اسان سنڌي آهيون

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏13 مارچ 2011۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    اسان سنڌي آهيون


    اسان سنڌي آهيون ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي

    پر ٿورو غور

    اسان سنڌي هجڻ سان گڏ ٻيو گهڻو ڪجھ به آهيون

    اسان سنڌي هجڻ سان گڏ سولنگي به آهيون

    اسان سنڌي هجڻ سان گڏ مسلمان به آهيون

    اسان سنڌي هجڻ سان گڏ شيعه يا سني ديوبندي وغيره به آهيون

    جيڪڏهن ڳالھ ذات تي ايندي ته به اسان سنڌي هڪ ٻئي سان وڙهنداسين....تون سولنگي مان سومرو

    جيڪڏهن ڳالھ مذهب تي ايندي ته به اسان پاڻ ۾ وڙهنداسين.... تون هندو مان مسلمان

    جيڪڏهن ڳالھ فرقي يا عقيدي تي ايندي ته به اسان پاڻ ۾ وڙهنداسين.... تون شيعو مان سني

    اسان سنڌين جي وڙهڻ جو فائدو ڪنهن کي ٿو رسي...ڪڏهن ان تي به ته سوچيو.؟؟

    سنڌ معدنيات ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال..اُتي هڪ نظر اوهان ڪڏهن سنڌين تي ڦيرايو....ته سنڌين جي حالت ڇا آهي...؟؟

    اسان آهيون ته سنڌي ۽ اسان جي اصل ثقافت ڇا آهي....اسان جا ابا ڏاڍا ڇا هُئا...۽ ڇا ڪري ويا....اسان ان جي شايد ابتڙ هلي رهيا آهيون

    اسان سنڌين جا عقيدا نظريا الڳ الڳ ۽ جاهل قومن وارا آهن...معزرت سان

    ڪري مرد لوڙي عورت

    وارو قصو لڳو پيو آهي

    اسان ۾ جيتري ذات پرستي آهي....اوتري قوم پرستي نه آهي.

    اسان پنهنجي نياڻي ڪنهن به ٻئي ذات ۾ ڏيڻ پسند نه ڪندا آهيون

    اسان پنهنجي پُٽ کي ڪنهن به ٻئي ذات مان شادي ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا آهيون

    ڇو ته هو عباسي آهي ۽ اسان سومرا آهيون...اسان ڪڏهن به ذات پرستي کان هٽي ڪري نه سوچيو آهي... ذات پرستي جو وڏي ۾ وڏو نقصان سنڌ ۾ هلندڙ قبيلائي جهڙا هڪ وڏو مثال آهي...جيڪڏهن اسان ۾ قوم پرستي هجي ته ائين ٿيڻ نا ممڪن آهي.

    سو خدارا ذات پرستي کان هٽي ڪري اگر اوهان قوم پرستي جي سوچ رکندا ته اسان سنڌي آهيون...ذات صرف سڃاڻپ جي لاءِ آهي..باقي تون ۽ مان صرف سنڌي آهيون...اول آخر

    [​IMG]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اسان سنڌي آهيون

    عاشق اڳ چهنڊڙيون پائيندو هو پر شايد چهنڊڙين مان ڪم نه ٿيو ته لپاٽون ۽ ٿڦڙون هڻڻ شروع ڪيون اٿائينَ ۔۔۔

    ڀلا ڇو نه جڏهن سنڌ جو سور سيني ۾ سانڍيندڙ انسان سنڌ تي گهري نظر ڊوڙائي ٿو ته هر طرف عاشق جي ڳالهه جيئان ۔۔۔ ڪو ذات پرستي ۾ ورتل ته ڪو قبيلي جي قرب ۾ ڦاٿل ته وري ڪو سني ۽ شيعو ۽ وري ڪو مختلف مذهبن جي پوئواري ڪري پاڻکي ٻين کان الڳ ڪيون بيٺو آهي ۔۔۔ ٻاهر ۽ ظاهر سنڌ جي ڳالهه ڪندڙ به جڏهن اڪيلا ٿين ٿا يا پنهنجن وٽ وڃن ٿا ته پو سنڌ جي ڳالهه ڪير به نٿو ڪري۔

    قومون سڀ ڪجهه هونديون آهن، انهن ۾ خاندان به هوندا آهن، قبيلا به هوندا اهن، ذاتيون به هونديون آهن ته مختلف نظريا ۽ مذهب به هوندا اهن پر اهڙو انڌير جهڙو سنڌ ۾ آهي اهڙو نه ڏٺو نه ٻڌو ۔۔۔

    اچو ته اسين سڀ سنڌي عاشق سان گڏ سنڌين کي چهنڊڙيون پايون ۽ پنهنجي آس پاس ٿيندڙ اهڙي قسم جي منافقت کي ختم ڪرائي سنڌ ۽ سنڌيت جو رواج عام ڪريون ۔۔۔

    لک ٿورا عاشق سائين ۔۔۔

    چهنڊڙيون، ٿڦڙون ۽ چهبڪ ۔۔۔ استعمال ڪندا رهو

    بقول هڪ شاعر جي؛
    نٿو جو سنڌ لئه لڙي نٿو جو سنڌ لئه مري سو سنڌ مان لڏي وڃي
     
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: اسان سنڌي آهيون


    ادا عاشق تمام بهترين ادا سلام آهي اوهان جي ان سوچ کي ادا جيسيتائين اسان هرشي کي هر فرق کي ڀلائي ڪري هر نفرت کي پهنجي دل مان ڪڍي ڪري اسان صرف اهو نه سوچيندا سي ته اسان صرف سنڌي آهيون هڪ ڌرتي جا پٽ آهيون جيسيتائين اسان قبيلائي جهيڙن ، فرقه پرستي ، پارٽي پرسيتي ، وغيره جهڙي شيطاني سوچ مان نٿا نڪرون ايسيتائين ترقي ڪر ڻ محال آهي جي اسان کي ترقي ڪرڻي آهي تهپوء پهنجي قوم جي ڪنن تائين اهو آواز پهچائڻو پوندو ته خدا را اسان هر ڪجه ڀلائي ڪري صرف اهو سوچيون ته اسان سنڌي آهيون ۔۔۔هر شي کان پهريان ۔۔۔۔۔۔۔۔
    عاشق جاني مهرباني اوهان جي انهن سهڻن خيالن ونڊ ڪرڻ جي سائين نثار جي ڳاله وانگر اهڙيون ٿفڙون جاري رکندا
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: اسان سنڌي آهيون


    ادا عاشق تمام بهترين ادا سلام آهي اوهان جي ان سوچ کي ادا جيسيتائين اسان هرشي کي هر فرق کي ڀلائي ڪري هر نفرت کي پهنجي دل مان ڪڍي ڪري اسان صرف اهو نه سوچيندا سي ته اسان صرف سنڌي آهيون هڪ ڌرتي جا پٽ آهيون جيسيتائين اسان قبيلائي جهيڙن ، فرقه پرستي ، پارٽي پرسيتي ، وغيره جهڙي شيطاني سوچ مان نٿا نڪرون ايسيتائين ترقي ڪر ڻ محال آهي جي اسان کي ترقي ڪرڻي آهي تهپوء پهنجي قوم جي ڪنن تائين اهو آواز پهچائڻو پوندو ته خدا را اسان هر ڪجه ڀلائي ڪري صرف اهو سوچيون ته اسان سنڌي آهيون ۔۔۔هر شي کان پهريان ۔۔۔۔۔۔۔۔
    عاشق جاني مهرباني اوهان جي انهن سهڻن خيالن ونڊ ڪرڻ جي سائين نثار جي ڳاله وانگر اهڙيون ٿفڙون جاري رکندا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو