ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينٽرل باڊي جو اجلاس پارٽي چئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت هيٺ ترقي پسند هائوس تي ٿي گذريو جنهن ۾ علي حسن چانڊيي، ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ، نندلال مالهي، قادر چني، مظفر ڪلهوڙي ۽ هوت خان گاڏهي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ يوم مادر وطن جي جلسي، سنڌ جي صورت حال، ايندڙ گھر ۽ آدم شماري ۽ قاسم آباد جي سماجي مسئلن جي حل لاءِ لائحه عمل تي تفصيلي ويچاريو ويو. اجلاس ۾ 5 اپريل کان 19 اپريل تائين ٿيندڙ گھر شماري ۽ آگسٽ کان شروع ٿيندڙ آدم شماري بابت لائحه عمل جوڙيندي. فيصلو ڪيو ويو ته ايس ٽي پي ان سلسلي ۾ پنهنجو ڀرپور سرگرم۽ فعال ڪردار ادا ڪندي. قوم پرست اتحاد سپنا جي پليٽ فارم کي عوامي جاڳرتا لاءِ سرگرم بنايو ويندو. هر ضلعي ۾ پارٽي ورڪرز عوامي سجاڳي مهم هلائيندا ۽ هينڊبل ڇپرائي عوام کي گھر ۽ آدم شماري ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي ويندي. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ايم ڪيو ايم ايندڙ آدم شماري ۾ سنڌين کي اقليت ۾ ڏيکارڻ لاءِ سازشون شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ سنڌ سرڪار ايم ڪيو ايم وٽ يرغمال بڻيل آهي جنهن ڪري خطرو آهي ته سنڌي پنهنجي وطن ۾ هڪ گھري سازش سبب اقليت ۾ نه بدلجي وڃن. هن چيو ته آئون هر سنڌ ڄائي کي اپيل ٿو ڪريان ته سنڌ تي پنهنجي حاڪميت واري ڪائناتي حق بچائڻ لاءِ ٻولي جي خاني ۾ سنڌي لکرائي سنڌ امڙ جي ٿڃ ملهائين. هوڏانهن سياسي، سماجي تنظيمن ۽ سڄاڻ ڌرين سان گڏيل حڪمت عملي جوڙي سنڌي ماڻهن کي آدم شماري ۾ ڀرپور حصو وٺرائڻ لاءِ عوامي تحريڪ، سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم ۽ ايس پي او طرفان 13 مارچ تي ايس پي او آفيس قاسم آباد حيدرآباد ۾ ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي، سيد عالم شاهه، سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم جي اڳواڻ پروفيسر اعجاز قريشي، شفيق حيدر موسوي، پروفيسر سعيده بشير ۽ ايس پي او جي غلام مصطفى بلوچ پاران مختلف سياسي، سماجي، استادن ۽ شاگردن جي تنظيمن ۽ سڄاڻ شخصيتن کي دعوتن ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي. هوڏانهن عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ جون سياسي ۽ سماجي تنظيمون، استاد، شاگرد، وڪيل، صحافي واپاري ۽ سنڌ جا گهڻ گهرا آدم شماري ۾ سنڌي ماڻهن کي ڀرپور حصو وٺرائڻ لاءِ اڳيان اچن. هن چيو ته گهر شماري ۽ آدم شماري سنڌ جو اهم مسئلو آهي. هن چيو ته 13 مارچ جي ڪانفرنس ۾ گڏيل صلاح مصلحت سان گڏيل حڪمت عملي جوڙي ويندي ۽ ان ۾ عوامي تحريڪ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي.
ايس يو پي ڪارڪن آدم شماري لاءِ گهر گهر وڃن: جلال شاهه
ڪراچي (پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي دستوري اجلاس کي خطاب ڪندي پارٽي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ ايندڙ آدم شماري ۽ گهر شماري ۾ ڀرپرو حصووٺڻ جون تياريون ڪيون وڃن، ڇاڪاڻ ته هي آدم شماري سنڌ جي وجود ۽ بقا جي لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿي، جڏهن ته ٿوري به غفلت يا لاپرواهي ڪئي وئي ته ان جو نقصان ايندڙ نسلن کي ٿيندو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي سماج جي مخصوص حالت ۾ انساني آبادي گهڻو ڪري ڇڙوڇڙ، خانه بدوش رهي آهي ۽ ويتر هن ٻوڏ جي ڪري لکين ماڻهو پنهنجي اباڻن پٽن تان دربدر ٿيل آهن ۽ اهي انتهائي تڪليف ۾ گذاري رهيا آهن، جنهن جي ڪري آدم شماري ۽ گهر شماري ڪرڻ تمام ڏکيو عمل آهي. پارٽي سربراهه پنهنجي ڪارڪنن کي چيو ته اهي سڄي سنڌ ۾ گهر گهر وڃي عوام کي آدم شماري جي ٿيندڙ قاعدن قانون کان آگاهي ڏين ۽ پنهنجي خانداني گهراڻن جي شماري سان گڏ سنڌي ٻولي کي لازمي درج ڪرائڻ پنهنجو قومي فرض سمجهن. هن چيو ته صحيح آدم شماري ڪرڻ سان سنڌ جي حق حاڪميت، وسيلن جي ورهاست ۽ قدرتي وسيلن تي مالڪي جي حقن جو دارومدار آدم شماري سان ڳنڍيل آهي.
روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان