بخار فائديمند، علاج ۾تڪڙ نه ڪريو! [justify]جيڪڏهن توهان جي ڪنهن ٻار جون اکيون غير معمولي طور چمڪي رهيون آهن يا ڏرا ڏئي ويون آهن ته پريشان نه ٿيو. ان سان گڏ سندس بدن يا نرڙ تپي رهيو آهي ته پوءِ ڇا ڪيو وڃي. جرمن ڊاڪٽر چون ٿا ته بخار ٿيڻ پريشاني جي ڳالهه نه آهي ٻار ڪجهه دير کان پوءِ نارمل ٿي سگهي ٿو. جرمن ڪاليج فار جنرل پريڪٽشنرز جي ريسرچر شٽيفان ولم جو چوڻ آهي ته هيتري ريسرچ باوجود اڃا تائين اها خبر ناهي ته انساني جسم جو نارمل گرمي پد ڇا آهي اهو مختلف جسمن لاءِ مختلف ٿي سگهي ٿو. مقرر گرمي پد لاءِ سائنسدانن ۾اتفاق راءِ ضروري آهي جرمن فاماسوٽيڪل ايسوسيئيشن جي ترجمان ارسلا زيلر برگ جو چوڻ آهي ته هر انساني جسم جو سراسر گرمي پد تبديل ٿيندو رهندو آهي. صبح جو گرمي پد گهٽ هوندو آهي ۽ ڏينهن چڙهڻ سان گڏ اهو وڌندو ويندو آهي. پريشاني يا ورزش سان به ٽيمپريچر ۾ گهٽ وڌائي ٿيندي رهندي آهي. هارمون ۾ اضافي سبب به گرمي وڌندي آهي. سالن کان گرمي پد 98.6 فارن هائيٽ يا 37.8 سينٽي گريڊ سمجهيو ويندو آهي ۽ ان کان وڌيڪ گرمي پد کي بخار سمجهيو ويندو آهي. ابتدائي بخار جي نشاني نرٽ گرم ٿيڻ يا سيءُ لڳڻ آهي. ان کان سواءِ مٿي ۾ سور، ننڊ وٺڻ ۽ بک ۾ گهٽتائي به ٿيندي آهي. ارسلا موجب ڪنهن جي نبض جي رفتار وڌي وڃي، جسم گرم ٿئي ۽ چپ ۽ زبان خشڪ ٿي وڃن ته جسم جو ٽيمپريچر چڪاسڻ ضروري ٿيو وڃي. ينگ پيپلز فزيشنز ايسوسيئيشن جي ترجمان الرش فيگيلر جو چوڻ آهي ته بخار ٿيڻ ڪا ايمرجنسي ناهي ۽ بخار انساني جسم جي مدافعتي نظام کي چيڪ به ڪري ٿو. بخار سبب مدافعتي نظام متحرڪ ٿيو وڃي ۽ بستري تي ليٽڻ سان سڪون ملي سگهي ٿو. بخار سبب شريانين ۾ رت جو دورو تيز ٿيو وڃي ۽ مدافعتي پوليس جسم کي نارمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. ارسلا موجب ليٽڻ سان بخار ختم ٿيو وڃي. ان دوران پٽڙيون شيون وڌيڪ استعمال ڪيون وڃن. سبز چانهه، جوس ۽ چڪن سوپ فائديمند ٿي سگهن ٿا. شٽيفان ولم موجب عام بخار ۾ ڊاڪٽر سان رابطو غير ضروري هوندو آهي. بخار جيڪڏهن 104 فارنهائيٽ يا 40 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌي وڃي ته پوءِ ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو وڃي. دائمي مرض يا جسم ۾ انفيڪشن سبب ٿيندڙ بخار ۾ ڊاڪٽري معائنو غير ضروري آهي. اسپرين، پيراسيٽامول يا آئي بروفن جهڙين دوائن سان بخار گهٽ ٿيندو آهي. مهانگي دوا ڪنهن به ريت مناسب نه آهي. سستي دوا به ڪارگر هوندي آهي. ليمي يا اڇي کونئر جو قهوو به فائديمدن ثابت ٿيندو آهي.[/justify] روزانه عوامي آواز تان ورتل
جواب: بخار فائديمند، علاج ۾تڪڙ نه ڪريو! ادا اسان کي ته خبرئي نه آھي ته ڪو حڪيم ڀر ۾ ويٺو آھي ۔ آئيندي موتمار حڪيمن کان توبه۔ معلوماتي ونڊ ڪرڻ لاءِ مھرباني ۔
جواب: بخار فائديمند، علاج ۾تڪڙ نه ڪريو! ادا مولا علي عليه السلام جو هڪ فرمان آهي ته ”بخار ۾ جيستائين قوت ساٿ ڏئي گهمندا ڦرندا رهو (يعني پاڻ کي ڪمزو نه ڀانئيو ۽ بستر ڀيڙا نه ٿيو) “ بيشڪ بخار مومن لاءِ نعمت هوندو آهي ڇو ته ان سان سندس ڪيل گناهه (گناهِه صغيره) ڇڻندا رهندا آهن۔۔۔ ٻي ڳالهه اها آهي ته هي موسم اهڙو آهي جو هر ڪو بخار جي ور چڙهيو پيوآهي، مان پاڻ هينئر 2 ڏينهن کان بخار ۾ ورتل آهيان۔۔ پر پاڻ ڪڏهن به بيماري جي آڏو هٿيار ڦٽا نه ڪيا آهن۔۔ تان جو هاڻي بخار ئي توبهه ڪئي آهي ۽ وڃي پيو جان ڇڏيندو۔۔۔
جواب: بخار فائديمند، علاج ۾تڪڙ نه ڪريو! مون ٻڌو آهي ته بخار پاڻ اڪيلي سر نه ايندو آهي، بخار ڪنهن ٻي بيماري يا جسماني هيٺ مٿاهين سبب ٿيندو آهي ۔۔۔ مثال؛ نڙي جو خراب ٿيڻ، ڌڪ لڳڻ، ڦٽ ڦرڙي جو خراب ٿيڻ يا وري اندروني ڪنهن عضوي ۾ ڪنهن تڪليف سبب بخار نڪري پوندو آهي ۔۔۔ سائين محترم وساڻ جو ٿورا