سوندر جو سفر حافظ مهراڻ منهنجو پراڻو يار قيوم سوندرائي ، جنهن کي هاڻي هاڻي ڀلو در به نصيب ٿيو آهي ، سهڻي سائين جي چائنٺ چمي آيو ، ڀليڪاري سٿ ۾ ڪولاچي جي گونان گون ۽ روشنين واري شهر ۾ آئون به ويو هئس ، ننگرپارڪري نوجوان جي ڏيهه موٽي اچڻ تي کيس آجيان لاءِ سوندر جا ساٿي ٽيهارو جي قريب پهتل هئا ته نيرون ڪوٽ ۽ ٻين هنڌن تي روزگار سانگي ترسيل سڄڻن سان گڏ سنجهوري وارا کٿابي به ڏسڻ ۾ آيا پئي سندس آجيان ڀٽائي جي هن بيت سان ڪئي هئي. اڀيون تڙ پوڄين ، وهون وڻجارن جون آڻيـــــــــــــو اکاڏين ، کٿوري سمونڊ جي وري جو ان ڀلاري سٿ ۾ شريڪ ٿي روانا ٿياسين ته ننگرٺٽي جون بندر بازاريون ۽ مڪلي جا مڙها قبا ۽ تاريخي قبرستان جي حاضري مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي چائنٺ به ٿوري فاصلي تان چمي هئي ته رات جو گولاڙچي ۾ آڌي جو مچ ٻاري ان قافلي ساهي پٽي هئي ، وچ ۾ آجياڻا ، سلام ۽ حاجي سڳورن کي ڀلي پار جي واڌين جون جيڪي تقريبون ٿيون اهي به ڏسڻ جهڙيون هيون ، پر ڏسڻ جهڙو مامرو ته رڻ ڪنڌي جي ڳوٺ سوندر جو هئو ، جتي ڪيترائي ٻڍا ، ٻار جوان سائين جي کينڪار لاءِ اڀي پير بيٺل هئا . مون محسوس ڪيو پئي ته هن هيڌي ساري هجوم ۾ شايد ڪو لطيفي لات به جهو نگاريندو هوندو ته شــــــــــــــمع ٻاريندي شب پره باکون ڪــــڍيون موٽ مــــــــــــــران ٿي مينڌرا، راڻا ڪارڻ رب تنهنجي تات طلب ،ڪانگ اڏايم ڪاڪ جا انتظار ۽ اوسيئڙي جي به ڪا حد مقرر ٿيل نه هوندي آهي ، راڻن جون رهاڻيون ساريندي ڪيتريون ئي شمعون جلي خاڪ ٿي وينديون آهن ، ويهي رات ڪٽي سج اڀرڻ جا چٽا اهڃاڻ پڻ وارا منظر به عجيب هوندا آهن ، جيڏي مهل هن سهاني گهڙي ۾ سائين جا ساٿي بنجي وياسين ته ڪيئي عجيب مامرا به پسڻ ۾ آيا ، ته ميارن جو اڻ کٽ سلسلو به شروع ٿيو ، پر اسان جو جهان ئي جدا آهي. هڪ رات جي قيام کان پوءِ جيڏي مهل موڪلاڻي ڪرائي ٿي وئي ته قيوم سائين چيو ايئن ٿوروئي ڇڏبو صبحاڻي راڄن ڀاڳن واري سڏي ۾ اوهان جهڙي ڀاءُ جو هجڻ ضروري پيو محسوس ڪريان ، چيم جيئن مناسب سمجهو . ٿوري دير کان پوءِ سندس چهري کي چتائي ڏٺم ته اوجاڳي جا آثار بکيا پئي چيم سرڪار وري ڀٽائي جي هن بيت جي تشريح ڪئي آهي ڇا؟ اڀــــــــــــــــــــي اڀاريام ، نکــٽ سڀ نيئي ويا هڪ مــــــيو ٻيو مينڌرو سڄي رات ساريام ڳوڙها ڳل ڳاريام ، سورج شاخون ڪڍيون پڇيو هئم ته لطيفي فڪر سان گهري وابستگي جي ڪري اوهان جي هن ڀلاري سفر کي آئون ٻين ڪيترن ئي رخن سان گڏ هن رخ کي به اهم سمجهان ٿو ته هميشه جيان مرڪي پيو چيائين ” تون آزاد آهين“ تنهجي سمجهڻ ۾ جيڪي اچي اسان کي قبول هوندو . جنهن به لطيفي سر راڻو مومل پڙهيو هوندو ان کي هار سينگار ، ناز ، انداز، ويس وڳن ۽ وڇوڙي ميلاپ جو قدر هوندو وري جو مون کي به هن ڀلاري ملڪ جي سوکڙي ” عطر “ مليو ته دل ۾ خيال آيو ته واقعي لطيف سائين ڪاڪ جي محل ۾ باغ باغيچن ۽ وهنجڻ واري ٿڙ جي خوبصورت عڪاسي ڪئي آهي سو اڄ سوندر جي اوطاق به عطر سان واسجي چڪي هئي ، جتان ڪٿان چندن ۽ چنبيلي جي خوشبوء واري واس آئي پئي ان خوشبو محفل جو وايو منڊل ئي واسي ڇڏيو سرهاڻ سبب ڀونئرن جا ڀيرا به ڏسڻ جهڙا هئا ، سو مون اتي جي هڪ فقير صفت دوست کي سڏ ڪري چيو هئم جنهن تڙ ڌوڙن ڌون ، چو ٽا چندن چڪ ڪــــيو اچـــــــــــــــــــــــــــــن ڀونئر ڀنڀوليا، پاڻي تنين پون راول رتـــــــــــــــــــــــــــــــورون ، ڪوه لڳو واسيين آسپاس جي راڄن ڀاڳن مان ڪيترائي دوست ، رفيق ، گهڻ گهريا، ۽ مٽ مائٽ ٽهل ٽڪور ۾ مصروف هئا ، وڏيون محبتون به ماڻيم ۽ انهي خوشي جي سعيد موقعي تي شريڪ ٿي پنهنجي دوستي جو ڀرم به نڀايم ، اڃان چانهه جون سرڪيون ڀري رهيا هئاسين ته ننگرپارڪر مان ذلفي شاه جيڪو اسان جو پراڻو محسن رهيو آهي سانگهڙ واري علمي سفر ۾ سائين سان گهڻو وقت رهياسين واپسي ۾ ” وروائي“ تائين سندس ساٿ ۾ آياسين ته انهي ڪلاڪ کن واري ” گفت و شنيد“۾ به هزار داستان اوري وياسين . اهي وري ٻئي دفعي........