جسٽس (ر) ديدار حسين شاهه جي تقرري رد

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ غلام مرتضى وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 مارچ 2011۔

  1. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جسٽس (ر) ديدار حسين شاهه جي تقرري رد

    زرار پيرزادو

    [justify]سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ پنهنجي هڪ مختصر فيصلي ۾ نيب جي چيئرمين طور جسٽس (ر) ديدار حسين شاهه جي تقرري کي رد ڪندي کيس فوري طور تي عهدو ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ هوڏانهن پيپلز پارٽي اڳواڻ تاج حيدر ان فيصلي خلاف اڄ سنڌ ۾ هڙتال ڪرڻ جو سڏ ڏنو آهي.

    ان کان اڳ هن ئي مهيني ۾ راولپنڊي جي عدالت هڪ ٻارنهن سال پراڻي ڪيس ۾ قانون جي وفاقي وزير بابر اعواڻ تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي رد عمل ظاهر ڪندي صدارتي ترجمان فرحت الله بابر ان فيصلي کي انتقامي ڪارروائي قرار ڏنو آهي.

    اهي ٻه فيصلا بظاهر ته ٻن شخصيتن جي خلاف آيل آهن پر اڻ سڌي نموني انهن ٻن فيصلن کي اصل ۾ پيپلز پارٽي حڪومت تي هڪ وار سمجهيو پيو وڃي. فرحت الله بابر ۽ تاج حيدر جو رد عمل به يقينن اهڙو ئي تاثر ڏئي رهيو آهي.

    ان جو مطلب اهو ٿيو ته حڪومت ۾ هوندي به پيپلز پارٽي لاءِ ڪو سازگار ماحول ناهي ۽ اندروني طور تي ڪا روايتي ڇڪتاڻ هلي رهي آهي.

    جيستائين جسٽس (ر) ديدار حسين شاهه خلاف سپريم ڪورٽ جي آيل فيصلي جو تعلق آهي ته اهو فيصلو قومي اسيمبلي جي مخالف اڳواڻ چوڌري نثار علي خان جنهن جو تعلق نواز ليگ سان آهي ۽ صحافي شاهد اورڪزئي جي ڏنل درخواستن تي ڏنو ويو آهي.

    انهن درخواستن ۾ صدر آصف زرداري پاران 10 آڪٽوبر 2010ع ۾ سپريم ڪورٽ جي رٽائر جج سيد ديدار حسين شاهه کي نيب جو چيئرمين بڻائڻ واري فيصلي کي رد ڪيو ويو هو.

    چوڌري نثار سپريم ڪورٽ ۾ درخواست کي داخل ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي پنهنجي موقف ۾ اهو ڄاڻايو هو ته ديدار حسين شاهه پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي ٻه ڀيرا سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهي چڪو آهي ان ڪري سندس غير جانبداري مشڪوڪ آهي. جڏهن ته ان جواب ۾ چوڻ وارن جو اهو چوڻ هو ته سيف الرحمان جنهن کي نواز حڪومت نيب جو چيئرمين بڻايو هو سو ڪهڙو غير جانبدار هو.

    جيستائين جسٽس ديدار حسين جي جانبداري جي حوالي جو تعلق آهي ته اها ڪيڏي نه دلچسپ ڳالهه آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ جج طور جڏهن سندس ڏنل فيصلن کي اڃا تائين چئلينج ناهي ڪيو ويو ته پوءِ مٿس جانبداري جي ڪنهن شڪ جو ڀلا ڪهڙو جواز هو.

    چوڌري نثار جو ديدار حسين شاهه جي مقرري خلاف ٻيو موقف اهو هو ته وزيراعظم گيلانيءَ ان مقرري بابت اپوزيشن ليڊر جي حيثيت ۾ مون سان ڪا مشاورت نه ڪئي هئي، صرف رسمي طور اطلاع ڏنو ويو هو جڏهن ته ان جي جواب ۾ بابر اعواڻ ڄاڻايو هو ته ”قانون موجب مشاورت ته بيشڪ لازم آهي پر اتفاق راءِ نه، سو حڪومت بهرحال آئيني طور پنهنجي ذميواري پوري ڪئي هئي.

    بهرحال ڪجهه به هجي پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته مسلم ليگ (ن) جڏهن جسٽس ديدار حسين شاهه جي نيب چيئرمين طور مقرري کي رد ڪيو هو ته تڏهن ئي پيپلز پارٽي جي اڳواڻن اهو چيو هو ته ديدار حسين شاهه جي مخالفت ان ڪري ڪئي پئي وڃي، جو ان جو سنڌ سان واسطو آهي.[/justify]

    عوامي آواز تي لکيل مضمون
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جسٽس (ر) ديدار حسين شاهه جي تقرري رد

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو