سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

'جنم مبارڪ' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏13 مارچ 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [JUSTIFY]دوستو! اڄ جڏهن سنڌ سلامت جي هيٺان ڪيڪ تي نظر پئي ته سليمان وساڻ جي جنم ڏينهن جي خبر پئي ۔۔۔ حقيقت پڇو ته آءُ پاڻ کي روڪي نه سگهيس ته هن دوست جي جنم ڏڻ جي خوشي ملهايان ۔۔۔ سامهون ته آهي ڪون نه ته کوڙ ساترا ڀاڪر پايانس هان ،،، کيس پپيون ڏيان هان ۔۔۔

    ڇاڪاڻ جن ماڻهن لاءِ لطيف سرڪار چيو آهي ” اچي بوءِ بهار جي“ هي دوست سچ به ته انهن ماڻهن جي فهرست ۾ آهي ۔۔۔ سليمان وساڻ سنڌ جو هڪ سچو ۽ سهڻو پٽ آهي جيڪو پنهنجي وس آهر سنڌ ۽ صرف سنڌ پڪاريندو آهي ۔۔۔ سندس رڳ رڳ ۾ سنڌ ۽ سنڌيت ڀريل اٿس ۔۔۔ انڪري سندس دوستيون به سنڌ خاطر ته دشمنيون به سنڌ خاطر هونديون اٿس ۔۔۔ سنڌ سلامت کانسواءِ هر فورم تي هر رستي تي، هر گهاٽ تي سنڌ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو ۔۔۔۔

    مون وٽ لفظ جواب ڏئي ويا آهن ته آءُ هن سنڌ سلامت جي سرموڙ دوست جي ڪهڙن لفظن ۾ تعريف ڪريان ۔۔۔ سونهن سان، سچ سان، وفائن سان ۽ سورهيائي سان ڀريل انسان جي ڪهڙي تعريف ڪجي ۔۔۔؟؟؟

    دعا آهي ته سنڌ هميشه اهڙا سٻاجهڙا ۽ سورهيه پٽ پئدا ڪندي رهي جنهن جي ڪنڌيءَ تي اسانجهڙا ڪانئر به سورهيه ٿي پاڻ ملهائن ۔۔۔

    سلام ۔۔۔ لک سلام دوست سليمان ۔۔۔

    رب العالمين اوهانکي ڪوسو واءُ نه ڏيکاري ۽ اسان سان سنڌ سلامت سان ۽ سنڌ سان نيهن نڀائڻ جو سلو ڏي ۔۔۔ آمين
    [/JUSTIFY]

    [​IMG]
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

    السلام عليڪم
    سنڌ سلامت جي ڳاله هجي يا سنڌ جي ڪنهن مظلوم جي ظلم جي داستان بيان ڪرڻي هجي سنڌين جي حقن جي ڳاله ڪرڻ واري جو ذڪر هجي يا ڪنهن غريب سنڌي جي سڏ تي ليبڪ چوڻ واري جو نالو بياڻ ڪرڻو هجي ته ادي سليمان جو نالو سر فهرست ضرور هوندو ڪجه انسان اهڙا هوندا آهين جن جي دل ۾ الله پاڪ ٻين جي درد کي سمجهڻ جي سرس طاقت ڏني هوندي آهي ۽ ادو سليمان به اهڙن ئي ماڻهن مان هڪ آهي ۔ ادي سليمان جي انداز ۽ لکڻين مان مون کي هي ڳاله بلڪل چٽي نظر ايندي آهي ته

    جا باهه ٻري آ سا وسائڻ گهرجي
    هي ديس اسانجوآ بچائڻ گهرجي
    پڳ ٽوپي ٫۽ اجرڪ جو ڀرم رکڻوآ
    هي لاک جي لوئي نه لڄائڻ گهرجي.
    اهڙي قسم جا جذبا تمام گهٽ انسان رکندا آهين ادي سليمان جو قلم مسلسل انهن ڪوششن ۾ رهيو آهي ته هو پهنجي قلم جي ذريعي سنڌين جي حقن کي سنڌي قوم سان ٿينددڙ ناجايزين کي پڌرو ڪري سنڌين جي آواز کي دنيا تائين پهچائي ۔ شابس آهي ان نو جوان کي جو هيتري عمر ۾ هن اهو سمجهي ورتو آهي ته اسان کي ڪجه ڪرڻ گهرجي ۔ پهنجي قوم لاڀ پهنجي ڌرتي لاڀ پهنجي حقن لاء ۽ پهنجي ملڪ لاء ۔ اسان جو دعائون ته رب پاڪ اسان جي ان ڌرتي تي ايترا کوڙ سارا نوجوان پيدا ڪري جيڪي ادي سليمان وانگر سوچين ۽ پهنجو پاڻ کي پهنجي قوم ۽ ڌرتي لاء وقف ڪري ڇڏين ۔ اڄ ان جوان پهنجي جواني جو هڪ قدم اڳتي ان زماني ۾ وڌايو آهي جيڪو انسان کي اڃا اڳتي اچڻ لاء سڏي رهيو آهي اسان جو دعائون ته رب پاڪ ادي جي قلم ۽ قدمن ۾ اهڙي طاقت ڏي جو هو زماني جي هر مشڪل کي منهن ڏئي ڪري پهنجي مضبوط قدمن جي بنا تي ترقي جي منزلن کي همڪنار ٿي آمين ثم آمين
    ادا سليمان هن جهوني پاران اوهان کي جنم ڏينهن تي کوڙ ساريون مبارڪ قبول هجن

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز علي بجير

    ممتاز علي بجير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2010
    تحريرون:
    253
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

    ادا سليمان وساڻ اسان جي طرف کان به توهان کي جنم ڏينهن مبارڪ هجي
     
  4. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

    سليمان کي منهنجي پاران به جنم ڏينهن مبارڪ هجي

    گهر ۾ موجود ڪنهن به فرد کي اها خبر ناهي ۽ نه ئي پاڻ ڪو اهڙو ذڪر ڪيو اٿائين ته اڄ سندس سالگره آهي۔ شاباس آهي سنڌ سلامت جي هن نرالي ريت کي جيڪي دوستن کي سالگره جي ڏينهن به ڪونه ٿا وسارن ۽ مبارڪباد ٿا ڏين
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت


    [​IMG]


    سائين محمد سليمان بيشڪ هڪ بهترين دوست نهايت با اخلاق خوش خلقي سندن ڪردار جو اهو نمايان پهلو آهي جيڪو ڪن ڪن سلڇڻن جي نصيب ۾ ايندو آهي الله تعالي کان دعا آهي ته پاڻ رب ڪريم کين صحت و عافيت سان وڏي ڄمار بخشي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

    [​IMG]
    .
    ادا علي علي توهان جيڪي ڳالهيون محترم دوست سليمان وساڻ صاحب لاء لکيون آهن اهي بلڪل صحيح آهن پاڻ هڪ سنڌ سان محبت ڪندڙ ۽ يارن جو يار ، کلڻو ملڻو، جيڪو دل تي سو منهن تي چوڻ وارو پرين پيارو دوست آهي، اهڙا دوست به ڪنهن ڪنهن کي ملندا آهن، ادا محترم دوست سليمان وساڻ صاحب منهنجي طرفان به توهان کي دل جي گهراين سان جنم ڏينهن مبارڪ هجي۔ ۔

    [​IMG]
    http://www.youtube.com/watch?v=QMf04ubvEhY
    http://www.youtube.com/watch?v=-hyJsoPosCE
    http://www.youtube.com/watch?v=rEc8rGonrQw
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

    سنڌسلامت جي سونهن سنڌ، سنڌيت جو چاھ رکندڙ ادبي دوست مٺڙو ۽ هر وقت سنڌي دوستن جي مدد ڪندي نه ٿڪجندڙ دوست پوئٽري ڊزائنر محترم سليمان وساڻ۔۔۔نالو زبان تي ايندي ئي دل کي راحت ملي ويندي آهي۔
    سائين جن جو پنهنجي ٻولي لا ڪم۔۔سنڌ سدائين ياد ڪندي۔ سائين جن جڏهن سان سنڌسلامت جوائن ڪئي ائين لڳندو آهي سنڌسلامت کي چار چنڊ لڳي ويا۔۔۔مصروف هجڻ باوجود به سنڌسلامت کي ڳچ ٽائيم ڏيندا آهن۔۔۽ سنڌسلامت تي هر مسئلي کان هٽي۔۔۔صرف سنڌي ٿي ويهندا آهن۔۔۔سلام سلام محمد سليمان وساڻ صاحب۔

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

    [justify]اڄو ڪي ڏينهن محبتن جا سارا روڊ، سارا رستا، ساريون ارپنائون سڀ جا سڀ اسان جي مٺڙي ۽ موڀِي ڀا ادا محمد سليمان وساڻ جي طرف وڃن ٿا، ڇو جو اڄ سندن جنم ڏينهن آهي، کيس جنم ڏينهن جون ارپنائون ارپي اسان سليمان وساڻ جي جنم ڏينهن جي موقعي تي ساڻس پنهنجا پيار شيئر پيا ڪريون، سائين نثار ابڙي بجا طور بلڪل درست فرمايو ته جيڪڏهن سنڌ سلامت جو راڻو سليمان وساڻ اسان جي سامهون هُجي ها ته کيس پيار مان پپيون ڏيون ها، سليمان وساڻ‌ واقعي چُمين جي لائق آهي ، سليمان وساڻ سنڌ سلامت جي اها سُونهن آهي جنهن سان ساري سنڌ سلامت جو اڱڻ جڳمڳ جرڪي پيو، سنڌ سلامت جو هي واحد دوست آهي جيڪو سدائين مونکي سنڌ سلامت جي اڱڻ لا پنهنجون ذميواريون ياد ڏياريندو آهي، توهان يقين ڪندا ته اُن ويلي مونکي ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي جڏهن سندس فون يا فيس بوڪ تي ميسيج ايندو آهي ته سائين ڪٿي آهيو، سنڌ سلامت جا سمورا دوست انتظار پيا ڪن ، اها ٻي ڳالهه آهي ته مان اڙيڪاپ پوڙهو، محمد سليمان وساڻ کي سدائين اگنور ڪري چئي ڇڏيندو آهيان ته هن پوڙهي مان پنهنجي جان ڇڏايو پر ان هوندي به سندس پيار قسم سان ڪڏهن به گهٽ ڪونه ٿيندا آهن، جنم ڏينهن جون واڌايون ڏيندي کيس دعا ٿو ڪريان ته شال محمد سليمان جو هر ڏينهن خُوشين جا اڻميا خزانه کڻي اچي، مُرڪون سدائين سندس لبن تي رقصان هُجن، هر رات چوڏهين جي چنڊ جي چانڊوڪي جي ٿڌي روشني سندس مقدر هُجي، سندس تمنائون سدائين پوريون ٿين، سندس سپنا سدائين ساڀيان ٿين، پنهنجي پيارن سان ۽ پيارن جا سدائين پيار ماڻيندو رهي آمين ثم آمين۔ [/justify]
    ادا محمد سليمان وساڻ هيپي برٿ ڊي ٽو يو​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

    [justify]مهرباني سائين نثار

    سچ پڇو ته اوهان دوستن ۽ فيس بوڪ تي آيل جنم ڏينهن جي واڌاين تي حيران آهيان۔ اڳ ۾ ته مونکي به ڪڏهن خبر ڪونه هوندي هئي ته منهنجو جنم ڏينهن آهي۔ اوهان پاران لکيل لفظ ۽ ٺاهيل سههڻي ڪارڊ جي پنهنجي اهميت آهي پر اصل ته اوهان جو خلوص ، پيار ، سڪ، محبت ۽ دعائون آهن جيڪي مان چڱي طرح محسوس ڪري رهيو آهيا۔

    سليمان وساڻ ڪجه به ڪونه هو پر اڄ سنڌ سلامت سبب دوست محبت ڏين ٿا، ميسيج موڪلن ٿا، تحفا موڪلن ٿا، سلام موڪلن ٿا ، سڀ انهن جو پيار آهي جنهن جو ڪو ملھ ئي ناهي۔ خبر ناهي ڇو اهري خوشيء جي موقعي تي به مونکي لطيف سرڪار جو هي بيت ياد آيو آهي :
    [/justify]

    الا ڏاهي مَ ٿيان ، ڏاهيون ڏک ڏسن
    مون سين مون پرين ، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

    ڀاء علي علي اوهان جا لک ٿورا

    [justify]علي علي جي پيار ۽ خلوص تي ڇا لکان ۔ پاڻ سهڻي شاعري سان گڏ سهڻن لفظن ۾ ياد ڪيائين سندس ٿورا۔ علي يار پاڻ کي جهونو چورائي اصل منجهائي وڌو ٿي هاڻي جي جهوني کي به ادا چوان ته مطلب مان به جهونو ٿيس۔ آهي نوجوا پر پاڻ کي اها جهوني واري ڇاپ هڻي ڀڄڻ ٿو چاهي۔

    هڪ ڳاله ته اڄ علي علي کي الائي ڇا ٿي ويو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ايڏي وڏي تبديلي اصل مفڪر ٿو لڳي ڇا ته لفظ ٿو لکي ۽ وري اهڙي ڀلي سنڌي لکي اٿس جو واه واه چوڻ تي دل ٿي ڪري۔ دعا ٿو ڪيان ته شال علي جا لفظ پورا ٿين ۽ مان سنڌ جي ڳاله ڪندو رهان ۽ هڪ حلالي پٽ هئڻ جو ثبوت ڏيان۔ علي اڄڪلھ سنڌ جو عاشق پيو لڳي ، سندس اهڙي عمل تي اسان ۾ به حوصلا پيدا ٿيا آهن۔ عليء لاء هڪ شعر عرض ڪندس:
    [/justify]

    اڃان رڃ مان رڙ اچي پئي اچي پئي
    متان ايئن سمجهو مئا مور سارا
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

    مهرباني ادا
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

    مهرباني

    پاڻ وٽ سالگره يا جنم ڏينهن کي ڌوم ڌام سان ملهائڻ جو ڪو رواج ئي ناهي انڪري گهر ۾ ڪنهن کي خبر ناهي۔ شايد اسان کي به خبر نه پوي ها پر سنڌ سلامت ۽ فيس بوڪ جي مهربان دوستن ۽ پيارن جون مهربانيون آهن۔

    واقعي سنڌ سلامت جي هي سٺي ۽ پياري ريت آهي جنهن ۾ دوستن کي جنم ڏينهن جون واڌايون ڏئي دوستي ۽ خلوص جو اظهار پيا ڪن۔
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

    سائين مولوي رحيم بخش صاحب اوهان جا ٿورا

    اوهان پاران ڏنل خلوص ۽ پيار جي مهرباني ، اوهان فون ڪري به مبارڪباد ڏني ۔ اوهان کي سدائين دعائن لاء عرض ڪندا آهيون جيڪي اوهان اڄ به ڏنيون آهن۔ رب پاڪ اوهان جون دعائون قبول ڪري ۽ اوهان کي سدائين خوش رکي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ آمين
     
  14. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

    ادا محترم دوست سليمان وساڻ صاحب منهنجي طرفان به توهان کي دل جي گهراين سان جنم ڏينهن مبارڪ هجي۔
    مون وٽ ته اهڙا لفظ به نه آهن جو اوهان جي شان ۾ لکان۔ اوهان جي شخصيت تي ڪجه چوڻ يا لکڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻ جي برابر آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت



    مهربانيون ادا ممتاز

    اوهان جي پيار ڀرين واڌاين تي تي خوش آهيان۔ اوهان جهڙا ادب دوست اسان جا دوست هجن ته فخر جي ڳاله آهي۔ مونکي خوشي آهي ته سنڌ سلامت مونکي سهڻا ۽ پيارا دوست مهيا ڪيا آهن۔​
     
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

    لک قرب ادا عاشق

    عاشق مونکي سنڌ جو عاشق لڳندو آ ڀلي دوست کيس عاشق مجبور چون۔ سندس خلوص ، پيار ۽ سندس پاران ڏنل مان تي مونکي فخر آهي۔ جهڙو به تڪراري موضوع هجي، ڪو ننڍڙو عرض ڪجي عاشق هاڻي ان جو مان رکڻ ۾ سڀ کان اڳڀرو آهي۔ سندس وڏي ڳاله ته هميشه رابطي ۾ به رهندو۔ مونکي خوشي آهي جو دوست سهڻو ڪارڊ ٺاهڻ سان گڏ سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو آهي۔ سنڌ سلامت کي وقت ڏيڻ به اوهان جهڙن دوستن ڪري ٿيندو آهي

    مهرباني ادا
     
  17. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

    سائين نثار ناز سلام

    سائين نثار اوهان جا لفظ اسان لاء رهنمائي آهن۔ سنڌ سلامت جي ٻنهي نثارن جيڪا رهنمائي ڪئي آهي، پيار ڏنو آهي اهو پنهنجو مَٽ پاڻ آهي۔ اڄ جيڪو ڪجه آهيان سو اوهان سينير دوستن جي صلاحن، اوهان جي رهنمائي ڪري آهيان۔ سچ پڇو ته سنڌ سلامت اسان جهڙن ادب کان اڻ واقف ماڻهن کي ادب شناسائي ڏانهن وٺي آئي آهي۔

    مان گهڻي حجت به ڪندو آهيان ته اها انتظاميه جي ميمبرن سان، شايد سڀ کان گهڻو تنگ به ادا رشيد کي ڪندو آهيان ۽ ٻيو اوهان کي۔ ان جو سبب به اوهان دوست ڄاڻندا آهيو ته هي سڀ مان سنڌ سلامت لاء ڪندو آهيان۔ اوهان جي مهرباني جو اوهان منهنجي هر ننڍڙي گذارش کي پيار واري موٽ ڏيندا آهيو۔ اوهان کي سلام به ڪندو آهيان جو اوهان دوست سنڌ سلامت کي هڪ ٻوٽي مان وڻ جو روپ ڏئي چڪا آهيو ۽ ان جي اڃان آبياري پيا ڪيو۔

    اوهان جي شفقت ۽ دعائن جو منتظر رهندو آهيان۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

    سائين سليمان صاحب کي سالگراهه ۽ جنم ڏينهن جون لک لک مبارڪون۔۔۔
    مٿي دوستن ايترو ڪجهه لکيو آهي جو اسان وٽ ڪي لفظ ئي ناهن بچيا اوهان جي تعريف لائق۔۔
    الله اوهان هميشه خوش رکي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔آمين
     
  19. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

    ادا سومرا صاحب مهرباني

    ڀاء اوهان ايڏي وڏي ڳاله لکي آهي يار اسان ته ڪجھ به ناهيون بس اها ته اوهان دوستن جي حسنِ نظر آهي۔ اوهان جون مبارڪون مليون، پيار ۽ خلوص مليو ان لاء ٿورا
     
  20. IMRAN KHAN

    IMRAN KHAN
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2011
    تحريرون:
    44
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    LARKANA
    جواب: سليمان وساڻ ۽ سنڌ سلامت

    Happy Birth Day suleman wasaan
    sahib
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو