شاهه لطيف جو تخيلاتي ڪردار ۽ سنڌ جا اهنج

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شاهه لطيف جو تخيلاتي ڪردار ۽ سنڌ جا اهنج

    [justify]سنڌي سماج جي هر ذري، هر لقاءُ، هر مظهر، هر ڪيفيت، جملي شين تي جنهن شخصيت جو اٿاهه اثر آهي، اهو آهي سنڌ جي ۽ دنيا جي سڀ کان وڏي اڪيلي عظيم شاعر لطيف جو. لطيف اونهو ۽ گهرو فڪر ڏيندڙ وڏو عالم، وڏو مفڪر ۽ وڏو نظريي دان پڻ آهي. لطيف هڪ فرد نه پر هڪ هماگير ۽ ڪائناتي علم جو نالو آهي، جنهن وٽ تاريخ جو غير معمولي ادراڪ، سماجيات جي اننت ڄاڻ ۽ اقتصاديات، مذهب، فلسفي، تصوف، ادب، آرٽ جو بي ڪنار ساگر آهي، جنهن مان هن ناياب موتي چونڊي سنڌ ۽ عالم جي آبياريءَ لاءِ پنهنجي لازوال شاعريءَ جي ذريعي امانت باسلامت اسان تائين پهچائي. لطيف سخت ڇڪتاڻ واري دور ۾ جنم ورتو. سنڌ ان وقت غلاميءَ جي ڊگهي پيڙا ڀوڳي رهي هئي. لطيف جي شعور سنڀالڻ تائين جيتوڻيڪ ڌارين مغل حڪمرانن جي سنڌ جي سرحدن تان بظاهر حڪمراني زوال پذير ٿي چڪي هئي پر ان جي تباهيءَ جا آثار لطيف جي اڳيان هئا ۽ سنڌ جي تباهه حال معاشي حالتن تي لطيف للڪاري چيو،

    نه هي وونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،
    پسيو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.

    لطيف هڪ طرف يگاني مفڪر طور سنڌ جي اندر جوڳين، ڪاپڙين، سامين سان گڏجي ڪنهن انقلابيءَ جيان عوامي مهم هلائي رهيو هو ته ٻئي طرف پنهنجي مادري ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ ان کي پنهنجي بي بها شاعريءَ جي اڏام کٽوليءَ تي ويهاري سنڌ جي ماڻهن تائين پهچائي رهيو هو. اهڙيءَ طرح تاريخ رڳو لطيف کي هڪ وڏو، مها ساگر جيڏو شاعر نٿي سمجهي پر هن کي ساڻيهه دوست، انقلابي ۽ جهيڙيندڙ جنگجو، ارڏو ۽ باغي انسان به تصور ڪري ٿي، ڇو ته لطيف جا رڳو آئيڊيل ته ڏسو! سراپا احتجاج، اڻٿڪ، پوئتي نه موٽڻ واري سسئي، جيڪا چوي ٿي:

    وڃو سڀ وري، آئون نه ورندي وَرَ ريءَ!
    يا وري سسئيءَ جو هي خيال:
    جي مارڳ منجهه مرن، وڏا طالع تن جا.

    هوءَ منزل کي ڪجهه نٿي سمجهي، منزل لاءِ وڙهندي راهه ۾ مري وڃڻ کي هوءَ وڏو ڀاڳ ٿي سمجهي. هوڏانهن لطيف جي ٻي سورمي سهڻي مقصد لاءِ ووڙيندڙ، بي خوف ۽ وفا جي علامت آهي، جيڪا چئي ٿي ته ماڻهو جڏهن ڪنهن مقصد لاءِ نڪري پوي ٿو، تڏهن کيس دريا جون خوفناڪ ڇوليون، واڳن جا وات، ڪُنن جا ڪڙڪا ڪجهه نٿا ڪري سگهن، بشرطيڪه هو پنهنجي مقصد سان سچو هجي، جهڪڻ نه ڄاڻي، سڌڙيو نه هجي. لطيف جا تصور، لطيف جا آدرش پنهنجي مخصوص دور جا قيدي نه هئا. لطيف پنهنجي دور جي نام نهاد نظرين کي نٿي قبوليو، هو ملان، پير، پنڊت جي ڪڍيل دائرن ۾ نٿي جي سگهيو. هو هٿرادو کڙيون ڪيل ديواريون ڊاهي رهيو هو. هن جي ذات ۾ تنگ نظري نه هئي، مذهبي ۽ نسلي فرق نه هو، ان ڪري اڄ هو هر مڪتبهءِ فڪر جي ماڻهوءَ جو رهبر آهي، سونهون آهي، جيڪو ڪٿي ڪنهن سپهه سالار جيان چئي رهيو آهي ته:

    هڻڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهيان ايءُ مرڪ،
    وجهن تان نه فرق، رڪ وهنديءَ راند ۾.

    هو وري پنهنجي ساٿين، همسفرن، هم زبان ماڻهن کي ائين سمجهائي رهيو هو ته،

    ننڍي ناهي نفعو، وڏي جنگ مَ وسار

    ان وڏي جنگ لاءِ سوچ، جيڪا پنهنجي تاريخ، پنهنجي زمين، پنهنجي تشخص، پنهنجي بقا لاءِ توکي وڙهڻي آهي. اڄوڪين حالتن ۾ سنڌ لطيف جي ان ”وڏي جنگ“ ۾ ڌڪي ويئي آهي. سياسي، سماجي اختيارن کان محروم، محڪوم، وسيلن جي ڦرلٽ، دريا تي قبضا، ٻوليءَ سان دشمني، شهرن تي قبضو- مطلب ته وطن جو هر گوشو، هر گهٽي تاريڪ آهي. سنڌ تاريخ جي بدترين ڇڪتاڻ واري دور مان گذري پئي پر اتان اها ڪيئن پار پهچندي، ان لاءِ اسان کي لطيف ڏانهن هلڻو پوندو، جنهن چيو آهي:

    هڪ ڌر تتي ماءِ، ٻي ڄَرَ سندي سڄڻين،
    هلي ۽ واجهاءِ، ٻنهي ڄيرين وچ ۾.
    جنهن چيو هو:
    گهوريو سو پرڏيهه، توڙي ڦلن ڇانئيو.

    اسان کي لطيف جو اهو تخيلاتي ماڻهو، اهو ڪردار، اها وٿ ٿيڻو پوندو، جنهن جي تشريح ڪندي هن چيو آهي ته:

    جُوءِ سا ڏورين، جا سُئي نه ٻُڌي.

    اسان کي اهو ماڻهو ٿيڻو پوندو، جيڪو نام نهاد نظرين جا نيئر ڇني مقتل ۾ ڪاهي پوي. جيڪو پوئينءَ وير تائين وڙهي. جيڪو ٽڪرن کي چوي ته ٽري وڃو. جيڪو بهادر هجي، نهٺو هجي، ليڊر به هجي، ورڪر به هجي. سچو اهڙو جو سندس هٿ تي سون جا ٿالهه رکيا وڃن، تڏهن به هو انهن کي ٿڏي ڇڏي ۽ جيڪو سنڌ جي محڪوم ماڻهن کي دنيا جي آزاد، باوقار ۽ صف اول جي قومن جي قطار ۾ بيهاري. لطيف جي دور واري سنڌ ۽ هاڻوڪي سنڌ جي حالت ۾ ڪو گهڻو فرق ڪونهي، ڇو ته ڪالهه به سنڌ محڪوم هئي، اڄ به سنڌ محڪوم آهي. ڪالهه به ٻولي بچائڻ لاءِ لطيف دانهون ٿي ڪيون، اڄ به لطيف جي ٻولي خطري ۾ آهي. ڪالهه به سنڌ جي مارڪيٽ تباهه هئي، لطيف وونئڻن جي نه هئڻ ۽ ڪاتارين جي کوٽ جون دانهون ٿي ڪيون، اڄ به سنڌ جي مارڪيٽ تباهه آهي. زرعي ۽ صنعتي پيداوار تي هڪ مخصوص نظريي جي نالي تي قبضو ڪيو ويو آهي. اڄ به سنڌ جو نوجوان، سنڌ جو وارث، سنڌ جو مزدور، هاري اڪيلو ڪيو ويو آهي، پر ان سنڌ کي هاڻ لطيف جي پيغام کي سمجهڻو پوندو، لطيف سان رجوع ڪرڻو پوندو، لطيف جي واٽ تي هلڻو پوندو، لطيف جي شاعريءَ کي راهه جي مشعل بنائڻو پوندو. اسان لطيف جو تخيلاتي ڪردار ٿي هڪ ڊگهي، لڳاتار، اڻ کٽ، بامقصد جدوجهد ڪئي ته يقينن سنڌ بچي پوندي، سنڌ پنهنجي حقيقي منزل ماڻيندي ۽ پنهنجن سمورن اعلا انساني قدرن سان سڄي دنيا تي اثر انداز ٿي سگهندي. اهو اعليٰ آدرشي خواب آهي، جنهن جو ذڪر علي قاضي به ڪيو آهي پر ان لاءِ لطيف جي ڏسيل خوبين، ڳڻن واري ماڻهوءَ کي اڳتي آڻڻو پوندو. ان ماڻهوءَ کانسواءِ ڪابه ڪانفرنس تبديليءَ جو محرڪ نٿي ٿي سگهي.[/justify]

    نواز شاهه ڀاڏائي / نظرياتي شعبي جو چيئرمين ۽ مرڪزي اڳواڻ جسقم (آريسر)

    روزانه ڪاوش تان ورتل
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: شاهه لطيف جو تخيلاتي ڪردار ۽ سنڌ جا اهنج

    بهترين ونڊ آهي سائين .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو