نثارناز
سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا ساٿيو، اڄ مونکي انتهائي خوشي پئي ٿئي ته سانئڻ اندرا شبنم وڏا وڙ ۽ احسان ڪري مونکي اجازت ڏني ته سندس جئه پور مهاشٽر انڊيا واري علمي ، ادبي ۽ معلوماتي دوري جو تصويري اکين ڏٺو حوال جيڪو هُنن جئه پور ۽ اجمير شريف ۾ 3 مارچ 2011 کان وٺي 9 مارچ تائين ڪيو هو سنڌ سلامت تي صرف مان ونڊ ڪريان، سانئڻ اندرا جا اهي ٿورا وسارڻ جهڙا ئي ڪونه آهن دوستو سنڌ سلامت کي هاڻي پوري دنيا جا سنڌي ڏاڍي شوق سان وزٽ ڪن ٿا، انهن ۾ اسان جا هند ۾ رهندڙ سنڌي ڀائر ۽ ڀينرون پڻ سرفهرست آهن ، دوستو توهان کي خبر هُئڻ کپي ته انڊيا ۾ ايم بي سنڌي کي تمام گهٽ اسان جا سنڌي يوز ڪندا آهن اُتي سنڌي لکڻ لا اڃان تائين پُراڻي لپي يوز ٿيندي آهي، ڪجهه دير پهرين سانئڻ اندرا شبنم مون سان اسڪائپي تي ڳالهائيندي ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته هُن جي وڏي تمنا آهي ته هُو سنڌ سلامت جي ميمبر ٿي، سنڌ ڌرتي ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪري پر هُو صرف ان ڪري پريشان آهي ته کيس سنڌي ايم بي واري ڪي پنهنجي ونڊو ۾ لڳائڻ ڪانه ٿي اچي، ان سلسلي ۾ مون کين اسان جي شاگرد ۽ سنڌ سلامت جي کاهوڙي ميمبر ادا رنجيت ساحل رام رکيا جو ڏس پتو ڏنو اٿم ۽ کين گُذارش ڪئي اٿم ته رنجيت کي گهڙي کن لا گهرائي سنڌي ڪي کي پنهنجي پي سي ۾ انسٽال ڪري سنڌي ٻولي کي لکڻ جي ڪوشش ڪن، منهنجي انهي ڳالهه تي پاڻ تمام گهڻي خوش ٿي۔ ان کان علاوه اندرا شبم پونا والا جو چوڻ آهي ته اجمير شريف جي دوري جون تصويرون مصروفيات سبب ونڊ ڪري نه سگهي آهي جيڪي هُو اول خير سڀاڻي شيئر ڪندي. خير هاڻي پيش آهن ڀيڻ اندرا شبنم جي علمي ادبي دوري جو تصويري جهلڪيون محترما اندرا شبنم جي ذاتي ٿورن سان

جئه پور وڪٽوريه هال ميوزم انڊيا جي ديوار تي لکيل جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هي ميوزم ڪافي تاريخي حيثيت رکي ٿو

جئه پور وڪٽوريه هال ميوزم انڊيا ۾ رکيل ڪاشي جا ٿانو جيڪي پنهنجي خوبصورتي جي لحاظ کان ان دور جي شاندار عڪاسي جو ڏيک ڏين ٿا۔

جئه پور پيلس انڊيا جو خوبصورت نظارو

جئه پور وڪٽوريه هال ميوزم انڊيا ۾ رکيل هڪ خوبصورت چڪرو ۽ ان ۾ نهايت ئي دلڪش چٽ سازي

سنڌ جي گهوٽ مرشد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ايجاد دنبوري جي هم شڪل رکيل دنبورو پڻ انڊيا جي جئه پور وڪٽوريه هال ميوزم جي هڪڙي اهم ترين شي آهي

بلڪل سنڌي دنبورن جهڙن شڪل جا ساز

سانئڻ اندرا شبنم جو انتهائي مسڪرائيندڙ انداز جئه پور وڪٽوريه هال ميوزم انڊيا ۾ رکيل قديم سازن سميت

سانئڻ اندرا برلا مندر انڊيا جي علائقي ۾ ٽارين کان وانجهيل سُڪل وڻ جي سامهون بيٺي آهي سانئڻ اندرا شبنم جو چوڻ آهي ته کيس اهو وڻ تمام گهڻو سُٺو لڳندو آهي آخر ته شاعره آهي سندس سوچون سدائين جب بهار آئي تو صحرا ڪي طرف چل نڪلا وانگر ئي هونديون۔

جئه پور انڊيا ۾ سنڌين طرفان هڪڙو ڀلوڙ مشاعرو منعقد ڪرايو ويو جنهن ۾ سانئڻ اندرا شبنم تمام خوش نظر اچي رهي آهي انهي مشاعري ۾ نصب ٿيل بينر پڻ واضح نظر اچي رهيو آهي

واهه واهه هنڌ ۾ رهندڙ سنڌي ڀيڻ جئه پور واري ميوزم ۾ گوتم ٻُڌ جي کوڙ سارن مجسمن جي اڳيان بيٺي آهي سانئڻ اندرا جي چوڻ مطابق کيس گوتم ٻُڌ جي فلسفي سان پيار جي حد تائين اُنسيت آهي