جاپان ۾ آيل زلزلي جون تباه ڪاريون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [JUSTIFY]جاپان ۾ شديد زلزلي ۽ سونامي کانپوءِ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 2500 سئو ٿي ويو آهي، 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهو گم ٿي ويا آهن جڏهن ته ائٽمي پلانٽ ۾ ڌماڪو ٿيو آهي، ڌماڪي بعد تابڪاري مواد خارج ٿي رهيو آهي. مقامي خابرو ادارن موجب 8.9 جي شدت سان آيل زلزلي ۽ سونامي کانپوءِ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 17 سئو ٿي ويو آهي ۽ هزارين ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن جڏهن ته بندر گاهه واري ثمر مينايا نريڪو مان تقريبن 10 هزار ماڻهو گم ٿي ويا آهن، بندرگاهه واري شهر جي ڪل آباد 17 هزار آهي، تقريبن 10 هزار ماڻهن سان ڪو به رابطو ناهي، ان کانسواءِ 4 ريلن سان به اڃا تائين رابطو نه ٿيو آهي، ريلن ۾ سوين ماڻهو سوار هئا ٻئي طرف ٽوڪيو کان 290 ڪلو ميٽر پري فيڪوشيما ڊائيمي ائٽمي پلانٽ ۾ ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي سبب هڪ عمارت جي ڇت اڏامي وئي، ڌماڪي بعد ائٽمي پاور پلانٽ مان تابڪاري خارج ٿي رهيو آهي، مقامي ميڊيا موجب ائٽمي پلانٽ جا 3 ورڪر متاثر ٿيا آهن، جاپان آءِ اي اي اي کي ڌماڪي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، عالمي اداري جاپان کان تابڪاري مواد جي خارج ٿيڻ جا تفصيل گهري ورتا آهن. جاپاني حڪومت جو چوڻ آهي ته ڌماڪي بعد خارج ٿيندڙ تابڪاري تمام گهٽ آهي، ڌماڪي سبب پاور پلانٽ جي اهم عمارت کي نقصان پهتو آهي، ري ايڪٽر رکيل عمارت جي ڀت تباهه ٿي وئي آهي.

    حڪومت موجب ڌماڪي بعد ائٽمي پاور پلانٽ مان تابڪاري مواد جي خارج ٿيڻ ۾ واڌ نه پر گهٽتائي ٿي آهي. تابڪاري مواد خارج ٿيڻ سبب ڳلي جي ڪينسر جو خدشو آهي. پلانٽ مان ڌماڪي بعد دونهون نڪرڻ شروع ٿي ويو آهي. عملدارن جو چوڻ آهي ته فيڪو شيما ۾ واقع ائٽمي پاور پلانٽس جو ڪولنگ سسٽم خراب ٿي ويو آهي. جاپان جي نيو ڪليئر اينڊ سيفٽي ايجنسي جو چوڻ آهي ته فيڪو شيما جي هڪ ائٽمي پاور پلانٽ ويجهو تابڪار مواد مليو آهي، اهو مواد يورينيم ۾ فيوزن سبب پيدا ٿيندو آهي. جڏهن ته زلزلي ۽ سونامي کانپوءِ جاپاني حڪومت وڏي پيماني ريسڪيو جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ريسڪيو جي ڪم ۾ 50 هزار فوجي ۽ ٻيا اهلڪار مصروف آهن، زلزلي بعد زندهه بچيل ماڻهن جي هر هنڌ ڳولا ڪئي پئي وڃي،

    هن وقت تائين امدادي ڪارڪنن سوين ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي پهچايو آهي. جڏهن ته سامونڊي علائقن توڙي زلزلي سبب متاثر ٿيل شهرن ۾ لکين ماڻهو پاڻي ۽ بجلي جي سهولت کان محروم آهن، سينڊاءِ، فِڪر شيما ۽ ٻين علائقن م ڪيترائي گهر ڊهي ويا آهن، جاپان ۾ مقرر آمريڪي فوج پاران امدادي ڪاررواين لاءِ جهاز موڪليا ويا آهن، ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ جو ڪم به جاري آهي، آمريڪا ائٽمي پاور پلانٽ ۾ ڌماڪي بعد ان علائقي ۾ رهندڙ آمريڪين کي واپسي لاءِ خبردار ڪيو آهي ۽ کين واپسي جي وارننگ جاري ڪئي آهي. ٻئي طرف جاپان ۾ رهندڙ پاڪستانين جي اڪثريت محفوظ هنڌن تي آهي جڏهن ائٽمي پلانٽ واري ثمر فِڪوشيما مان پاڪستانين کي ٽوڪيو منتقل ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي، فِڪوشيما ۾ رهندڙ پاڪستانين کي وڏو مالي نقصان ٿيو آهي، فِڪوشيما ۾ رهندڙ پاڪستانين پاڪستاني ميڊيا سان رابطو ڪري پنهنجي محفوظ هئڻ کان آگاهه ڪيو آهي.

    [/JUSTIFY]

    ائٽمي ري ايڪٽر ۾ ٿيل ڌماڪو

    http://www.youtube.com/watch?v=kjx-JlwYtyE

    http://www.youtube.com/watch?v=X4lIFEDFYIw

    http://www.youtube.com/watch?v=ZWmjRG3m6Dw

    تباهي جا وڌيڪ منظر ڏسو​

    http://www.youtube.com/watch?v=EQg4kHYrZ9c

    http://www.youtube.com/watch?v=xcORiw2KBpI

    http://www.youtube.com/watch?v=z4ZPmw275_w
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو