• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻولين ۾ ڊڪشنري مرتب ڪندڙ استاد الهڏنو عباسي لاڏاڻو ڪري ويو

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
ٽنڊوباگو جو رهواسي پنج ٻولين سنڌي، اردو، انگريزي، عربي ۽ فارسي ۾ لڳاتار 9 سالن جا 15 ڪلاڪ روزاني محنت ڪري ڊڪشنري مرتب ڪندڙ الهڏنو عباسي 70 سالن جي ڄمار ۾ ڪراچي جي سول اسپتال جي آءِ سي سي وارڊ ۾ خميس ٻنپهرن جو وفات ڪري ويو، کيس اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪرڻ لاءِ سندس مڙهه ٽنڊوباگو آندو ويو. مرحُم الهڏنو عباسي تعليم کاتي مان رٽائر ڪرڻ بعد تلهار شهر ۾ پرائيويٽ اسڪول قائم ڪيو، سندس سنڌي ٽو انگريزي گرامر بابت ٻه ڪتاب ڇپيل آهن، پاڻ 1970ع کان وٺي لاڙ جي ادبي علمي ۽ تعليمي خدمتون سرانجام ڏيندڙ غلام محمد ٽالپر جي نالي سان اولڊ بوائز ايسوسيئيشن قائم ڪري سماجي ڪم ڪرڻ جي شروعات ڪئي، سگا ۾ پڻ سرگرم رهيو. 35 سالن جي ڪوشش باوجود سندس مرتب ڪيل ڊڪشنري ڇپجي نه سگهي،ٻه سال اڳ گهرو وزير سنڌ ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا ڊڪشنري ڇپائڻ جو اعلان ڪيو پر اهو به اڌورو رهجي ويو. 20 ڏينهن تائين اسپتال ۾ زندگي ۽ موت واري حالت ۾ سندس ڪنهن به واهر نه ڪئي.

روزانه عبرت جي ٿورن سان
 
Back
Top