[justify]مقاماتِ عبرت [/justify] حضرت علي عه جو فرمانِ اطهر آهي ته دنيا ۾ مقاماتِ عبرت ته تمام گهڻا آهن پر عبرت حاصل ڪرڻ واريون اکيون تمام ٿورڙيون آهن .اسان اڄ جنهن دور ما گذري رهيا آهيون ان دور جي بي حسي تي جيترو بحث ڪجي اوترو ٿورو آهي اڄ اسان جنهن حالت مان گذري رهيا آهيون بيشڪ اهو سائنس جي حوالي سان ترقي يافته دور آهي پر ان جي حقيقت تي نگاھ وجهجي ته هي انساني لاشعوري جي عروج جو دور آهي. جنهن دور مان اڄ جو انسان گذري رهيو آهي شايد اهڙي دور انسان تي ڪڏهن ناهي گذريو . اسان هن دور کي ترقي يافته دور ڪهڙي بنياد تي تسليم ڪيون جنهن ۾ انساني حاڃا ان نهج تي پهتل آهن ته هڪ طرف انسان انسان جو ايترو ته دشمن نظر ٿو اچي جو هن انسان جي تباهي جا اهي اهي اوزار خلق ڪيا آهن جي پل ۾ پوري دنيا کي تباھ و برباد ڪري سگهن ٿا جن جي بنياد تي حق چوڻ ايڏو مشڪل آهي جو جي ڪو حق جي ڳالھ ٿو ڪري ته ان تي( پوءِ جي اهو) عام ماڻهون آهي ته انتي سماجي پابنديون ۽ جي اهو ڪو ملڪ ته انتي دنياوي ليول تي انساني سوز پابنديون مڙهيون ٿيون وڃن . اڄ اسان جي نگاھ ۾ جيڪي ترقي يافته معاشره ليکيا وڃن ٿا اهي ترقي يافته معاشره به هنن حادثن کان محفوظ ناهن. اڄ سائنس ان شي جو اعتراف ڪري چڪي آهي ته ڪرهِ عرض تي جيڪي تبديليون اچن ٿيون پيون ان جي پٺيان انساني لاشعور ترقي جو وڏو هٿ آهي اڄ سرسبز زمينون بمباري جي ڪري ويران ٿينديون ٿيون وڃن ۽ اڳ ڪٿي ڪرڻ وارا چون ٿا اهي حادثا ائين ٿيندا رهيا ته بعيد ناهي ته اچڻ وارن ڪجھ سالن ۾ انسان معاشرا بدترين ڏڪار جو شڪار ٿي ويندا .ظلم ته اهو آهي جيڪي تحقيق ڪرڻ وارا ادارا جن ملڪن ۾ ويهي اهي اڳ ڪٿيون ڪن ٿا انهن ملڪن جا سربراھ يا انهن ملڪن جون حڪومتون يا انهن ملڪن جون پاليسيون ئي انساني حاڃن جون نيون نيون ترخون مرتب ڪن ٿيون . نه ڪنهن ۾ جرائت آهي جو اٿي ڪري انهن جو هٿ روڪي نه ئي انهن ۾ ڪو شرم آهي ته هو ان برائي تان هٿ کڻن بس هرطرف اقتدار جي حوس آهي جا هنن کي کنيون ذليل ڪندي ٿي وتي ۽ هي آرام سان ذليل ٿيندا ۽ ڪندا وتن ٿا. اڄ اسان جا ادارا اهو چون به ٿا ( مگر زيرِ لب) ته هي اسان وٽ جيڪو زلزلو آيو يا پاڪستان ۾ گزيل سيلاب جنهن هڪ عجيب تاريخ رقم ڪئي ، ۽ انڊونيشيا ۾ آيل سونامي آهي ته انهن سڀني حادثن جي پٺيان هڪ سپر پاور جو هٿ آهي . شايد ڪنهن دوست کي منهنجي ڳالھ تي يقين نه اچي هي حادثا انسان نه ٿو ڪري سهگي انهن دوستن لاءِ بس هڪ ڳالھ چوندس ته ڇا اها حقيقت ناهي ته قيامت کان پهريان خردجال اچڻو جنهن جي هٿ ۾ دنيا جو حقو پاڻي هوندو ڇا اها حقيقت فقط احاديث جي ڪتابن تائين محدود آهي انهن احاديثن جي ڪا حقيقت ڪانهي .ته دوستو هي جيڪي اڄ جا خردجال آهن جن دنيا جي حُقي پاڻي کي پنهنجي تسلط ۾ آڻڻ جي قسم کاڌي آهي ۽ اڪثريت انهن کي پنهنجو آقا سمجهيو ويٺي آهي تي اها خردجال ناهن ته ٻيو ڇاهن . جن حادثن جو مون تزڪرو ڪيو آهي اهي حقيقتون ڪيترن ئي موقعن تي سائنسي اشاعتن ۾ پڻ زينت بڻجي اچي چڪيون آهن، ته هنن حادثن جي پٺيان ڪي هٿ آهن ليڪن اسان جي حقيقت به ان ڪبوتر جيان آهي جيڪو ٻلي کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي اکيون بند ڪري سمجهندو آهي ته ٻلي هن کي ناهيڏڍو ۽ ٻلي ايندي آهي ۽ آرام سان ان جي ڳيچي مروڙي شڪار ڪري هلي ويندي آهي ، جڏهن اسان وٽ حادثا رونما ٿيندا آهن ته اسان ان کي تقدير جو نالو ڏئي چپ ڪري ويهي رهندا آهيون . هن مقام تي مونکي وري گزريل ٻوڏ ۾ دادو جي علائقي ۾ ان جهوني جي ڳالھ ياد ٿي اچي پئي . ڪجھ دوستن سان گڏ جڏهن اسان هڪ ٻوڏ ستايلن جي ڪيمپ ۾ پهتا سون ته اتي رات جو ڪچهري ٿي ڪافي دير تائين ويٺا هيا سون هڪ جهونو جيڪو اسان اڌڙوٽن جي ڪچهري ۾ گهڻي دير تائين خاموش ويٺو هو جڏهن هڪ دوست چيو ته بس ادا هي قدرتي آفت آهي جيڪا اچي پئي آهي ان کي ڪير روڪي ٿو سگهي، جنهن مان اسان اڄ گّذرون ٿا پيا . دعا ڪريو ته الله اسان کي معاف ڪري ، ان وقت اهو جهونو جيڪو هن وقت تائين اسانجي بي مقصد گفتگو تي خاموش ويٺو هو چوڻ لڳو ڪجھ ته شرم ڪريو پنهنجي براين جي رڊِ عمل کي ان رحيم وڪريم جي رحمت سان نه جوڙيو جيڪو انسان سان انسان کان به وڌيڪ محبت ڪرڻ وارو آهي توهان ٻڌو ته هوندو ا، لله انسان سان ماء پي کان ستر ڀيرا وڌيڪ محبت ڪندو آهي توهان کي خبر آهي ته عربي ۾ ستر مان مراد بيشمار آهي ته جيڪو انسان سان ان جي سوچ کان به وڌيڪ محبت ڪندڙ آهي ڇا ان کان گهٽ محبت ڪندڙ ماءُ ڪنهن جي مٿان ڪا مثيبت موڪليندي آهي ته هُو جيڪو ان ماء کان به وڌيڪ محبت ڪندڙ آهي اهو انسان تي مصيبت کي نازل ڪندو آهي پوءِ ان هي حضرت علي عه جو فرمانِ اطهر پڙهيو ته اي انسان تنهنجي بيمار يتنهنجي ڪري آهي ۽ ان جو علاج به تنهنجي اندر مو جود آهي ليڪن تو غور نه ٿو ڪرين . پوءِ ان جهوني چيو پُٽ اهو ته ٻڌايو الله جا جيترا به نالا آهن انهن نالن ۾ ڪو سندسن انلو نقصانڪار آهي نه جي ان جي صفت نقصانڪا ناهي ته پوءِ هي جيڪو نقصان ٿيو آهي اهو اسان جي عملن جو نتيجو آهي . ها هڪ ٻي صورت ٿي سگهي ٿي ته انسان جي مٿان اچڻ واري مشڪل امتحان آهي يا مصيبت آهي جيڪا آزمائش انسان کي الله جو قرب عطا ڪري ته اهو امتحان هوندو آهي جيڪو ۽ جيڪا آزمائش انسان کي الله کان پري ڪري ته اها ان لاءِ مصيبت هوندي آهي . جيئن بارش هوندي آهي اها باغ توڙي ڪچري جي ڍير ٻنهي تي پوندي آهي پوءِ جڏهن باغ تي پوندي آهي ته اتان خوشبو ٿي اٿندي آهي ۽ جڏهن ڪچري جي ڍير تي پوندي آهي ته اتان بدبوءِ ٿي اٿندي آهي ، اهڙي ريت انسان جو ظرف هوندو آهي جڏهن هن کي الله امتحان ۾ وجهي ان جي مرتبي کي بلند ڪندو آهي ته جيڪي اعليٰ ظرف رکندا آهن اهي الله جو تقرب حاصل ڪندا آهن ۽ جيڪي ڪم ظرف هوندا آهن اهي شڪوه ڪري الله جي قربت کان پري ٿي ويندا آهن ااسان ڪئي ماڻهن جي واتان اهي الفظ ٻڌندا آهيون ته هن لاءِ الله کي منهنجو ئي گهر نظر آيو آهي مشڪلن ۾ مان ئي آهيان ۽ اهو پريڪٽيڪل الله پنهنجي انبياءِ جي زريعي پڻ ڪري ڏيکاريو آهي . اڄ جيڪو واقعو خبرن جي زينت بڻيل آهي اهو آهي تازو جاپان ۾ آيل سونامي ۽ زلزلو هاڻي خبرون گردش ٿييون ڪن ته دنيا کي خطرات لاحق ٿي ويا آهن ته ائٽمي گهر جن ۾ ڌماڪا پڻ شروع ٿي ويا آهن انهن ائٽمي گهرن جي تابڪاري جي نه رڪي سگهي ته هي تباهي پوري دنيا کي پنهنجي اثر هيٺ آڻي سگهي ٿي . اڄ ڪو هنن کان سوال ڪري ته اهو ٻڌايو توهان ڪالھ عراق و افغانساتان تي جيڪي تباهي جا بادل آڻي تباهي جا مينهن وسايا ۽ ان جو بنياد دنيا آڏو توهان اهو رکيو ته هي ملڪ دنيا لاءِ تباهي جو ڪارڻ ٿي سگهن ٿا هنن ملڪن ۾ موجود ماڻهن جي جي ائٽم تائين رسائي ٿي وئي ته دنيا تباھ ٿي ويندي وغيره وغيره اڄ توهان جي تقدير توهان لاءِ خودڪشي جو سامان پيدا ڪري ڇڏيو آهي پر هنن کان سوال ڪري به ته ڪير هنن ايران تي ان خوف جي پيشِ نظر پابندين جو سلسلو جاري رکيو آهي ، اڄ ڏينهن تائين ڪنهن هيڻي ڏاڍي تي هٿ ناهي وڌو پر ڏٺو اهو ويو آهي ته ڏاڍن ئي امن جي نالي تي دنيا جي امن و سڪون کي برباد ڪيو آهي الله جو عدالتي نظام فعال آهي ان کي روڪڻ ڪنهنجي وس ۾ ناهي اسان کي دنيا جو حال پنهنجي اصلاح ڪرڻ گهرجي اسان جي حڪمرانن جي حالت هي آهي ته اسيمبلين ۾ ماڻهن جي آسودگي بجاءِ هڪ ٻئي کي لوٽا ڏيکاري هڪ ٻئي جي تذليل ۾ مشغول آهن هي تباهي به اسان کي بيدار نه ڪري سگهي ته سمجهو اسان جي هدايت جا دروازا بند ٿي ويا آهن.وسلام
جواب: مقاماتِ عبرت ڏاڏل جون مهربانيون تمام سهڻو، ڏاهپ وارو ۽ عبرت حاصل ڪرڻ وارو مقالو آهي۔ انسان خبر ناهي ڇو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي عقل ۽ سوچ کي محدود ڪري سوچڻ ڇڏي ڏيندو آهي۔ انسان اشرف المخلوقات آهي پر ڪيترا آهن جيڪي ان اشرف المخلوقات تي پورا ٿا لهن۔
جواب: مقاماتِ عبرت بيشڪ ادا ڏاڏل اوهان تمام بهترين خيالات ونڊ ڪيا آهين اوهان جو هي مضمون تمام گهڻو گهرو ۽ تمام فڪرمندانه آهي ۔ بيشڪ انسان جي مٿان اچڻ واري مشڪل جيڪا در حقيقت انسان جي آزمائش هوندي آهي ۔ جيئن اللت تعالي جو ارشاد آهي ته مان انسان کي ان جي مال ۽ ان جي اولاد ذريعي امتحان وٺندو آهيان ، پوء جيڪو الله تعالي جي امتحان ۾ پاس ٿيندو آهي ۽ الله جي طرفان ان آيل مشڪل تي صبر ڪندو آهي ته الله تعالي ان جي درجات ۾ بلندي عطا ڪندو آهي ۽ ان کي هن دنيا ۾ يا آخرت ۾ ڪو خاص مقام ۽ مرتبو عطا ڪندو آهي جهڙي طرح حضرت ايوب عليه السلام ۽ حضرت ابراهيم عليه السلام جن جي باري ۾ مشهور آهي ۔۔ ادا اهو ان انسان جي مٿان ئي دپينڊ ڪري ٿو ته هو رب جي طرفان آيل آزمائش کي ڪهڙي طرح سان ڏسي ٿو ۔۔۔ بحر حال اهو به سچ آهي ته انسان تي مصيبتون ۽ آزمائشون ان جي عملن جي سبب ئي اينديون آهين انسان کي ان وقت گهرجي ته پهنجو احتساب ڪري ۔۔
جواب: مقاماتِ عبرت رب تعالا پنهنجي ڪلام ۾ ور ور ڪري اهو چيو آهي ته هو سريع الحساب آهي ۔۔۔(تڪڙو حساب ڪندڙ) ٻيو هن مقالي ۾ ڪراڙي ٻوڏ ستايل جي حوالي سان چيل آهي ته ڇا رب جو ڪو اهڙو نالو آهي جيڪو نقصانڪار هجي ۔۔۔ محترم سائين ڏاڏل بيشڪ الله جل وجلاله جو ڪو نالو نقصانڪار ناهي پر هڪ نالو آهي جنهن کان اسانکي ڊڄڻ به گهرجي ۽ پاڻ سنڀالڻ به گهرجي اهو نالو آهي ۔۔۔ “ قهار“ رب جو اهو نالو سندس سڀني نالن تي حاوي آهي ۔۔۔ اوهانجي مقالي ۾ ڪراڙي جي حوالي سان اهو به چيل آهي ته ڀلا ما پي جي پيار کان وڌيڪ پيار ڪندڙ رب ڪنهنکي ڪهڙو نقصان رسائيندو، پر منهنجا ڀا نقصان ڏيڻ الڳ شئي آهي ، قهر ڪرڻ الڳ شئي آهي ۔۔۔ نقصان بغير ڪنهن سبب جي به ڏبو آهي پر قهر اصل ۾ انساني ڪوتاهين ۽ اهي ڪوتاهيون جيڪي ڄاڻي واڻي ڪيون وڃن ،،،،، رب جو قهر ان وقت ئي حرڪت ۾ ايندو آهي ۔۔۔ انڪري اسانجي سهڻي لطيف چيو آهي ته الله ڏاهي مَ ٿيـــان، ڏاهيـــون ڏک ڏســــن، مون سين مون پرين، ڀورائي ۾ ڀال ڪيا۔ دوست ڏاڏل، انسان تمام گهٽ سوچيندڙ ۽ شڪر ادا ڪندڙ آهي، بيشڪ اهي سڀ شامتون الله جي طرفان آهن ۽ اسانجي عملن جون شامتون آهن، سزائون آهن ۔۔۔ ڍڪج ڍولڻهار، آءُ اگهاڙي آهيان
جواب: مقاماتِ عبرت [justify] سائين نثار صاحب ۽ سائين علي علي صاحب اوهانجي مهرباني جو اوهان منهنجي ٽٽل الفاظن جا ايترا تفصيلي جواب ڏنا ۔ سائين نثار بيشڪ الله قهار آهي پر ان جي قهار هجڻ اسان جي فائدي ۾ ئي ته آهي ته جيئن ظالم تي گرفت رهي ڪو سندس ٻاجهاري صفتن مان مظلومن تي ظلم نه ڪري باقي سندس فطرت نطام دنيا تي دائم و قائم آهي جنهن لاء سالڪن جو چوڻ آهي ته جيسي ڪرني ويسي ڀرني يقين نه آئي تو ڪر ڪي ديک جنت ڀي هي جهنم ڀي هي يقين نه آئي تو مر ڪي ديک هاڻي اتي وري سالڪن جو چوڻ آهي ته جتي عمل جو اختتام ٿيندو آهي اها عمل جي موت هوندي آهي ان جو نتيجو ان وقت ئي ظاهر ٿي ويندو آهي جنهن کي اسان بري جو نتيجو برو چوندا آهيون اها ته ان ڪريم جي ستار العيوبي آهي جنهن اسان جي تنبيه به ڪئي ليڪن اسان جي عزت نفس کي به زماني ۾ باقي رکيو آهي [/justify]