• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پولار جي طوفاني بئٽنگ سبب ويسٽ انڊيز جي آئرلينڊ خلاف ڪاميابي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
موهالي ۾ کيڏي ويندڙ اڄوڪي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ڪيرون پولار جي طوفاني بئٽنگ ۽ ڊيون سمٿ جي زميدارانه سينچري سبب ويسٽ انڊيز آئرلينڊ خلاف 44 رنز تان ڪاميابي حاصل ڪئي۔

پهريان بئٽنگ ڪندي آئرلينڊ جي بهترين بالنگ سبب ويسٽ انڊيز سست رفتاري سان اسڪور ڪيو پر آخري اوورن ۾ ڪيرون پولار جي 55 بالن تي 94 رنز جنهن ۾ 5 ڇڪا ۽ 8 چوڪا شامل هئا ويسٽ انڊيز اسڪور کي 275 رنسن تائين پهچايو ۽ پوري ٽيم 50 هين اوور جي آخري بال تي آئوٽ ٿي وئي۔ ڊيون سمٿ به شاندار بئٽنگ ڪئي ۽ 107 رنسون ٺاهيون۔ زمبابوي پاران ڪيون اوبرائن 4 وڪيٽون حاصل ڪيون۔

جواب م آئرلينڊ جي ٽيم 49 هين اوور ۾ 231 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي۔ جوائس 84 ۽ ولسن 61 رنسون ٺاهيون۔ ويسٽ انڊيز پاران سليمان بين 4 ۽ ڊيرن سمي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون۔ اهڙي طرح ويسٽ انڊيز هي ميچ 44 رنسن تان کٽي ورتي۔

اڄوڪي ميچ جو هيرو ڪيرون پولار

33cbwwz.jpg


http://www.youtube.com/watch?v=SUjlMscSRyY
 
Back
Top