدم جي ڳڻپ ڪنديون هيون، پر جديد دنيا ۾ 1800ع کان اڳ جا انگ اکر نه ملي سگهيا آهن. هن وقت دنيا جي سڀني مهذب ملڪن ۾ آدمشماري ڪرڻ جو عمل جاري آهي. ڪٿي هر پنجن سالن بعد ته ڪٿي هر ڏهن سالن بعد، برطانيا ۾ اهو عمل 1801ع کان شروع ٿيو ۽ هر 10 سالن بعد ڳڻپ جو اهو عمل جاري آهي. برطانيا ۾ اپريل جو مهينو ان عمل لاءِ مخصوص ٿيل آهي. اتي، نالو، عمر، جنس، ڌنڌو، ڄم جو هنڌ، ازدواجي حيثيت ۽ قوم بابت سوال پڇيا ويندا آهن. سنڌ جي آدمشماريءَ جي تاريخ به انگريز راڄ کان ئي ملي ٿي. جيتوڻيڪ ٽالپرن جي حڪومت تي نظر وجهڻ سان خبر پوي ٿي ته ٽالپر حڪمران عوام کان محصول وصول ڪندا هئا ۽ اهو هر مرد، عورت ۽ سمجهه واري ٻار کان وصول ڪيو ويندو هو. ان عمل لاءِ گهر جو هڪ ڀاتي ٻئي ڀاتيءَ لاءِ ضامن هوندو هو. جيڪي ماڻهو محصول انهن جو مقدار ۽ محصول درج ڪيو ويندو هو. پر جيئن ته بلوچ سردار، سپاهي، امير، سرڪاري ڪامورا ۽ ٻين مٿي طبقي وارا ماڻهو ان ٽيڪس کان آجا هئا، تنهن ڪري ٽالپرن جي ان ٽيڪس رڪارڊ تي ڀاڙي نٿو سگهجي. مغلن جي زماني ۾ سنڌ مان وصول ٿيندڙ ڍل جو ڪاٿو 21 لک رپيا هو، جڏهن ته ڪلهوڙن جي دور ۾ وصول ٿيندڙ محصول 70 لک رپيا هو. انگريزن جي دور ۾ به ٿيل آدم جي ڳڻپ ان لاءِ سهي نٿي تصور ڪئي وڃي، جو ماڻهو ان خوف کان ته متان حڪومت آزاري، پنهنجي ڪٽنب جو صحيح تعداد نه لکرائيندا هئا. اليگزينڊر پرنس 1927ع ۾ سنڌ جي آبادي تقريبن ڏهه لک ٻڌائي آهي، ان کان اڳ 1832ع ۾ پاٽنجر جو خيال آهي ته سنڌ جي ٽن رياستن، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ خيرپور جي آبادي 9 لک آهي. هن وري پاڻ ئي چيو آهي ته اهو انگ مستند نه آهي. 1843ع ۾ هڪ ٻئي ڄاڻو ماڻهو مسٽر پوسٽنس لکيو آهي ته ”سنڌ جهڙي ملڪ ۾ جتي شهر گهٽ آهن، ماڻهو خانه بدوشن واري زندگي گذارين ٿا ۽ آباديون درياهه جي ويجهو، پکڙيل آهن، اتي باقاعده ڳڻپ کان سواءِ اندازو لڳائڻ مشڪل آهي. هوڏانهن ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي چيو آهي ته مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ جي آبادي ڏهه لکن کان مٿي هئي. سنڌ کي بمبئيءَ سان ملائڻ ۽ آبپاشيءَ جون رٿائون سنڌ ۾ آبادي وڌائڻ جا مکيه سبب بڻيا. 1847ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر جي راءِ مان خبر پوي ٿي ته ان وقت سنڌ جي آبادي تقريبن ساڍا تيرهن لک هئي. 1856ع ۾ اها وڌي 19 لک، 1876ع ۾ تقريباً ساڍا 33 لک، 1881ع ۾ ساڍا پنجويهه لک ۽ 1891ع ۾ 30 لک ٽي هزار هئي. سنڌ ۾ آدمشماريءَ جو پهريون رڪارڊ 1856ع جو آهي، ان ۾ سنڌ جي آبادي تقريباً 18 لک 83 هزار ڏيکاريل آهي. پر اهي رڪارڊ وارا انگ اکر سنڌ جي ڪمشنر جي راءِ سان ملندڙ ناهن. ويهين صديءَ جي شروع ۾ 1811ع کان 1821ع تائين ڏهن سالن ۾ آباديءَ جي واڌ جو تناسب 7.8 سيڪڙو گهٽ رهيو، يعني 2 لک 65 هزار ماڻهو گهٽيا. ان جو سبب ٿي سگهي ٿو ڪا وبا هجي. 1921ع کان 1931ع واري عرصي ۾ سنڌ جي آباديءَ ۾ 18.48 جو واڌارو ٿيو، يعني 6 لک 42 هزار ماڻهو وڌيا، ان جو ڪارڻ سکر بيراج جي ٺهڻ کي ڄاڻي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ جو ان جي ٺهڻ سان بيراج ايراضيءَ ڏانهن لڏپلاڻ ٿي هئي، 1931ع کان 1941ع تائين سنڌ ۾ آباديءَ ۾ واڌ جو ڪاٿو، 7 لک 28 هزار هو، جڏهن ته 1941ع کان 1951ع ۾ 38.25 سيڪڙو آبادي وڌي، ڇو ته 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ ڪري لکين پناهگير سنڌ پهتا. 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ وقت سنڌ جي آبادي 54 لک هئي، جيڪا صرف چئن سالن ۾ 1951ع تائين وڌي 60 لک 48 هزار ٿي وئي. 1961ع تائين پناهگيرن جي اڃان وڌيڪ آمد جي ڪري اهو انگ 83 لک 68 هزار ٿي ويو. 1972ع ۾ سنڌ جي آبادي هڪ ڪروڙ 40 لک 50 هزار کان مٿي چڙهي وئي ۽ 1981ع ۾ سرڪاري انگن اکرن ۾ سنڌ جي آبادي هڪ ڪروڙ 90 لک 28 هزار کان وڌيل ڏيکاريل آهي. آدمشماريءَ جي ان ماضيءَ جي تاريخ جي جائزيءَ مان ڪجهه اهم نتيجا ڪڍجن ٿا ته، 1901ع کان وٺي 1944ع تائين، 44 سالن جي عرصي ۾ سنڌ ۾ آباديءَ ۾ واڌ جو سبب فطري هو. ايستائين جو 1911ع کان 1921ع جي عرصي ۾ ڪنهن وبا سبب آباديءَ ۾ گهٽتائي پڻ آئي، پر 1946ع کان 1972ع تائين سنڌ ۾ آباديءَ ۾ جيڪا واڌ آئي، اها هندستان مان آيل پناهگيرن ۽ پنجاب ۽ سرحد مان ون يونٽ سبب سنڌ آيل ماڻهن سبب آهي. هندستان مان سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ جو زور 1947ع کان 1954ع تائين وڌيڪ رهيو. اهو سلسلو پورا ست سال زور شور سان جاري رهيو. ان لڏپلاڻ سنڌ کي تمام گهڻو متاثر ڪيو، ترقياتي ڪم بند ٿي ويا، واپار وڙي تي سخت خراب اثر پيو. سنڌ ۾ پناهگيرن جي 2 ڀاڱي 3 حصي جي آبادڪاري شهرن ۾ ٿي، جڏهن ته هڪ ڀاڱي 3 حصو ٻهراڙين ۾ آباد ٿيا. يعني ساڍن پنجن لکن مان ساڍا ٽي لک شهرن ۾ ۽ تقريبن ٻه لک ڳوٺن ۾ رهيا، جتي کين زرعي زمينون ڏنيون ويون. شهرن ۾ هندن جون خالي جايون، دڪان کين ڏنا ويا، ڪارخانن ۾ نوڪريون کين ڏنيون ويون، ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاهه ۾ سيٽلائيٽ ٽائون شهر اڏي انهن کي ڏنا ويا ۽ انهن جي آمد جو وڌيڪ سلسلو جاري رهيو. دنيا ۾ آدمشماريءَ جا ٻه طريقا استعمال ڪيا ويندا آهن. هڪ ڊي فئڪٽو ٻيو ڊي جور (De-Jure) پهرين طريقي De-Fecto يعني حقيقي آدمشماريءَ موجب هڪ تاريخ ۽ وقت مقرر ڪيو ويندو آهي، ان مقرر تاريخ ۽ وقت اندر جيڪي به ڀاتي گهرن ۾ هوندا آهن، انهن کي ڳڻيو ويندو آهي، گهر ۾ غير حاضر فرد ان ۾ نه ڳڻيا ويندا آهن. ان مقرر تاريخ تي جهاز، ريل گاڏيون، بلڪه سموري ٽرانسپورٽ وغيره مقرره وقت لاءِ بيهاري ويندي آهي. ڳڻپ واري عملي لاءِ مقرره وقت ۾ هر حالت ۾ ڳڻپ مقرر ڪرڻ لازمي هوندو آهي. 1941ع تائين هندستان ۾ سموريون آدمشماريون انهيءَ طريقي موجب ٿينديون هيون ۽ مقرر تاريخ تي شام جو 7 وڳي کان رات جو 12 وڳي تائين ڳڻيندڙن کي هر حالت ۾ ڳڻپ پوري ڪرڻي هوندي هئي. سنڌ ۾ ڪاڇي وارن علائقن لاءِ ڪجهه ڏينهن جي ڇوٽ ڏني ويندي هئي. آدمشماريءَ جي ٻئي طريقي De-Jure ۾ مڪمل آدمشماري، يعني گهر جي سڀني ڀاتين، موجود توڙي غير موجود جي ڳڻپ ڪئي ويندي آهي. ان طريقي ۾ وقت جي سخت پابندي لاڳو نه هوندي آهي. هفتو يا ٻه هفتا ڏنا ويندا آهن، 1951ع کان وٺي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ان طريقي موجب ئي آدمشماري ڪئي ويندي آهي. سنڌ ۾ ٻنهي قسمن جون آدمشماريون ٿيون آهن. 1941ع تائين De-Fecto يعني حقيقي طريقو ۽ 1951ع کان De-Jure يعني مڪمل آدمشماريءَ وارو طريقو استعمال ڪيو پيو وڃي. ان جو واحد سبب اهو هو، جو جيئن ته لڏپلاڻ ڪري ايندڙ سرحدن کان سنڌ ۾ داخل ٿي رهيا هئا ۽ اهو عمل مستقل جاري هو. هو سفر ۾ هئا، ان ڪري لياقت علي خان انهن جي مفاد ۾ ايئن ڪيو ته جيئن اڌ سفر وارا به ڳڻجي سگهجن، ۽ اڃان تائين اهو طريقو رائج آهي. لياقت علي خان ته لڏپلاڻ ڪري ايندڙن جي مفاد ۾ آدمشماريءَ جو اهو ٻيو طريقو رائج ڪيو ۽ آمر ايوب خان ون يونٽ قائم ڪري سنڌ تي ڌاري آباديءَ جو وڌيڪ بار وڌو، پر گهٽ ذوالفقار علي ڀٽو به نه ڪيو. 1973ع جو آئين ڀٽو صاحب جو ئي ٺاهيل آهي، هن ان آئين ۾ سنڌ ۾ ايندڙ ٻاهرين ماڻهن کي آئيني تحفظ ڏئي ڇڏيو. 1973ع جي آئين جو آرٽيڪل 15C)) چوي ٿو ته ”هر هڪ صوبي جي هر هڪ ماڻهو کي عام اجازت آهي ته هر هڪ شهريءَ کي مفاد عام خاطر ظاهر لاڳو ڪيل واجبي بندش سان پاڪستان ۾ ڪٿي به گهر اڏڻ ۽ رهائش جو اختيار ۽ حق حاصل هوندو.“ 1973ع کان پوءِ توڙي اڳ سنڌ ۾ آيل غير قانوني ماڻهن جو تحفظ ان آئين ڪيو. 1956ع، 1962ع ۽ 1973ع جي آئين ۾ اهو نقطو موجود آهي ته، اها مرڪز جي ذميواري آهي ته اها هڪ صوبي مان ٻئي صوبي ڏانهن لڏپلاڻ تي مقامي ماڻهن جي مفادن جو خيال رکندي ضروري قانون جوڙي! پر ان تي عمل نه ٿيو آهي. 1990ع جي نومبر، ڊسمبر ۾ ٿيل آدمشماريءَ جي پهرين مرحلي يعني گهر ڳڻپ کي تسليم نه ڪيو ويو ۽ ڳڻپ جو نتيجو رد ڪيو ويو. 1991ع جي آدمشماريءَ لاءِ 90ع جي آخر ۾ شروع ڪيل گهر شماريءَ جي پهرين مرحلي کي اڌ ۾ ئي ڇڏيو ويو. ان دوران پهرين مرحلي واري ڪم جو وڏو حصو، جنهن ۾ گهر ڳڻپ ۽ جاگرافي سروي وغيره شامل هو، مڪمل ٿي چڪو هو ۽ 22 نومبر 1990ع کان مردم شماري جو عمل به شروع ٿي چڪو هو، جيڪو ڊسمبر 1990ع ۾ پورو نه ٿيو. ماڻهن جي عمر، تعليم، پيشو وغيره معلوم ڪرڻ وارو وڌيڪ عمل مارچ 1991ع ۾ شروع ٿيڻو هو، پر ان سڄي ڳڻپ کي مورڳو رد ڪيو ويو. ان 90ع-1991ع واري ڳڻپ کي رد ڪرڻ جو واحد سبب سنڌي قوم جي سجاڳي هئي ۽ ان سجاڳيءَ ڪري سنڌي قوم جو صحيح تعداد پهريون ڀيرو ڪاغذ جي ٽڪڙن تي لکجي آيو هو. جيڪو سنڌ جي مخالفن لاءِ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه هو ۽ انهن ان کي رد ڪري، جواز اهو ڄاڻايو ويو ته ڳڻپ ۾ ڌانڌلي ٿي آهي ۽ ٻهراڙي ۾ آبادي ايتري ناهي، جيتري ڄاڻائي وئي آهي. هوڏانهن تاريخي رڪارڊ ڏسڻ بعد خبر پوي ٿي ته ٻهراڙيءَ جي آبادي هميشه شهرن کان وڌيڪ رهي آهي. پاڪستان جي ڪل 120.84 ملين آباديءَ مان 82.77 ملين ماڻهو ٻهراڙين ۾ ئي رهن ٿا. شهرن ۾ صرف 38.7 ملين ماڻهو رهن ٿا. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته وڌيڪ اسڪول، اسپتالون وغيره ٻهراڙين ۾ هجڻ گهرجن. پر هتي نظام الٽو آهي. ٻهراڙين ۾ هڪ چورس ڪلوميٽر ۾ 150 ماڻهو رهن ٿا، 1972ع ۾ اهو تعداد 85 ماڻهو في چورس ڪلوميٽر ۽ 1981ع ۾ 105 ماڻهو هو. ٻهراڙين ۾ ماڻهن جي آباديءَ ۾ واڌ جا مکيه سبب هي آهن. . ٻهراڙيءَ ۾ ڪٽنب جي ڀاتين جو تعداد گهڻو هوندو آهي. . ڄم روڪ تي ڌيان نه ڏنو ويندو آهي. . ننڍي عمر ۾ شاديون ٿينديون آهن، تنهن ڪري ڪٽنب وڏو ٿيندو آهي. پر اهڙين حقيقتن کان منهن موڙي ٻهراڙيءَ ۾ غلط آدمشماري جا الزام هڻي آدمشماري رد ڪئي وئي. 1991ع جي آدمشماريءَ ۾ سنڌين معجزو ڪري ڏيکاريو هو. اهو ويهين صديءَ ۾ سنڌين جو بحيثيت قوم واحد معجزو هو. اهو معجزو هو سنڌ جي قومپرستن، وفاق پرستن، ترقي پسندن، ڪميونسٽن، کاٻي ڌر، ساڄي ڌر، مذهبي ڌرين، سماجي، ثقافتي تنظيمن، اين جي اوز، صحافين، ليکڪن، شاعرن، دانشورن، استادن، شاگردن، عورت، مرد، ننڍن توڙي وڏن، ٻڍڙن توڙي ٻارن مزدورن توڙي هارين مطلب سڀني سنڌين جي هڪ ايجنڊا ”آدمشماري ۾ هر سنڌيءَ کي ڳڻائڻو آهي“ تي عملي طور متفق ٿيڻ هو، ۽ سنڌين اهڙو اتحاد ڪري تاريخي طور وڏو ڪم ڪري ڏيکاريو. جيتوڻيڪ ان اتحاد جو واحد سبب ”خوف“ هو. ان اقليت ۾ تبديل ٿيڻ واري خوف سبب سنڌي قوم تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غير مشروط اتحاد ڪيو ۽ نتيجو اهو نڪتو جو آدمشماريءَ ۾ سنڌين جو صحيح تعداد چار ڪروڙ سامهون آيو، جيڪو بهرحال قبول نه ڪيو ويو. پر سنڌين قلم جو جهيڙو واهه جو جوٽيو. هڪ ڳالهه ذهن نشين ٿيڻ گهرجي ته جيستائين آدمشماريءَ جو توازن سنڌين جي حق ۾ رهيو، تيستائين سياسي، جاگرافيائي، ثقافتي ۽ قومي تاريخ محفوظ رهندي. ان لاءِ هاڻي موجوده آدمشماريءَ واري مرحلي ۾ به اسان سڀني کي هڪدم سرگرم ٿيڻو پوندو. ليکڪ، صحافي قلم کڻي ميدان ۾ لهن، سياسي سماجي تنظيمون خاص ڪري قومپرست پارٽيون، هڪ لائحه عمل جوڙي عوامي سجاڳيءَ جي مهم هلائين ۽ پنهنجي سڄي نيٽ ورڪ کي ان لاءِ استعمال ڪن. ياد رکڻ گهرجي ته جيستائين آباديءَ جو واضح توازن ڌرتي ڌڻين جي پاسي آهي، دنيا جي ڪا به طاقت مٿن ڪنهن به ناانصافي جو ڪو به اخلاقي، قانوني جواز مهيا نٿي ڪري سگهي. [/JUSTIFY] روزانه ڪاوش 11 مارچ 2011
جواب: سنڌ آدمشماريءَ لاءِ ڪهڙي تياري ڪئي آهي؟ ڀاوء محمد سليمان وسان ! ھن مضمون کي ھن فورم تي آڻي اسان جي ھمت افضائي ڪئي اٿوَ ۽ اسان کي ڪم ڪرڻ جو حوصلو ڏنو اٿوَ ۔ ان لاءِ لک ٿورا سا ئين جن جا ۔ ڇاڪاڻ ته ڳڻپ واري ان ڪميٽي جيڪا ڪراچي ڊويزن لاءِ جوڙيل آھي ان جو آءُ به ميمبر آھيان ۔ وڏي مھرباني ۔