• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مفتي محمد رحيم سڪندري

شيخ الحديث علامه مفتي محمد رحيم سڪندري
حافظ عبدالقيوم مهر
ڄمڻ جو هنڌ ۽ تاريخ: 3 جنوري 1941 ع ڌاري ڳوٺ قادرپورٻيلو لڳ سکر ۾ ٿي ، بعد ۾ دريا پائڻ جي ڪري ڳوٺ مير محمد کوسا ( تعلقو ٺل ) لڏي ويا.
تعليم : سند الفراغ 1961 ع ( جامعه راشديه درگاه شريف پير جو ڳوٺ ) فاضل سنڌ يونيورسٽي فرسٽ پوزيشن 1960 ع ، شهادة العالميه ( ايم اي) تنطيم المدارس 1984 ع عربڪ ريفريش ڪورس 2002 ع بغداد يونيورسٽي عراق
منصب: خطيب جامع مسجد درگاه شريف حضرت پير سائين پاڳارا، پرنسپال ۽ شيخ الحديث جامعه راشديه درگاه شريف، مک خليفوچونڪي پار.
اساتذه ڪرام : (1) مولانا مفتي محمد صاحبداد خان جمالي ( مفتي اعظم پاڪستان) (2) مولانا مفتي تقدس علي خان بريلوي (3) مولانا فقير محمد صالح مهر (4) اما م المعقول والمنقول علامه سيد حسين امام اختر (5) علامه مولانا ڪريم بخش دايو(6) علامه مفتي عبدالصمد ميتلو رحمهم الله تعالى

استادي جو سلسلو: حضرت علامه مفتي محمد صاحبداد جمالي ، مولانا محمد صالح مهر جي توسط سان علامه مفتي محمد قاسم ياسيني ، مولانا محمد يعقوب ، علامه عبدالحليم ڪنڊوي ، محمد عاقل شاه هالاڻي کان ٿيندو امام العارفين حضرت پير سائين سيد محمد راشد روضي ڌڻي رضي الله عنه جي استاد مخدوم محمد آريجوي ۽ اتان علامه عبدالحڪيم سيالڪوٽي معرفت علامه سعد الدين تفتازاني تائين پهچي ٿو.
۽ ٻئي طرف حضرت علامه مفتي تقدس علي خان وٽ پڙهڻ ڪري صرف هڪ واسطي سان امام العصر مولانا شاه احمد رضا خان بريلوي تائين پهچي ٿو.

بيعت ۽ خلافت : سائين مفتي صاحب جن جا وڏا ناننگ جي طرفان ست پيڙهيا درگاه شريف جا مريد هئا، پاڻ پنهنجي ناننگ جي صحبت سان حضرت پير سائين پاڳارا جن جي مريدي ۾ داخل ٿيا . حضرت پير سائين جن جا خليفا هجڻ سان گڏ چونڪي پار ( شڪارپور ، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، خيرپور ۽ بلوچستان) جا مک پڻ آهن.
علمي اعزاز: شاه عبداللطيف يونيورسٽي جي سنڊيڪٽ جا ميمبر ، جمعيت علماءِ سڪندريه جا سابق صدر، ماهوار الراشد جا چيف ايڊيٽر ، تنطيم المدارس ( اهل سنت) پاڪستان جا صوبائي نائب ناظم .
نمايان ڪارناما: سيرت رسول ﷺ تي مقالو (1960ع طالب العلمي جي دور ۾ لکيل مقالو، جنهن پوري صوبي ۾ اول نمبر حاصل ڪيو.) فاضل عربي ( سنڌ يونيورسٽي ۾ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪرڻ ) ۽ 27 ڏينهن ۾ ڪلام پاڪ جو حفظ ۽ تروايح ۾ پڙهڻ .
شايع ٿيل ڪتاب : ڪنز الايمان ( قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو ۽ تفسير)
(2) خزانة المعرفت ( ترجمو ، ملفوظات پير سائين تجر ڌڻي)
(3) اصغر سائين جو ڪلام ( پير سائين بنگلي ڌڻي جي شاعري )
(4) ديوان مسڪين فارسي ( ترجمو، پيرسائين تخت ڌڻي جي شاعري)
(5) الحزب الاعظم ( ترجمو)
(6) الزبدة شرح قصيده برده
(7) رحمت ۽ برڪت جو پيغام ( پيرسائين پاڳاري جا خطاب )
(8) جامعه راشديه جا پنجاه سال
(9) جامع الجوامع 1،2، ۽ 3 جلد ( پير سائين روضي ڌڻي جي فارسي لغت(.
 
Back
Top