ادا هي مضمون مونکي تمام سُٺو لڳو آهي پڙهي ٻُڌايو توهان کي ڪيئن لڳو بينظير ڀٽو جي شهادت: محرڪ، نتيجا ۽ گهُرجون! جامي چانڊيو ..... نيٺ بينظير ڀٽو جي شهادت ۽ جدائيءَ کي هڪ سال ٿي ويو. هن کي موڪلائي سال گذري چڪو آهي. اُن باوجود اهو ويساهه نه ٿو اچي ته بي نظير ڀٽو هاڻي سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا ۾ نه رهي آهي. موت جي گهڙي هر ڪنهن جي زندگيءَ ۾ ضرور اچي ٿي پر ڪُمَهلا موتَ ۽ اُهي به غير معمولي عوامي اڳواڻن جا- سچ پچ ته عوام ۽ پنهنجي دؤر کي لوڏي وجهندا آهن. بينظير ڀٽو جي شهادت به رڳو سنڌ ۽ پاڪستان نه پر دنيا ۾ ماڻهن جا جيءُ جهوري وڌا آهن، بينظير هڪ سياستدان ۽ گهڻ طبقاتي سياسي پارٽيءَ جي وڏي اڳواڻ هئي، ان ڪري تڪراري به هئي. هوءَ جيئري هئي ته سڄِي ڄمار محبتن، تنقيدن ۽ مخالفتن جو محور رهي ۽ جنهن سورهيائيءَ سان موت جي وادين ۾ هلي وئي، ان رويي سندس شهادت کي عوام لاءِ هڪ سياسي ئي نه پر روحاني زلزلي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. بهادريءَ ۽ تضاد جي اها روايت به کيس پنهنجي پيءُ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي کان ورثي ۾ ملي هئي. جيئن ته ماڻهو اڃا تائين انتهائي حساسيت ۾ ورتل ۽ جذباتي ڪيفيت ۾ آهن، جيڪو ردعمل فطري به آهي، ان ڪري اڃا تائين اهو سوال سنجيدگيءَ ۽ غير جذباتيت سان بحث هيٺ نه آيو آهي ته بينظير ڀٽو جي شهادت جا محرڪ ڪهڙا هئا؟ ان پٺيان اصل قوتون ڪهڙيون آهن يا ٿي سگهن ٿيون؟ انهن قوتن بينظير ڀٽو جي قتل مان ڪهڙا مفاد حاصل ڪرڻ ٿي گهُريا؟ ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته هن غير معمولي واقعي جا هن خطي، پاڪستان ۽ سنڌ جي سياست تي ڪهڙا اثر پوندا؟ ۽ پئجي رهيا آهن. جيتوڻيڪ بينظير ڀٽو جي شهادت جو سانحو ماضي ٿيندو پيو وڃي پر تنهن هوندي به ملڪ جو عوام ۽ خاص طور سنڌ ۾ سنڌي ماڻهو شديد ڏک ۽ غير معمولي ذاتي ۽ قومي نقصان ۽ هاڃي جي ڪيفيت ۾ آهن. ڪاوڙ، ڏک، نفرت، محبت، احتجاج ۽ مزاحمت جا جذبا ماڻهن جي سوچ، جذباتي حالت، گفتگوءَ ۽ روين ذريعي پنهنجو اظهار ڪري رهيا آهن. هونئن ته سندس والد ذوالفقار علي ڀُٽي جي شهادت پڻ عوام ۽ خاص طور سنڌي ماڻهن کي نفسياتي ۽ روحاني طور ڌوڏي ڇڏيو هو پر بينظير ڀٽو جي شهادت جو اثر عوام تي ان کان گهڻو وڌيڪ ٿيو آهي، جنهن جو هڪ سبب اهو به آهي ته ان زماني ۾ عوام ۽ خاص طور سنڌي عوام ايترو نڌڻڪو نه هو ۽ ملڪي حالتون ايترو خراب ۽ پيچيده نه هيون. ان جو هڪ سبب احساساتي به ٿي سگهي ٿو جو هوءَ هڪ عورت اڳواڻ هئي، جنهن ۾ عوام اول هڪ بهادر ڌيءُ، پوءِ هڪ ڀيڻ ۽ آخر ۾ هڪ مهربان ماءُ جو احساس ٿي ورتو. مون سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي نظر ۾ هي عظيم سانحو سندس والد ذوالفقار علي ڀُٽي جي شهادت کان به وڏو الميو آهي. ايڪيهين صديءَ ۾ پنهنجي صلاحيت، سياسي قدبُت ۽ عوامي توڙي عالمي مقبوليت جي حوالي سان شهيد بينظير ڀٽو جي پايي جا پاپولر عوامي سياستدان پاڪستان ۽ ڏکڻ ايشيا ته ڇا پر دنيا ۾ ورلي نظر ايندا. سندس شهادت به ايڪيهين صديءَ جو هڪ وڏو سانحو آهي، جيڪو زمانن تائين عوام جي روحن ۾ ڀڳي هَڏَ جيئن ڏُکندو رهندو. بينظير ڀٽو جي شهادت ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ جي سياسي تاريخ جو ايترو ته وڏو حادثو ۽ الميو آهي، جنهن جا اثر عوام جي ذهنن، روحن ۽ مجموعي طور سياست تي وڏو عرصو رهندا. اهڙن غير معمولي هاڃن ۽ حادثن جي نتيجي ۾ ماڻهو وقتي طور رڳو جذباتي وهڪرن ۾ به لڙهي ويندا آهن ۽ سموري ڳالهه ٻولهه (Discourse) جا معروضي، عقلي ۽ سياسي بنياد لُڏي ويندا آهن، نتيجي ۾ عوام دشمن قوتن لاءِ نهايت آسان ٿي پوندو آهي ته اهي عوام جي جذباتي ڪيفيت کي غلط رخ ۾ وٺي وڃن ۽ عوام جي ڏک ۽ هاڃي کي عوام جي مفادن خلاف ئي استعمال ڪن. اسان وٽ اهڙن امڪانن جي گنجائش ان ڪري به وڌيڪ هوندي آهي جو بطور قوم ۽ معاشري جي اسان سنڌي ماڻهن تاريخ ۾ ڪي به وڏا ۽ غير معمولي بحران نه ڏٺا آهن. نه اسان وٽ ڪي وڏيون جنگيون لڳيون، نه وڏا زلزلا ۽ قدرتي آفتون آيون، نه اسان وٽ تاريخ ۾ ڪڏهن ڪو وڏو قتلام ٿيو ۽ نه ئي وري ڪي وڏا ڏڪار آيا، جو ماڻهن ۾ ذهني، فڪري ۽ روحاني طور وڏن بحرانن کي منهن ڏيڻ جي ڪا سگهه هجي. ان حوالي سان سنڌي ماڻهو مجموعي طور بطور سماج جي ڄڻ ته بانبڙا پائيندڙ ٻارَ آهن، خاص طور ان جو مڊل ڪلاس ۽ ان جو به اهو حصو جيڪو قلم، زبان ۽ سوچ ذريعي ان جي نمائندگي ڪري ٿو. بينظير ڀٽو جي شهادت جي عظيم سانحي ۽ ڏک جي موقعي تي به عوامي ۽ صحافتي سطح تي اهڙن روين جي اظهار جا واضح اشارا ملندا رهيا آهن. جڏهن ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن عظيم ڏک کي مايوسيءَ، ٺلهي ماتم، انارڪيءَ ۽ مستقبل ۾ اويساهيءَ بدران ذهني، روحاني ۽ سياسي طور هڪ غير معمولي ۽ منظم طاقت ۾ تبديل ڪيو وڃي ۽ ٺلهي ۽ سطحي جذباتيت بدران پختي سياسي شعور جو نه رڳو مظاهرو ڪيو وڃي پر ان کي وڌيڪ سگهارو پڻ ڪيو وڃي. اهو ئي بينظير ڀٽو جي شهادت جو حقيقي سياسي بدلو هوندو. اچو ته هن واقعي جي پسمنظر ۽ پيشمنظر جي حوالي سان امڪاني سببن، نتيجن ۽ خدشن تي هڪ نظر وجهون. (1) بينظير ڀٽو جي شهادت پٺيان ڪهڙا محرڪ ٿي سگهن ٿا؟ بينظير ڀٽو کي بظاهر ته قتل ان ماڻهوءَ ڪيو جنهن مٿس لياقت باغ ۾ فائر ڪري پاڻ کي به اجل جو شڪار بڻايو پر اهو سوال اهم آهي ته سندس اصل قاتل ڪير آهن؟ يا اُن نظر ايندڙ قاتل جي آڙ ۾ ڪنهن ٻئي جديد هٿيار سان کيس نشانو بڻايو؟ اهو هڪ وڏو ۽ بنيادي سوال آهي. منهنجيءَ نظر ۾ امڪاني طور چئن محرڪ قوتن جي انفرادي توڙي گڏيل سازش ۽ حڪمت عمليءَ تي غور ڪري سگهجي ٿو. (الف) جيتوڻيڪ بينظير ڀٽو هڪ وڏي عوامي اڳواڻ ته هئي پر هوءَ ڪا انقلابي اڳواڻ نه هئي. هن پنهنجي سياسي سفر جو وڏو حصو اسٽيٽسڪو (Status-Quo) جي دائري اندر رهي سياست ڪئي پر ان باوجود جيئن ته هوءَ اسٽيبلشمينٽ جي پيدا ڪيل ڪا ڊمي نه پر ملڪ جي سڀ کان مقبول عوامي اڳواڻ، عالمي طور هڪ دانشور سياسي اڳواڻ جي حيثيت رکندڙ ۽ هڪ وڏي وفاقي پارٽيءَ جي اڳواڻ هئي، ان ڪري هوءَ سدائين اسٽيبلشمينٽ جي اک جو ڪنڊو رهي. اسٽيبلشمينٽ رڳو هن جي ذات يا پارٽيءَ کان نه ٿي ڊِني پر اُها اصل ۾ عوام جي ان سمنڊ کان ٿي ڊِني جيڪو هن جي پويان ڇوليون هڻندو هو. هن ملڪ ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ناجائز ۽ آپيشاهي طاقت جو اسٽيٽسڪو ان صورت ۾ ئي رهي سگهي ٿو، جڏهن سياست يا ته بنهه نه هجي يا ڪمزور هجي، جڏهن عوام جو سياست ۾ ويساهه نه هجي، جڏهن سياسي پارٽيون ڪمزور هجن، جڏهن ليڊرشپ عوام کان ڪٽيل ۽ ڪاغذي هجي. هو جو حبيب جالب شهيد بينظير لاءِ پنجويهه سال اڳ چيو هو ته، "ڊرتي هين بندوقون والي ايڪ نِهتي لڙڪي سي!" ته ان جو سبب رڳو هن جي ذات نه هئي پر اهو عوام هو، جيڪو سندس پويان هو. اِهو ئي سبب آهي جو پنهنجين سمورين سياسي مصلحت پسندين باوجود بينظير سدائين هڪ ڪنڊي جيان اسٽيبلشمينٽ جي اکين ۾ چُڀندي رهي ۽ کيس ڪڏهن به دل سان قبول نه ڪيو ويو. پوءِ ته مشرف به کُليل نموني چيو ته هوءَ فوجي اسٽيبلشمينٽ وٽ غير مقبول هئي. هڪڙي رَتَ پياڪ ۽ ڦورو ٽولي وٽ ڪو مقبول ترين عوامي اڳواڻ ڇا قبول به ٿي سگهي ٿو؟ بينظير ڀٽو جي شهادت جي حوالي سان ظاهر آهي ته پهرين خيال ان طرف ئي ويندو، ڇاڪاڻ ته سندس شهادت جو سڌو ۽ وڏو فائدو به ان ئي ڌر ۽ مفاد کي ٿيندو. اصل ۾ هن ڀيري بينظير ڀٽو هڪ مختلف روپ، ڪردار ۽ اعتماد سان واپس آئي، جنهن جي پويان هن جي عمر، تجربي ۽ شخصي سگهه سان گڏ وڏو هٿ سندس آمريڪا سان اسٽريٽجڪ ويجهڙائيءَ جو به هو. هن سندس سهڪار سان ملڪ واپس اچڻ کي ئي ملڪ جي مخصوص حالتن ۾ پنهنجي پارٽيءَ ۽ ملڪي سياست لاءِ ممڪن حل پئي سمجهيو. کيس خبر هئي ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ آمريڪا جي دٻاءُ کان منهن موڙڻ جو سَتُ ساري نه سگهندي. ٻئي طرف آمريڪا به هاڻي بظاهر پاڪستان ۾ رڳو اسٽيبلشمينٽ ۽ مشرف تي ڀاڙڻ جي پاليسي تبديل ڪري چڪو هو جو کين خبر هئي ته اندروني طور اسٽيبلشمينٽ ۽ مشرف بدلجندڙ حالتن ۾ سندن سڀ طرفا مفاد پورا نه ٿي ڪري سگهيا. مختلف مفادن ۽ محرڪن باوجود آمريڪا ۽ بينظير هڪ ٻئي جي اسٽريٽجڪ اتحاد جي اهميت کي نه رڳو سمجهيو ٿي پر ان جو ڀرپور فائدو به وٺڻ ٿي چاهيو. الميو اهو آهي ته کيس اهو سمجهه ۾ نه آيو ته ٽين دنيا اندر هن جهڙا مقبول عوامي اڳواڻ سڀ کان وڌيڪ ته آمريڪا کي ئي ناپسند هوندا آهن ۽ هو بظاهر مٿن هٿ رکي کيس ڌڪ ڪڍي سگهن ٿا يا ضرور ڪڍندا، جيڪا سندن روايت رهي آهي. ٽئين طرف اسٽيبلشمينٽ به اهو سمجهيو ٿي ته آمريڪا ۽ بينظير جي اسٽريٽجڪ ويجهڙائيءَ کانپوءِ ايندڙ وقت ۾ سندن مفاد ۽ طاقت جي توازن ۾ سندن حيثيت ۽ ناجائز مفاد تي ڪهڙا اثر پوندا؟ ان ڳالهه جو گهڻو امڪان موجود آهي ته اسٽيبلشمينٽ به ان ڏس ۾ جوابي حڪمت عملي ٺاهي هجي، جنهن مطابق پهرين مرحلي ۾ کيس ملڪ اچڻ جي اجازت ۽ اُها به پروٽوڪول سان ڏني وئي ۽ ٻئي مرحلي ۾ مٿس مختلف حملا ڪرائي اها ڳالهه اُڀارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته القاعده کيس مارائڻ چاهي ٿي ۽ نيٺ ٽئين مرحلي ۾ کيس بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو. اسٽيبلشمينٽ ڄاتو ٿي ته هڪ طرف آمريڪا هن خطي ۾ پاڪستان جو جيڪو مخصوص ڪردار چاهي ٿو، ان ۾ هاڻي صرف مٿس انحصار نه ڪيو ويندو پر شهيد بينظير پاڪستان ۾ سندن سياسي پُٺڀرائيءَ سبب مضبوط هوندي ۽ هن جو بنيادي ڪردار هوندو. شهيد بينظير جي قتل جو هڪ محرڪ اهو پڻ نظر اچي ٿو. (ب) شهيد بينظير جي قتل پٺيان ٻيو امڪاني محرڪ جيتوڻيڪ بظاهر نه رڳو نظر نه ٿو اچي پر اهو سموري بحث ۾ هيستائين ڪٿي ذڪر هيٺ به نه آهي پر بهرحال ان کي پڻ امڪانن کان ٻاهر رکي نه ٿو سگهجي. اهو فيڪٽر خود آمريڪا جو آهي. تازو آمريڪي ليکڪ Tim Weiner جو ڪتاب "Legacy of Ashes" شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ آمريڪي ڳُجهي اداري سي آءِ اي جي مڪمل تاريخ ڏنل آهي. سڄو ڪتاب بظاهر ويساهه ۾ نه اچڻ جهڙن واقعن ۽ حڪمت عملين سان ڀريو پيو آهي (اهو ڪتاب هر باشعور سنڌيءَ کي ضرور پڙهڻ گهرجي). ان ڪري بينظير ڀٽو جي قتل پٺيان اهو فيڪٽر به ٿي سگهي ٿو، جنهن کي ڪنهن به طور out Rule نه ٿو ڪري سگهجي. پر اهو سڀ تڏهن ممڪن آهي جڏهن آمريڪا پاڪستان کي ايندڙ وقت ۾ مڪمل طور ڪمزور ۽ Destabilize ڏسڻ ۽ ڪرڻ چاهيندو هجي- ۽ جيڪڏهن هن شهادت پٺيان اهو محرڪ آهي ته ان جا خدوخال ايندڙ وقت ۾ ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويندا. ڇاڪاڻ ته ٻيءَ صورت ۾ آمريڪا کي سڌيءَ ريت بينظير، سندس پارٽيءَ ۽ سياست مان ڪوبه خطرو نه هو. البته ائين ضرور آهي ته ٽين دنيا ۾ پاپولر عوامي سياسي اڳواڻ ڪڏهن به آمريڪا کان برداشت نه ٿيا آهن، ڇاڪاڻ ته منظم عوامي طاقت مان هميشه کين خطرو رهندو آهي. ان ڪري جيڪڏهن آمريڪا کي هن خطي ۾ پنهنجن اسٽريٽجڪ مفادن جي حوالي سان پاڪستان کي مڪمل طور ڪمزور ۽ بحراني حالت ۾ رکڻو آهي ته پوءِ ان ڏس ۾ آمريڪا جي ڪردار تي به ضرور غور ڪرڻ گهرجي. (پ) موجوده دؤر ۾ آمريڪا مخالف اسلامي ويڙهاڪ هڪ تنظيم ۽ تحريڪ جي صورت ۾ متحد آهن ۽ چيو وڃي ٿو ته پاڪستان ان جو هڪ اهم اڏو آهي. ان ڏس ۾ حسين حقانيءَ جو ڪتاب "Pakistan Between Mosque & Military" هڪ پڙهڻ جهڙو ڪتاب آهي، جيڪو هڪ آمريڪي ٿنڪ ٽئنڪ "ڪارنيگي انڊائومينٽ" شايع ڪرايو آهي. عام طور تي ان کي القاعده چيو وڃي ٿو پر مسئلو نالي جو ناهي. ممڪن آهي ته اهو نالو به دوکو هجي پر اها ڌر موجود ضرور آهي. ان ڌر ڄاتو ٿي ته بينظير آمريڪا جي آشيرواد سان ڪهڙي ڪردار ۾ پاڪستان واپس اچي رهي آهي؟ بينظير ڀٽو پاڻ به واپسيءَ کان اڳ ۽ پوءِ اها ڳالهه واضح ڪئي هئي ته هوءَ ان سوچ ۽ مفاد خلاف سياسي مزاحمت ڪندي ۽ حڪومت ۾ اچي ان سڄي معاملي تي وڏو اهم ڪردار ادا ڪندي. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته بينظير ملڪ جي واحد مقبول سياسي اڳواڻ هئي، جيڪا سياسي طور ان جنوني ۽ انتها پسند ڌر جو عوامي سطح تي مقابلو ڪري سگهي ها، ان ڪري ان حقيقت کي پڻ امڪانن کان ٻاهر رکي نه ٿو سگهجي ته بينظير جي قتل پٺيان القاعده جو به منظم هٿ هجي. ڇاڪاڻ ته هاڻي آمريڪا کي پاڪستان ۾ ان سطح جو اثرائتو سياسي ۽ عوامي اڳواڻ نه ملي سگهندو، جيڪو سچ پچ به مذهبي جنونيت جي هن لهر کي سياسي طور ڌڪ رسائي سگهي. اهو به ممڪن آهي ته اها واردات القاعده ۽ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جي هڪ حصي گڏجي عمل ۾ آندي هجي. (ت) چوٿون امڪان به بظاهر عجيب ۽ ويساهه ۾ اچڻ جهڙو نه ٿو لڳي پر ان کي پڻ رد نه ٿو ڪري سگهجي. اهو هيءُ آهي ته جيڪڏهن ايندڙ وقت ۾ هن خطي ۾ ڪي وڏيون تبديليون اڻ ٽر آهن، جيئن هڪ عرصي کان چيو پيو وڃي ته پوءِ ظاهر آهي ته اهو "ڪم" آمريڪا اڪيلي سر نه ڪيو هوندو. پوءِ ان ۾ پاڪستان جي ڳُجهن ادارن جو به اهم ڪردار هوندو، ڇاڪاڻ ته ضياءُ الحق جي دؤر ۽ افغان جنگ کان وٺي آمريڪا انهن ادارن کي سڌيءَ ريت ڊيل ڪندو رهيو آهي. ان ڏس ۾ جنرل حميد گل جا انٽرويوز رڪارڊ تي آهن. مٿين سمورين امڪاني صورتحالن ۾ بهرحال هڪ فيڪٽر ساڳيو آهي ۽ اهو آهي پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جو اُهو حصو جيڪو رياست جا سمورا اسٽريٽجڪ معاملا آمريڪا جي اشاري ۽ هدايتن تحت طئي ڪري ٿو. شهيد بينظير ڀٽو به مارڪ سيگل ڏانهن پنهنجي آخري اي ميل ۾ ان ڏانهن واضح اشارو ڪيو آهي. جيتوڻيڪ هن پرويز مشرف جو نالو کنيو آهي پر اها آڱر اڻ سڌيءَ ريت ان ئي ڌر ڏانهن کنيل آهي. اهو به ممڪن آهي ته هن سڄيءَ راند ۾ سندس پارٽيءَ مان به ڪو يا ڪجهه اهم ماڻهو ڳجهي نموني استعمال ٿيا يا ڪيا ويا هجن، خاص طور اُهي جن وٽ پنڊيءَ جي جلسي ۾ سندس سيڪيورٽيءَ جا انتظام هئا. ڇاڪاڻ ته جڏهن اها ڳالهه واضح ٿي چڪي هئي ته بينظير ڀٽو جي حياتي سخت خطري ۾ آهي ته پوءِ آخر پارٽيءَ طرفان سندس حفاظت لاءِ گهربل انتظام ڇو نه ڪيا ويا؟ قاتل چند قدمن جي فاصلي تان مٿس فائر ڪيو آهي ته پوءِ سوال آهي ته پارٽيءَ سندس حفاظت لاءِ باقي ڪهڙو انتظام ڪيو هو؟ ڪراچيءَ جي حملي ۾ سندس حفاظت جا انتظام ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جهڙن بهادر ۽ مٿس سِرُ گهوريندڙ ماڻهن وٽ هئا ته هوءَ وڏي حملي باوجود بچي وئي. سوال آهي ته پنڊيءَ ۾ اهڙو انتظام ڇو نه ڪيو ويو؟ ۽ اهو انتظام ڪنهن جي بِلي هو؟ اهو سوال به اچرج ۾ وجهڻ جهڙو آهي ته هاڻي جڏهن سندس پارٽي حڪومت ۾ آهي ۽ سندس وَرُ ملڪ جو صدر آهي ته پوءِ به سندس شهادت جي اعليٰ سطحي جاچ ڇو نه پئي ڪرائي وڃي؟ ڇا رڳو گڏيل قومن کي جاچ جي درخواست ڏيڻ ڪافي آهي؟ سوال آهي ته هن هيڏي وڏي اڳواڻ جو خون ايئن ڇو لڙهي ويو؟ (2) بينظير ڀٽو جي قتل جا پاڪستان ۽ ان جي سياست تي اثر: ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته شهيد بينظير ڀٽو پاڪستان جي هڪ عالمي طور مشهور ۽ مڃيل سياسي اڳواڻ هئي ۽ سندس پارٽي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي سياسي پارٽي آهي. ان ڪري ظاهر آهي ته سندس شهادت جا اثر پاڪستان ۽ ملڪي سياست تي پيا آهن ۽ مستقبل ۾ اڃا وڌيڪ پوندا. اچو ته ان جي بنيادي پاسن تي هڪ نظر وجهون. (الف) جيتوڻيڪ پاڪستان بابت دنيا ۾ ڪنهن کي به ڪا غلط فهمي نه آهي ته پاڪستان جو رياستي ڪردار ملڪ اندر، خطي ۾ ۽ عالمي طور ڇا آهي؟ پر ان باوجود بينظير ڀٽو جي شهادت پاڪستان بابت دنيا کي هڪ واضح نياپو اُماڻيو آهي ته هن ملڪ ۾ ڪير به محفوظ ناهي ۽ هن ملڪ کي هر قسم جي دهشتگرديءَ جي هڪ اڏي ئي نه پر مرڪز ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. بينظير ڀٽو شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي ڌيءُ هئي، اسلامي دنيا جي پهرين خاتون وزيراعظم هئي، ٻه ڀيرا وزيراعظم رهي چڪي هئي، جڳ مشهور سياسي دانشور هئي ۽ ملڪ جي سڀني کان مقبول عوامي اڳواڻ هئي- ان جو قتل ظاهر آهي ته دنيا ۾ پاڪستان جي اڳ ئي بدنام اميج کي ويتر پختو ڪيو آهي. جنهن جا غير معمولي نتيجا پاڪستان کي فوري طور نه پر هڪ Process ۾ ضرور ڀوڳڻا پوندا. پاڪستان تي اڳ به ڪو اعتبار نه ڪندو هو پر هن عظيم سانحي کانپوءِ ته پاڪستان جو رياستي ڪردار هن خطي، جمهوري سياست ۽ عالمي امن لاءِ سيڪيورٽي رسڪ بڻجي ويو آهي. اڳ اها رڳو ڳالهه ٿيندي هئي پر هاڻي ته دنيا پاڪستان کي هڪ ناڪام ئي نه پر دهشتگرد رياست طور ڏسي رهي آهي. بينظير ڀٽو جي شهادت ان تاثر کي يقين ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. (ب) بينظير ڀٽو جي شهادت دراصل سياست تي حملو پڻ هو. هن غير معمولي واقعي جو عوام تي وڏو اثر اِهو پيو آهي ۽ پوندو ته هن ملڪ ۾ سياست کي هاڻي هڪ اهڙو شعبو ۽ ڪم سمجهيو ويندو جتي ڪير به محفوظ ناهي. ذوالفقار علي ڀُٽي جي شهادت وقت حالتون ٻيون هيون ۽ ان واقعي مجموعي طور سياست ۽ وڌيڪ عوامي سياست کي هٿي ڏني ۽ ان لاءِ space پيدا ڪيو پر بينظير ڀٽو جي شهادت وقت پاڪستان ۾ حالتون ٻيون آهن. مجموعي طور ملڪ ۾ سياست ڪمزور ۽ غير منظم آهي. پاڪستان ۾ سياست هونئن به ڪو محفوظ شعبو ۽ ڪم نه رهيو آهي پر بينظير ڀٽو جي شهادت جي نتيجي ۾ پاڪستان اندر سياست مجموعي طور غير محفوظ ٿي وئي آهي ۽ اها ڳالهه مڃيل حقيقت طور سامهون اچي رهي آهي ته پاڪستان تي حقيقي طور قابض ٽولو ۽ مفاد ڪنهن به طور سياست ۽ خاص طور اها سياست جنهن ۾ عوام گڏ هجي، ان کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. ان ڪري سياست اندر غير يقينيت جو رويو وڌيڪ زور وٺندو. (پ) پاڪستان ۾ وفاق هونئن ئي موجود نه آهي. سڄو ملڪ هڪ خاص گروهه وٽ يرغمال آهي، جنهن جو تعلق گهڻي ڀاڱي هڪ صوبي ۽ هڪ خاص لساني ٽولي سان آهي. پاڪستان ۾ پنهنجين سمورين ڪمزورين باوجود وفاقي پارٽي پ پ پ آهي، جنهن جو نظريو به وفاقي آهي ۽ جنهن جو تنظيمي ڍانچو ۽ عوامي سگهه به ملڪ جي چئني صوبن ۾ آهي. انڪري بينظير ڀٽو جي شهادت ملڪ اندر وفاقي سياست کي فوري طور نه به سهي پر هڪ پراسس (Process) ۾ ويهاري ڇڏيندي. هڪ ملڪ جتي اڳ ئي سياست جا محرڪ وفاقي نه رهيا هجن، اُتي بينظير ڀٽو جي سطح جي اڳواڻ جو قتل سڌيءَ ريت وفاقي سياست جو ئي ته قتل آهي. نواز شريف جو موقف موجوده حالتن ۾ پ پ پ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ واضح ۽ بهتر آهي پر ذاتي حيثيت ۾ هو هڪ اڳواڻ طور بينظير ڀٽو جي جاءِ نٿو والاري سگهي. پاڪستان ۾ بينظير ڀٽو جي قدبت جي عالمي طور مڃيل اڳواڻ جو خال ڊگهي عرصي تائين ڪوبه ڀري نه سگهندو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اهو سوال وڏي اهميت رکي ٿو ته ڊگهي وقت تائين هن ملڪ جو وجود قائم رهندو به يا نه! (ت) بينظير ڀٽو هڪ سيڪيولر سوچ جي اڳواڻ هئي، جيڪا سڌيءَ ريت ۽ ڪمال بهادريءَ سان جنوني مذهبي ڌرين ۽ سندن سوچ سان سياسي ۽ نظرياتي مزاحمت ڪندي هئي. جيتوڻيڪ موجوده حالتن ۾ سندس اهڙي ڪردار پٺيان آمريڪا سان سندس لاڳاپن ۽ هم آهنگيءَ جو به هٿ هو پر ان کان قطع نظر به هوءَ هڪ سيڪيولر سوچ جي اڳواڻ هئي. بينظير ڀٽو جي شهادت سان ملڪي سطح تي سيڪيولر سوچ جي سياسي اظهار جو هڪ سگهارو آواز دٻجي چڪو آهي. ان ڪري مجموعي طور سندس شهادت سان سيڪيولر سوچ جي سياست کي ڌڪ لڳندو ۽ ماڻهو هن جيان مذهبي جنونيت خلاف مزاحمت کان لنوائيندا. بينظير ڀٽو شهيد جي سياست ۽ پاليسين سان اختلافن جي تمام گهڻي گنجائش موجود آهي پر هن جي غير معمولي بهادري ڪنهن به شڪ کان بالاتر آهي. بهادري سنڌ جي هن عجيب خاندان جي خمير ۾ آهي. ملڪي سطح تي هيءَ واحد عوامي طور مقبول اڳواڻ هئي جنهن جنوني ۽ انتهاپسند مذهبي قوتن کي للڪاريو ۽ سيڪيولر سياست کي سندن آڏو گوڏا کوڙڻ نه ڏنا. بينظير جي شهادت سيڪيولر ۽ مذهبي قوتن جي تضاد ۾ سيڪيولر قوتن ۽ پس و پيش عوام جو غير معمولي ۽ نه ڀرجڻ جهڙو نقصان آهي. (ج) بينظير ڀٽو جيتوڻيڪ هڪ وفاقي سوچ رکندڙ سياسي اڳواڻ هئي پر بهرحال هوءَ سنڌ ڄائي هئي ۽ بهادر ۽ غير معمولي صلاحيتن جي مالڪ هڪ سنڌياڻي هئي ۽ هن جي شهادت تي ڏک ۽ احتجاج جي لهر ملڪگير آهي پر هن ڀيري به سنڌي عوام ان الميي کي ذاتي ۽ قومي هاڃي طور ورتو آهي ۽ ان جو کليل اظهار ۽ ردعمل به ظاهر ڪيو آهي. نتيجي ۾ پنجاب ۾ اِهي خدشا وڏي پيماني تي وڌيا آهن ته سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ شايد عوامي سياسي پُل ٽُٽي وئي آهي ۽ بينظير جي شهادت سان سنڌ ۾ پاڪستان کان بيزاريءَ ۽ مظلوميت جو احساس اڃا وڌيڪ تيز ٿيو آهي ۽ ٿيندو ۽ دراصل اها هڪ حقيقت به آهي. ان ڪري هن ڀيري پنجاب جو عوام ۽ سڄاڻ طبقو پنهنجي حڪمران طبقي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وڌيڪ مذمت پيو ڪري جو کين خوف آهي ته ماڳهين سندن حڪمران طبقي جي روين ۽ مفادن سبب هي ملڪ پنهنجو وجود نه وڃائي ويهي. رٽائرڊ فوجي جنرل گڏيل اجلاس ڪوٺائي مطالبا ڪري رهيا هئا ته مشرف ملڪ لاءِ خطرو آهي، هو استعيفا ڏي. پنجاب مان مسلسل سنڌ ۾ وفد اچي رهيا آهن. پنجاب ۾ وفاق جي مستقبل بابت سيمينار ٿي رهيا آهن. ان ڪري هن هاڃي جتي اڻ سڌيءَ طرح سنڌ جي قومي سوال کي وڌيڪ سگهارو ڪيو آهي اُتي پنجاب اندر عوام ۽ اسٽيبلشمينٽ جي تضاد کي پڻ وڌايو آهي. (3) بينظير ڀٽو جي شهادت جا سنڌ تي اثر: جيتوڻيڪ اڻٽيهه سال اڳ ذوالفقار علي ڀُٽي جي شهادت پڻ ملڪ سان گڏ سنڌ ۽ سنڌي عوام جي سياسي سوچ تي غير معمولي اثر وڌا هئا جنهن جو سنڌ کي فائدو به ٿيو ۽ نقصان به. ساڳيءَ طرح ۽ شايد ان کان به وڌيڪ هن واقعي جا سنڌ ۽ سنڌي عوام جي سياسي سوچ تي اثر پوندا ۽ پئجي رهيا آهن. هن دفعي به ان جي اثرن جا مثبت ۽ منفي ٻئي پاسا سامهون اچي رهيا آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ سامهون ايندا. اچو ته انهن تي هڪ مختصر نظر وجهون. (الف) بينظير ڀٽو شهيد هڪ سنڌ ڄائي هئي، هن کي سنڌ جي عوام سان محبت هئي ۽ هن جو سياسي قدبُت عالمي سطح جو هو. هڪ لحاظ کان اڻ سڌيءَ طرح هوءَ عالمي طور سنڌ جي سفير هئي. بينظير ڀٽو کان پوءِ سنڌ وٽ عالمي طور اهڙي ڪا به جڳ مشهور شخصيت نه آهي، جيڪا ڏکين حالتن ۾ عالمي طور سفارتي ۽ سياسي حوالي سان ڪو به غير معمولي ڪردار ادا ڪري سگهي. جيتوڻيڪ پ پ پ ايم ڪيو ايم سان ٺاهه به ڪيا پر پوءِ به اها هميشه سندن اک جو ڪنڊو رهي آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي عوام جي گهڻائي ان سان گڏ آهي. بينظير سنڌ کان ٻاهر ملڪ ۾ سنڌ جي علامت طور سڃاتي ويندي هئي ۽ هن جي عالمگير حيثيت سنڌين لاءِ هڪ نفسياتي ڏَڍُ هو. هن جي شهادت کانپوءِ هاڻي سنڌي عوام ۾ ويڳاڻپ جو احساس وڌيڪ شديد ٿيو آهي. (ب) سنڌ جو عوام جيڪو هڪ چڱي عرصي کان سياسي طور ويڳاڻو ۽ ڪنهن وڏي تحرڪ کان پري هو، اهو سياسي طور وري تحرڪ ۾ آيو آهي. بينظير ڀٽو جي شهادت تي هن ڀيري سنڌ وري 1983ع کان به وڌيڪ مزاحمت ۽ ردعمل جو اظهار ڪيو ۽ رياست کي گوڏن ڀر ويهاري ڏيکاريو. سنڌ اهو واضح نياپو ڏنو ته سنڌ کي هڪ طرف پنجاب کان مواصلاتي طور ڪٽي سگهجي ٿو ته ٻئي طرف ايم ڪيو ايم کان سواءِ به ڪراچيءَ تي مڪمل طرح ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. هي ته سنڌي عوام جو بي ساخته ردعمل هو ۽ ان پٺيان پ پ پ سميت ڪنهن به ڌر جو منظم هٿ نه هو پر تڏهن به هن ڀيري سنڌي عوام جي بي ساخته ردعمل ملڪ ۽ دنيا جون اکيون کولي ڇڏيون. سنڌ ۾ سرڪاري وڏيرو هيسجي ۽ گم ٿي ويو ۽ ڪيترن جا ته گهر به ساڙيا ويا ۽ هيستائين ڪيترا سرڪاري وڏيرا انڊر گرائونڊ پڻ ٿي ويا هئا. (ت) بينظير ڀٽو جي شهادت سان وقتي طور ايم ڪيو ايم ۽ سرڪاري اقتدار پرست وڏيرن کي عوامي سطح تي نقصان رَسيو آهي پر ڊگهي مـُـدي جي حوالي سان ڏسجي ته اهي ٻئي عنصر هن هاڃي ۽ خال جو فائدو وٺڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا ۽ گهڻا امڪان ان ڳالهه جا آهن ته اُهي اُن جو فائدو وٺي به سگهن ٿا. جي پ پ پ پاڻ کي تنظيمي ۽ سياسي طور سنڀالي نه سگهي، جنهن جي امڪانن کي رد نه ٿو ڪري سگهجي ته پوءِ ان صورتحال جو فائدو ايم ڪيو ايم وٺي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته ايم ڪيو ايم جي سنڌ جي اقتدار ۽ وسيلن تي مستقل ميري نظر آهي. اهڙيءَ طرح رياستي ادارن جو پاليل وڏيرو جيڪو وقتي طرح بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ هيسجي ويو آهي- گهڻا امڪان ان ڳالهه جا آهن ته جي پ پ پ پاڻ سنڀالي ڪا مضبوط حڪمت عملي جوڙي نه سگهي ته اهو وڏيرو رياستي سهڪار سان وڌيڪ سگهارو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ ٻيءَ صورت ۾ اِهو پ پ پ ۾ شموليت لاءِ به ڊوڙ ڪري سگهي ٿو. ٻنهي صورتن ۾ اِهو سياسي نقصان سنڌي عوام جو ٿيندو. پ پ پ وٽ هميشه اهڙي دورانديشيءَ جي کوٽ رهي آهي ۽ هاڻي ته ان جا وڌيڪ امڪان آهن ته پارٽي ان حوالي سان ڪو واضح ۽ سگهارو ڪردار ادا نه ڪري سگهي. سنڌ جا سردار، جاگيردار، پير ۽ وڏيرا وري پ پ پ ڏانهن ڊوڙ ڪري سگهن ٿا ۽ پ پ پ ان حوالي سان ڪيترو ذميواريءَ وارو ڪردار ادا ڪندي، اهو ايندڙ وقت ٻڌائيندو. پنهنجن سمورن موقعي پرست رجحانن باوجود پ پ پ سنڌ ۾ هاڻي بنيادي طور وڏيرڪي نه پر اپر مڊل ڪلاس جي ليڊرشپ جي پارٽي آهي. سنڌ جو جاگيردار ۽ وڏيرڪو طبقو هاڻي فنڪشنل ليگ ۽ مسلم ليگ (ق) جي صورت ۾ سڌيءَ ريت وڃي اسٽيبلشمينٽ جي هنج ۾ ويٺو آهي. ان طبقي ۽ مفاد کي وري پ پ ۾ جاءِ ملڻ نه گهرجي. نه رڳو کين جاءِ ملڻ نه گهرجي پر کين سياسي طور دفن ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. اهو طبقو دشمن جي ڪهاڙيءَ جو ڳَنُ آهي. اهو ڳن عوامي ۽ سياسي طور ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، پر بدقسمتيءَ سان اڄ به اُهي ڌريون پ پ پ جون اتحادي بڻيل آهن. (ج) ڪنهن به معاشري ۽ قوم جي قومي مفاد لاءِ ضروري آهي ته اُتي ڪنهن به هڪ ڌر جي قطعي هڪ هٽي نه هجي. گهڻ- پارٽي جمهوري چٽاڀيٽي معاشري جي سياسي صحت ۽ مفاد لاءِ ضروري آهي. بينظير ڀٽو جي شهادت جيئن ته سنڌي ماڻهن کي قومي طور ۽ عوامي سطح تي سخت صدمو ڏنو آهي، ان ڪري ماڻهن جي گهڻائي جذباتي ماحول سبب عدم توازن جو شڪار ٿي وڌيڪ شخصيت پرستيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڪري سگهي ٿي. عوام جي اڪثريت جي باشعور حمايت هڪ سٺي ۽ اتساهيندڙ ڳالهه آهي پر عقيدي ۽ شخصيت پرستيءَ جي بنياد تي ڪنهن به پارٽيءَ سان اڪثريت جي غير مشروط حمايت قومي طور نقصان به ڏئي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته پوءِ عوام حساب ڪتاب نٿو رکي، پوءِ چيڪ اينڊ بيلنس جو ڪو به نظام نه ٿو رهي جيڪو سياست ۽ سماج جي متوازن اوسر لاءِ بيحد ضروري هوندو آهي. ان ڳالهه جا ويتر امڪان ان ڪري به موجود آهن جو سياست ۽ سماج کي سطحي انداز سان ڏسندڙ اخباري قلمڪارن جو هڪ لشڪر گمراهه ڪندڙ جذباتيت کي هوا ڏئي سياسي طور عقليت پسنديءَ (Political Rationality) جا بنياد لوڏي رهيو آهي. بينظير ڀٽو شهيد هڪ وڏي پارٽيءَ جي وڏي عوامي اڳواڻ هئي پر اهو رويو فقط جذباتي، غير حقيقي ۽ غير سائنسي آهي ته هوءَ سنڌ جي آخري اُميد هئي ۽ هاڻي ڪجهه ڪونه ٿيندو. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هن اڳواڻ جي شهادت سندس پارٽيءَ سان گڏ عوام ۽ سنڌ کي به غير معمولي نقصان ڏنو آهي پر ائين به هرگز ناهي ته ڪو سنڌ سـُـنڍ ٿي وئي آهي ۽ سنڌ وٽ ڏاهپ، بهادريءَ ۽ اڳواڻ پيدا ڪرڻ جي صلاحيت جو ڏڪار آهي. حقيقت ۾ معاشرن ۽ قومن کي محرڪ هلائين ٿا ۽ معروضي حالتون پنهنجيءَ ڪـُـکِ مان مختلف سطحن تي مختلف نوعيتن جا اڳواڻ پيدا ڪنديون آهن ۽ نه ئي وري پ پ پ ڪو سنڌي سماج ۽ قوم جون سڀ طرفيون گهرجون پوريون ڪندڙ پارٽي آهي. هتي گهڻن ميدانن تي ۽ سڀ طرفي عوامي جدوجهد گهرجي. سنڌي قوم جي بچاءَ ۽ واڌاري جي جدوجهد جا اُڀريل ۽ بظاهر نظر نه ايندڙ ميدان گهڻا آهن ۽ پنهنجين سمورين ڪمزورين باوجود ماڻهو اتي ڪم ڪن ٿا جن کي هاڻي اڃا به وڌائڻ، منظم ۽ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌي عوام کي گهڻيون ۽ مضبوط پر باڪردار ۽ وطن دوست ۽ عوام دوست قومي جمهوري سياسي پارٽيون گهرجن ۽ هر سطح جا اڳواڻ ۽ ادارا گهرجن، ان ڪري رڳو ڪنهن هڪ اڳواڻ يا ڌر تي ڀاڙي ويهڻ هڪ گمراهه ڪندڙ لائين آهي، جنهن جو سنڌ تي ميري نظر رکندڙ ڌريون ئي فائدو وٺي سگهن ٿيون. البته جيئن ته پ پ پ وڏي ۾ وڏي پارٽي آهي، اُن ڪري اُن جي ضرورت پوڻ تي گهربل مدد به ڪرڻ گهرجي پر پنهنجن فرضن جي ڪوتاهيءَ جي صورت ۾ اُن تي مڪمل تنقيد به ٿيڻ گهرجي پر اُهو انداز دشمنيءَ وارو نه پر سنجيدگيءَ وارو هجڻ گهرجي. (4) اسٽيبلشمينٽ هن بحران کي سنڌين خلاف ڪيئن استعمال ڪري رهي آهي؟ جيتوڻيڪ اسٽيبلشمينٽ بينظير ڀٽو جي شهادت کي هونئن به ملڪ جي جمهوري عمل ۽ جمهوري قوتن پر خا ص طور سنڌ ۽ سنڌي عوام جي سياسي ۽ قومي مفادن خلاف استعمال ڪري رهي آهي، جنهن کي نه رڳو سمجهڻ جي ضرورت آهي پر ان کي سنجيدگيءَ ۽ منظم انداز سان ڪائونٽر ڪرڻ جي پڻ گهرج آهي. هلندڙ ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سنڌي عوام محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت تي تاريخي ردعمل ۽ مزاحمت جو اظهار ڪيو. سنڌ ۾ سرڪاري انفرااسٽرڪچر مڪمل طور تباهه ٿي چڪو آهي. مشرف سرڪار ۽ سندس دهشتگرد ۽ ڪانئر اتحادين پهرين ڏينهن کان هن تاريخي احتجاج ۽ ردعمل کي غلط رنگ ڏيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي. پهرين چيو ويو ته اهو احتجاج نسلي تعصب تي ٻڌل هو ۽ سنڌين ڄاڻي واڻي اردو ڳالهائيندڙن، پنجابين ۽ پٺاڻن جي ملڪيتن کي تباهه ڪيو آهي. ان حوالي سان مشرف ۽ سندس اتحادي مسلم ليگ (ق) ۽ متحده گڏجي واويلا شروع ڪئي. بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ مشرف جي سرڪاري ٽي وي تي تقرير سواءِ سنڌين کي ڌمڪائڻ ۽ سندن روحاني ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جي ٻيو ڇا هئي؟ گذريل چونڊن ۾ مسلم ليگ (ق) جا سنڌين خلاف تعصب ڀريا اشتهار ۽ الطاف حسين جو خط هڪ ئي پس منظر ۾ ۽ ساڳي مفاد تحت هڪٻئي جو تسلسل معلوم ٿين ٿا، جنهن جو مطلب واضح هو ته سنڌين جي هن سياسي مزاحمت کي نسلي فسادن طرف موڙي نه رڳو هن جدوجهد کي غلط رخ ۾ وٺي وڃجي پر پس و پيش ان کي سنڌين جي ئي ڳچيءَ ۾ وجهجي. مشرف ۽ سندس اتحادي ٽولي سنڌين کي اڪيلو ڪري مٿن وڌيڪ سياسي ۽ قومي وارَ ڪرڻ گهريا ٿي. يعني مشرف ٽولي هڪ ڌڪ سان ٻه شڪار ڪرڻ گهريا ٿي، هڪ طرف انهن سنڌ ۽ سنڌين جي تاريخي احتجاج کي غلط رنگ ڏئي کين ملڪ ۽ دنيا اندر بدنام ڪرڻ گهريو ته ٻئي طرف اهو سنڌين جي هن سياسي سگهه کي غلط رخ ۾ Engage ڪري ان کي سنڌين جي ئي خلاف استعمال ڪرڻ گهريو. 1983ع کانپوءِ به اسٽيبلشمينٽ ائين ئي ڪيو هو. ڌاڙيل فيڪٽر ۽ ايم ڪيو ايم جو ٺهڻ 1983ع ۾ سنڌين جي شاندار جدوجهد جو رياستي جواب هو ۽ هن ڀيري به ساڳي راند کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. (5) بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ سنڌي عوام ۾ پيدا ڪيل مونجهارا: محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جتي هن خطي ۽ ملڪ جي سياست ۽ ماحول تي غير معمولي اثر ڇڏيا آهن اُتي ان جا سنڌي عوام ۽ ان جي سياسي سوچ ۽ لاڙن تي پڻ وڏا اهم اثر پيا آهن ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ پوڻ جا امڪان آهن. ان ڪري اڳ ئي پيچيده صورتحال هاڻي وڌيڪ پيچيده ٿيندي نظر اچي ٿي. بينظير ڀٽو جي شهادت موجوده حالتن ۾ سنڌي عوام لاءِ ايڏو وڏو سانحو آهي جو حقيقت اِها آهي ته عوام جي ذهنن، دلين ۽ روحن جي ڌرتي ڌُڏي وئي آهي. ماڻهن جي گهڻائي اڃا تائين جذباتي طور معمول جي زندگيءَ طرف موٽ کائي نه سگهي آهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ عوام جي جذبن ۽ نفرتن کي ذميوار ۽ عوام دوست پارٽيون هڪ سياسي سگهه ۾ تبديل ڪنديون آهن ۽ قوم جا حقيقي دانشور ۽ سوچيندڙ ذهن دور انديشيءَ سان کين صحيح رُخ ۾ وٺي ويندا آهن پر بدقسمتيءَ سان سنڌ ۾ ٻئي ڌريون مجموعي طور اهو ڪم گهربل سنجيدگيءَ سان سرانجام نه ڏئي رهيون آهن. نه عوام جي بي پناهه قومي سگهه کي سياسي پارٽين منجهان ڪو منظم سياسي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ نه قوم وٽ ڪجهه فردن کي ڇڏي ڪري صحيح معنيٰ ۾ دانشورن ۽ سياسي نبض شناسن جو اهڙو ذميوار ۽ سيبتو لڏو آهي، جيڪو ڏکين ۽ پيچيده حالتن ۾ حواس باخته ٿيڻ بجاءِ صحيح ادراڪ تحت عوام کي اڳتي وڌڻ جا حقيقي گس ڏئي. ٻئي طرف اسان وٽ اخبارن ۾ لکندڙ سطحي قلمڪارن جي هڪ فوج آهي، جنهن جو ڪم رڳو قلم ذريعي روئڻ، پٽڻ، ماتم ڪرڻ، مايوسيون ڦهلائڻ ۽ عوام جي ڏکن کي ڪمزورين ۾ تبديل ڪرڻ آهي. ظاهر آهي ته انهن جي گهڻائي اهو سڀ ڪجهه بدنيتيءَ بدران سياسي ۽ فڪري بي سمجهيءَ تحت ڪري ٿي. پر ان کي تلخ حقيقتون سمجهائڻ ۽ سندن تربيت جي اشد ضرورت آهي. موجوده صورتحال ۾ جيڪي پيچيدگيون اُڀري آيون آهن ۽ جن مان سنڌي عوام جي گمراهيءَ جا گهڻا امڪان موجود آهن، اُهي ڪجهه هي آهن. (1) سماج ۽ عوام جا سياسي رخ پس و پيش ته صورتحال جي معروضي محرڪن منجهان طئي ٿيندا آهن پر ساڳئي وقت انهن تي سياسي ڊسڪورس جو به وڏو اثر ٿيندو آهي. ڪمزور ۽ پس مانده سياسي سماجن ۾ عوامي سطح جا ڊسڪورس ته هونئن به ڪي گهڻا پختا ۽ سائنسي نه هوندا آهن پر پيچيده ۽ بحراني حالتن ۾ ته جذباتيت ۽ غير عقليت پسندي ان تي ويتر وڌيڪ حاوي هوندي آهي. بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال ۾ پڻ اهڙا رجحان ميڊيا، عوامي زندگي ۽ سياسي ڊسڪورس تي وڌيڪ حاوي نظر اچن ٿا. حالتون ڪيتريون به ڏکيون ۽ پيچيده ڇو نه هجن پر پوءِ به ان جو حقيقي حل عقليت پسندي، سماج ۽ سياست بابت سائنسي سوچ تحت ئي ٿي سگهي ٿو. سياست ۽ سماج بابت لکڻ لاءِ ۽ خاص طور پيچيده سياسي حالتن ۾ مسئلن جا حل ڳولڻ ۽ انهن جي نزاڪتن کي سمجهڻ لاءِ خاص قسم جي لياقت، علميت ۽ تجربو گهرجي، جڏهن ته سنڌ ۾ راءِ عامه تي اثرانداز ٿيندڙ اخباري ڪالم نويسن جي قطعي گهڻائيءَ کي نه گهربل تربيت آهي ۽ نه سياسي علميت ۽ نه ئي وري گهرو ۽ گهڻ طرفو تجربو- نتيجي ۾ هن ڀيري به بينظير ڀٽو جي شهادت جي غير معمولي واقعي جي اصل سببن، محرڪن ۽ نتيجن کي معروضي طور سمجهڻ ۽ عوام کي سمجهائڻ بجاءِ گهڻائيءَ جو زور رڳو قلمي ماتم، پٽڪي، غلط ۽ سطحي تجزين ۽ گمراهه ڪندڙ نتيجا ڪڍڻ تي آهي. هن وقت ضرورت آهي ته سنڌ ۾ سياسي ڊسڪورس کي سطحي ۽ خود فريب جذباتيت مان ڪڍي ان کي حقيقت پسنديءَ معروضيت ۽ سنجيدگيءَ طرف آندو وڃي، ٻيءَ صورت ۾ اها سطحي جذباتيت سنڌي عوام بجاءِ دشمن جي ڪم جي ثابت ٿيندي. (2) سنڌ ۾ وڏي سطح تي اهو رجحان ۽ سوچ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته شهيد بينظير ڀٽو سنڌ جي آخري اُميد هئي. جيتوڻيڪ شهيد بينظير ڀٽو هڪ وڏي قدآور عوامي اڳواڻ هئي ۽ هن جي شهادت سان ملڪ ۽ خاص طور سنڌي عوام جو وڏو سياسي نقصان ٿيو آهي، جنهن جي تلافي ڊگهي عرصي تائين ٿي نه سگهندي پر ان جو اهو هرگز مطلب نه آهي ته هوءَ يا ڪوبه سياسي اڳواڻ سنڌي قوم جي آخري اُميد هو يا ٿي سگهي ٿو. ماڻهو، پارٽيون وقت سان ايندا ۽ ويندا رهندا پر سنڌ هڪ قوم ۽ وطن آهي، جنهن ماضيءَ ۾ هزارين سالن کان اڪيچار بحران ڏٺا آهن، شڪستون، غلاميون ۽ ظلم سَٺا آهن پر ان جو قومي وجود اڄ به قائم آهي ۽ هميشه قائم رهڻو آهي. جڏهن لطيف، اياز، ڀٽو، جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي به سنڌ جي آخري اُميد نه هئا ته پوءِ بينظير ڀٽو لاءِ اهو چوڻ ته اُها سنڌ جي آخري اُميد هئي، هڪ جذباتي ڳالهه آهي. بينظير ڀٽو جي شهادت کي ان انداز سان ڏسڻ ۽ عوام کي ٻُڌائڻ بجاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سندس شهادت جي سنڌي عوام تي پوندڙ اثرن کي سمجهي ان جو ڪو جٽادار حل ڪڍڻ لاءِ سوچيو وڃي. ٻي ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته هڪ وڏي پارٽيءَ جي سحر انگيز ۽ ذهين اڳواڻ هئڻ باوجود بينظير ڀٽو شهيد سنڌي عوام جي قومي سياسي زندگيءَ جون سموريون گهرجون ته پوريون نه ڪندي هئي جو هن کانپوءِ اُميد جو ڪو ڪرڻو نظر نه اچي. ٻئي طرف اها ته خود بينظير جي قربانيءَ سان به زيادتي ٿيندي جو سندس شهادت کي مايوسيءَ ۽ نااُميديءَ ۾ تبديل ڪيو وڃي. اهو تاثر ڏيڻ ته هن المناڪ واقعي کانپوءِ سنڌين لاءِ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو آهي، نه رڳو غلط ۽ گمراهه ڪندڙ لائين آهي پر اهڙي سوچ بينظير ڀٽو جي شهادت جي روح کي مجروح ڪرڻ جي مترادف پڻ آهي. جڏهن ته حقيقت اِها آهي ته هن عظيم ڏک سنڌي عوام کي جتي جهوريو آهي اُتي کين وڏي سياسي ۽ روحاني سگهه پڻ بخشي آهي. هن هاڃي اجتماعي طور عوام جون اکيون کوليون آهن. ماڻهن پنهنجا دشمن سڃاتا آهن، انهن سان نفرت ۽ مزاحمت جو اظهار ڪيو آهي. ڪي ڪي ڏک قومن کي سگهه بخشيندا آهن ۽ سندن تبديليءَ جا محرڪ ثابت ٿيندا آهن. بينظير ڀٽو جي شهادت جو ڏک به سنڌي عوام لاءِ ايئن ثابت ٿيو آهي. هاڻي سياسي پارٽيون ان تبديليءَ جو سياسي طور قومي مفاد ۾ فائدو نه وٺي سگهن ته اها ٻي ڳالهه آهي. ساڳئي وقت سنڌ ۾ اهو تاثر اُڀارڻ جي ڪوشش پڻ ٿي رهي آهي ته شايد سنڌين لاءِ هاڻي واحد ۽ آخري آسرو فقط پ پ پ آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هڪ وڏي عوامي پارٽي هئڻ جي حيثيت ۾ پ پ پ ڪيترن حوالن سان اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. ڇا قومي سوال تي پ پ پ ڪڏهن به اسان جي ترجيح موجب واضح ٿي بيهندي؟ ڇا رياستي بحران کي بنيادي تضادن جي اک سان پ پ پ ڪڏهن به ڏٺو آهي يا هاڻي ڏسندي؟ پ پ پ جي پرڏيهي پاليسي موجوده حالتن ۾ ترقي پسند آهي يا ٿي سگهندي؟ ڇا پ پ پ عوام جي طاقت کي بنيادي جدوجهد لاءِ ڪڏهن به استعمال ڪيو آهي يا هاڻي ڪندي ۽ ڪري پئي؟ ان ڪري جذباتي سياسي ماحول ۾ باشعور ماڻهن کي بدحواس ٿيڻ نه گهرجي. پ پ پ جي ائين نه ٿي ڪري ته ان ۾ ڪا عجب جي ڳالهه به نه آهي. گهڻ طبقاتي بورجوا جمهوري ۽ اليڪشني پارٽين جو سڄيءَ دنيا ۾ ۽ خاص طور ٽين دنيا ۾ اهڙو ئي ڪردار هوندو آهي. اسان کي پاڪستان ۽ سنڌ جي مخصوص حالتن ۾ پ پ پ جي يقيناً گهرج آهي ته اها سنڌ ۾ اڪثريتي مينڊيٽ کڻي سنڌي عوام کي ڪو رليف ڏي يا وڌيڪ نقصان کان بچائي پر اسان کي ان جي ڪردار کي صحيح تناظر ۾ ڏسڻ ۽ سمجهڻ ضرور گهرجي. ٽين دنيا جي اڪثر غلام ملڪن جي پاپولر گهڻ- طبقاتي سياسي پارٽين کي خبر آهي ته سندن ملڪن جا بنيادي فيصلا عالمي سامراج ڪري ٿو ۽ اندروني طور به طاقت جو توازن اهڙو رکيل آهي جو کين وڌ ۾ وڌ هڪ مخصوص حد تائين ۽ محدود آزادي ۽ خود مختياري ملي سگهي ٿي. جڏهن رياستون ئي آزاد نه آهن ته اُنهن ۾ پاپولر سياست آزاد ڪيئن ٿي سگهندي؟ ان ڪري سوال پ پ پ کي رد ڪرڻ يا رڳو مٿن ڀاڙي ويهي رهڻ جو نه آهي پر سوال پنهنجي قومي مفادن جي نزاڪتن کي سمجهڻ ۽ ان پٽاندر پاليسيون ۽ رويا اختيار ڪرڻ جو آهي ۽ طاقت جي توازن ۾ سنڌي عوام جي قومي طاقت کي حقيقي طور قائم ڪرڻ ۽ اُڀارڻ جو آهي. جيئن اسان جهڙن ملڪن ۾ پاپولر ميڊيا وٽ محدود آزادي هوندي آهي ۽ اُها عوام جي حقيقي ترجماني نٿي ڪري سگهي ۽ اُن جي سامهون ننڍي ئي صحيح پر متبادل ميڊيا جي وڏي اهميت هوندي آهي جو اُها ننڍي هئڻ سبب نسبتاً گهٽ دٻاءُ هيٺ ۽ آزاد هوندي آهي، ايئن سياست ۾ به متبادل سياست ۽ سياسي پارٽين جي وڏي اهميت آهي. رڳو پ پ پ تي ڀاڙڻ ۽ اهو به وري غير مشروط طور ساڻن گڏ هلڻ جي ڳالهه تي گهڻو زور ڏيڻ سنڌي عوام جو رهيل نُور به چَٽُ ڪري ڇڏيندو. پ پ پ تي جڏهن مشرف ٽولو، سندس اتحادي مسلم ليگ (ق) ۽ متحده تعصب وچان زهر اوڳاڇين ٿا ته اُها ٻي ڳالهه آهي ۽ اسين قومي مفادن جي تناظر ۾ پ پ پ جي ڪردار ۽ رڳو ان تي ڀاڙي ويهي رهڻ تي اڪتفا ڪريون- اُهي ٻه مختلف سوال آهن. پ پ پ جتي ۽ جيترو ڪم سنڌي عوام جي قومي مفادن پٽاندر ڪندي اُتي ان جي زبردست حمايت ۽ سڀ طرفي مدد ڪبي ۽ جتي اها غلط ۽ مصلحت پسنديءَ جو شڪار ٿيندي اُتي مٿس مڪمل تنقيد ڪئي ويندي. ان ڪري سياسي عقيده پرستيءَ جو رجحان سنڌي عوام جي قومي مفادن وٽان نه آهي. جيڪڏهن پ پ پ پاڻ کي تبديل ۽ تنظيمي طور مضبوط ۽ منظم نٿي ڪري ته پوءِ دراصل باشعور ماڻهن کي پ پ پ کي عبوري دؤر جي هڪ مجبوري سمجهڻ گهرجي ۽ سنڌ کي مستقبل ۾ گهٽ ۾ گهٽ عوامي ليگ جهڙي پارٽي گهرجي، جيڪا اليڪشني سگهه به رکي ۽ قومي ۽ طبقاتي سوال تي به واضح موقف ۽ ڪردار رکي ۽ وقت اچڻ تي عوام کي مزاحمت جي ميدان تي به لاهي سگهي. اها پارٽي ڪيئن ٺهي سگهندي؟ اهو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن سنڌ جو هر باشعور ماڻهو رڳو ڪم ٽپائڻ بدران پنهنجو گهربل سياسي ۽ قومي ڪردار متعين ڪري. جي پ پ پ مٿان گهربل دٻاءُ هوندو ته اها به هڪ پراسس ۾ ڪنهن حد تائين تبديل ٿي سگهي ٿي. منهنجيءَ نظر ۾ پ پ پ جي ڪردار جو دارومدار به ان تي آهي ته کيس عوام ۽ خاص طور باشعور ماڻهن طرفان ڪيئن ڊيل ڪيو ٿو وڃي؟ تقليد پسند رويو پ پ پ ۽ سنڌ ٻنهي کي وڌيڪ نقصان رسائيندو. (3) اها هڪ اتساهيندڙ ڳالهه آهي ته بينظير ڀٽو جي شهادت سنڌي عوام ۾ وڌيڪ قومي ٻڌيءَ جو احساس پيدا ڪيو آهي پر ان ٻڌيءَ کي به سطحي جذباتيت ۽ سياسي عقيدي پرستيءَ جي رُخَ ۾ وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. عوام جي ٻڌي اُها ئي جٽادار، قومي اهميت رکندڙ ۽ اُتساهيندڙ هوندي آهي جنهن جو بنياد شعور ۽ قوم جا حقيقي مستقل مفاد هجن- دراصل ان کي ئي قومي ٻڌي ڪوٺي سگهجي ٿو. گذريل وڏي عرصي کان سنڌي عوام ڏاڪي به ڏاڪي حقيقي قومي ٻڌيءَ ڏانهن وکون کڻي رهيو آهي ۽ بينظير ڀٽو جي شهادت ان جي رفتار ۽ محرڪن کي اڃا به تيز ڪيو آهي پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان جو بنياد تنقيدي سياسي شعور ۽ قومي مفادن کي بڻايو وڃي. حقيقي عوامي ۽ قومي ٻڌي اها ئي ليکبي جنهن جو بنياد عوام جا قومي مفاد هوندا. حقيقت اِها آهي ته سنڌي عوام جون سياسي، نفسياتي ۽ روحاني حالتون ڪنهن وڏي انقلاب ۽ تبديليءَ لاءِ تيار نظر اچن ٿيون پر بدقسمتيءَ سان ان وٽ ان سطح جي سگهاري انقلابي يا بنيادي تبديليءَ ڏانهن وٺي ويندڙ ان سطح جي سياسي تنظيم ڪونه آهي. ٻيو ته ٺهيو پر رڳو عوامي ليگ جهڙي پارٽي به نه آهي، جنهن جو موقف ۽ ڪردار به صحيح هجي ۽ جنهن سان عوام جي اڪثريت به گڏ هجي. سنڌي عوام کي ڪا مضبوط ۽ باڪردار سياسي ۽ عوامي پارٽي نه ڏئي سگهڻ اسان جي شعور ۽ جدوجهد جي سفر جي هڪ وڏي ڪمزوري ۽ ناڪامي آهي، جنهن جي سببن تي غور ٿيڻ گهرجي ۽ ان مان ٺوس نتيجا ڪڍي ان کي آئيندي لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. نه رڳو اهو پر ان جي تدارڪ لاءِ منظم ڪوششون ٿيڻ گهرجن. هن ڀيري بينظير جي شهادت جي هاڃي سنڌي عوام کي قومي طور لوڏيو به آهي ته سگهارو به ڪيو آهي پر سوال آهي ته ان سگهه کي منظم سياسي قوت ۾ تبديل ڪيئن ڪبو؟ ۽ ان لاءِ اسان مان هرهڪ ماڻهو پنهنجي پتيءَ جو ڪهڙو ڪردار ٿو ادا ڪري؟ مون اڳ به لکيو آهي ۽ اهو منهنجو پختو ويساهه آهي ته سنڌي قوم جنهن نازڪ حالت ۾ آهي ۽ اُها جن گهڻ طرفن گهيرن ۾ آهي، ان ۾ ڪنهن به هڪ شعبي، ڌر ۽ تنظيم يا اڳواڻ تي مڪمل طور ڀاڙي نه ٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته هيءَ قومي نجات ۽ ترقيءَ جي ڇِپَ ڪنهن به هڪ ڌر جي کڻڻ کان ڳري آهي. سنڌ ۾ ڪنهن ڌر وٽ عوام جي اڪثريت آهي ته ان وٽ درست موقف ناهي. جن وٽ نقطه نظر نسبتاً درست آهي ته انهن وٽ ڪابه ڊگهي مُدي واري حڪمت عملي (Strategy) ۽ پروگرام ناهي، جي ڪنهن وٽ پروگرام هوندو ته وٽن ان جي اطلاق جي منظم صلاحيت ناهي. ان ڪري ڪنهن به هڪ ڌر تي مڪمل طور ڀاڙي نه ٿو سگهجي. جنهن قسم جي ۽ جنهن سطح جي سياسي پارٽي تاريخ جي هن ڏاڪي تي سنڌي عوام کي معروضي طور گهرجي ٿي، اُها ظاهر آهي ته رڳو خواهشن سان يا رات وچ ۾ ۽ تاريخ جي ڪنهن شارٽ ڪٽ ذريعي ٺهي نه سگهندي. ان عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ حالتون پيدا ڪري سگهجن ٿيون، پنهنجا انفرادي ۽ اجتماعي سياسي ۽ فڪري رويا تبديل ڪري سگهجن ٿا ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته نوان ماڻهو پيدا ڪري سگهجن ٿا. منهنجي اِها سوچيل سمجهيل راءِ آهي ته سنڌي عوام جا قومي مفاد هڪ Puzzle وانگر آهن، ان ڪري سڀ کان اول ته اُهي روين، سوچن، مفادن ۽ منظم ڪوششن ۽ جدوجهدن ۽ خاص طور ادارن جا خانا ٺاهجن، جيڪي ملي اُها Puzzle به ٺاهي سگهن ۽ نتيجي ۾ اسان جو بچاءُ بند ٿي سگهن ٿا. اهي رويا ۽ عنصر ئي سنڌي عوام کي هڪ Process ۾ اڳتي هلي ڪا وڏي منظم، سگهاري ۽ ذميوار وطن دوست عوامي جمهوري پارٽي ڏئي سگهن ٿا. (6) نيٺ ڇا ڪجي؟ زنده قومون ۽ معاشرا بحرانن ۾ رڳو ماتم ڪرڻ بجاءِ ڏک کي طاقت ۽ وڌيڪ ذميوار سوچ ۾ تبديل ڪندا آهن. ان ڪري سنڌ ۾ بينظير ڀٽو جي شهادت تي رڳو ماتم ڪرڻ، مايوسيون ڦهلائڻ، خودقياسيءَ کي هوا ڏيڻ، عقليت پسنديءَ بجاءِ سطحي جذباتيت کي وڌائڻ ۽ عوام کي گمراهه ڪرڻ بجاءِ وڌيڪ پختگيءَ ۽ ذميواريءَ سان منهن ڏيڻ جي گهرج آهي. ان حوالي سان هيٺين طريقن ۽ روين سان هن ڏک کي طاقت ۽ قومي مفاد ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو. -- هر باشعور ۽ وطن دوست فرد پنهنجو انفرادي ۽ اجتماعي سياسي ۽ قومي ڪردار متعين ڪري. ان جو بنياد شخصيت پرستي ۽ عقيدي پرستي نه پر عقليت پسندي، سائنسيت، عمليت پسندي، فڪر، ادراڪ ۽ پاليسيون هئڻ گهرجن. -- شخصيت پرستيءَ ۽ خانداني سياست بجاءِ اصولن، نظرين ۽ پاليسين توڙي عملي ڪردار جي بنياد تي سياسي اڳواڻن ۽ پارٽين جي حمايت يا مخالفت ڪئي وڃي. -- سنڌ ۾ گهڻ پارٽي سياسي جمهوري چٽاڀيٽيءَ جو ماحول پيدا ڪيو وڃي ۽ ان جو بنياد عوام ۽ قوم جا مستقل مفاد هجن. -- سنڌ ۾ مايوسيءَ ۽ خودقياسيءَ بجاءِ عقليت پسنديءَ ۽ اُميد پسنديءَ کي وڌايو وڃي. -- عوام کي رڳو خود فريب سحر انگيزيت جو تقليد پسند چرس پيارڻ بجاءِ انهن ۾ تنقيدي سياسي شعور پيدا ڪيو وڃي. -- سول سوسائٽي پنهنجو وڌيڪ ذميوار، باشعور ۽ جرئتمند ڪردار اُڀاري ۽ Critical Mass پيدا ڪرڻ ۾ گهربل ڪردار ادا ڪري، جيڪو ڪنهن به معاشري جي سياسي زندگيءَ جو روح هوندو آهي. -- قومي ٻڌيءَ جو بنياد عقيدي پرستي، خاندان پرستي ۽ تقليد پسنديءَ بجاءِ سياسي شعور ۽ قومي مفادن کي بڻايو وڃي. -- ڪنهن به ماڻهوءَ، نظريي، اڳواڻ يا پارٽيءَ کي مقدس نه بڻايو وڃي، جنهن تي عوامي زندگيءَ ۾ جائز تنقيد نه ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته تنقيدي شعور ئي سماجي ۽ سياسي زندگيءَ ۽ واڌاري جو بنياد هوندو آهي. -- سنڌي عوام جي قومي مفادن ۽ مسئلن جي بنياد تي منظم جدوجهد کي تيز ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته مايوسين، خوشفهمين، خوف، ويڳاڻپ ۽ غير يقينيت جو جٽادار حل فقط ۽ فقط حقيقي عوامي جدوجهد آهي
lajwab-sharinglajwab-sharing سائين تمام بهترين آهي پر آخر سال کان بعد قاتلن جي خبر منظر عام تي نه پئي ۔ sadayeen gud
ادا نثار ناز! ليک ته مونکي به ڏاڍو سٺو لڳو ۽ معلوماتي آهي ... جامي صاحب جنهن ٽڪنڊي جي ڳالهه ڪئي آهي ته ڀيڻ جي قتل ۾ انهيءَ ٽڪنڊي جو هٿ آهي ته اها ڪا نئين ڳالهه ناهي جو اسان سڀني کي اها خبر آهي ته ان ٽڪنڊي ۾ ٻه ڪنڊون ( ايسٽبلشمنٽ ۽ آمريڪا) ، ايتريون ته سگهاريون آهن جو انهن کي ڪو لوڏي به نٿو سگهي باقي رهي ٽين ڪنڊ سا وقت ۽ ضرورت آهر بدلبي رهندي آهي ... ڀٽي صاحب جي قتل وقت عدالت استعمال ٿي ته هاڻ طالبان يا طالبان جي ويس ۾ ڪو ٻيو ادارو ... مطلب ساڳيو ئي هو ته سگهاري عوامي شخصيت کي پردي تان هٽائڻ ... ۽ پنهنجن ارادن کي پورو ڪرڻ ... جن ارادان جي پورائي لاءِ ممڪن رنڊڪ ٿي سگهي ٿي ... ٻي ڳالهه جا جامي صاحب ڪئي آهي سا آهي سنڌ جي مستقبل جي جنهن ۾ جامي صاحب سنڌي قومپرست سياست ڪندڙ پارٽين کي قيمتي صلاح ڏني آهي ته پنهنجن پنهنجن اختلافي خيالن جي باوجود، سنڌ جي مالڪي ڪرڻ آهي ... سا ڏسجي ته ڪيئن ٿي پوري ٿئي ... سڀ ڳالهه ته سنڌ جي ڪنٿا ، سنڌ جي اقتصاديات جي ڪنٿا، سنڌ جي پاڻيءَ جي ڪنٿا، سنڌ جي شهرن جي ڪنٿا ته پوءِ سڀئي هڪ هنڌ گڏ ٿي انهن گڏيل مفادن لاءِ ڪو اثرائتو آواز ڪيئن ٺاهن ٿا، انتظار اسان سڀني کي ان ڳالهه جو آهي، سو ڏسجي ته ڪڏهن ٿو پورو ٿئي ... ماندي ٿي نه مارئي، تنهنجو الله به آهي!!! مهرباني ادا نثار ناز جڙيل رهو هميشه