ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
عالم، شاعر، محقق، مترجم، لطيفيات جو ماهر ڊاڪٽر تنوير عباسي
پبليڪيشن، تعليمي رٿابندي ۽ تحقيقي ڪاميٽيءَ جو ميمبر، شاهه لطيف ڪلچرل ڪاميٽي ڪراچيءَ جو ميمبر، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت جو باني ۽ مستقل ميمبر، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل (11 سالن تائين)، سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر، سچل يادگار ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري، سچل چيئر- شاهه لطيف يونيورسٽيءَ خيرپور جو باني ڊائريڪٽر ۽ سچل سرمست ميلي ڪاميٽيءَ جو ڪيترائي سال آرگنائيزر ۽ ٻين ڪيترن ادارن سان وابسته رهيو. سندس علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم جي مڃتا طور کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ انعام به مليا. سندس علمي ادبي پورهيي جو وچور هن ريت آهي:
(1) رڳون ٿيون رباب (شاعري: 1958ع)، (2) شعر (1970ع)، (3) جي ماريا نه موت (ويٽ نامي ناول جو ترجمو: 1973ع)، (4) ٻاراڻا ٻول (چونڊ ۽ ترتيب: 1973ع)، (5) شاه لطيف جي شاعري (تحقيق: جلد I- 1976ع)، (6) شاهه لطيف جي شاعري (جلد ٻيو، 1985ع)، (7) شاهه لطيف جي شاعري (3 جلد گڏ، 1989ع)، (8) سج تريءَ هيٺان (شاعري: 1977ع)، (9) جديد سنڌي شاعري (چونڊ ۽ ترتيب: 1981ع)، (10) خير محمد هيسباڻيءَ جو ڪلام (ترتيب: 1983ع)، (11) نانڪ يوسف جو ڪلام (ترتيب: 1982ع)، (12) ڏوري ڏوري ڏيهه (سفرنامو: 1984ع)، (13) هيءَ ڌرتي (شاعري: 1985ع)، (14) Sachal Sarmast، (15) منهن تنين مشعل (خاڪا: 1990ع)، (16) تنوير چئي (شعري ڪليات:1989ع)، (17) ترورا (ادبي مضمون، خاڪا، يادگيريون، سفرنامو: 1988ع)، (18) ساجن سونهن سرت (شاعري: 1996ع)، (19) سپني کان سهڻي ساڀيا (تقريرون ۽ ليڪچر: 2002ع)، (20) سچل جو رسالو (ترتيب:اڻ ڇپيل)، (21) مون کي اڳتي وڃڻو آهي (سفرناما: 2000ع).سنڌي شاعر، ادب، جديد ٻوليءَ، ڪلچر، ڪلاسيڪي شاعريءَ ۽ ٻين موضوعن تي سندن سوين مقالا، مضمون ۽ مهاڳ لکيل آهن. ويهين صديءَ جو هيءَ ڏاهو انسان، 25 نومبر 1999ع تي، اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. تنوير عباسي وصيت ڪئي هئي ته وفات بعد سندس لاش ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن کي تجربا ڪرڻ لاءِ ڏنو وڃي، پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو. البت سندس آخري خواهش هئي ته سندس اکيون آپريشن ذريعي ڪنهن محتاج کي ڏنيون وڃن. سندس وصيت تي عمل ڪيو ويو ۽ سندس اکين سان اڄ هڪ نياڻي ۽ هڪ نوجوان هن دنيا کي ڏسي پنهنجي زندگي خوش خوش گذاري رهيا آهن. تنوير عباسيءَ جي آخري آرامگاهه اسلام آباد ۾ آهي. تنوير عباسيءَ جي ياد ۾ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ خيرپور ۾ تنوير ڪارنر قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جو انچارج اياز گل آهي، تنوير بابت (1) تنوير عباسي- هڪ مطالعو (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، (2) پوان شل قبول (مرتب: اياز گل)، (3) مان تنوير آهيان (مرتب: مشتاق ڪلهوڙو) ۽ ٻيا ڪتاب ڇپيل آهن. تنوير ڪارنر پاران سندس چونڊ شاعريءَ تي مشتمل پاڪيٽ سائيز ڪتابڙو ”روشن آ سانجهي“ اياز گل ترتيب ڏئي 2008ع ۾ ڇپايو آهي. ڪيترن علمي ادبي ادارن پاران ادبي تحقيق ۽ تنقيد تي تنوير عباسي شيلڊون ۽ اوارڊ ڏنا وڃن ٿا.
http://www.youtube.com/watch?v=tW_dDJLNXGk