آصف علي جانوري
سينيئر رڪن
Sindh sada aabad rahe
ادا اسلام عليڪم يا علي مدد۔ دوستو مان ڪوٽڙي ۾ رهندو اهيان ۔ انٽر جو شاگرد ۽ پلس درزڪو ڪم ب ڪندو آهيان، استاد افتخار علي چوهاڻ صاحب مون کي هن سائيٽ بابت ٻڌايو آهي ، سائيٽ مون کي ڏاڍي وڻي، سنڌي ٻولي لا ڏاڍو ڀلو ڪم ٿئي پيو ، منهنجي ٽائپنگ ڪمزور آهي جلد ڪوشش ڪري سکي ويندس ، دوستن جون مهرباني
اڃا ته وھ ھي وات آھي
اڃا ته ڪاري ھي رات آھي
اڃا نه پيرون پڪا پٽن تي
اڃا به تالا آھن چپن تي
اڃا اميدن ۾ آرا آھن
اڃا به بکيا سارا آھن
اڃانه ڪنهن وٽ لٽوڍڪڻ لئ
اڃا نه پاڻي ملي پيئڻ لئ
اڃا نه ٿيو آ پنڌ ھي پورو
اڃا نه ٿيو آ پنڌ ھي پورو
اڃا به مسڪين ماڻھو مرن ٿا
اڃا به ڏيھي ڏک ڏسن ٿا
اڃاظلمت ٿئي پئي زوري
اڃا ڊگهي ٿي ڪانه ٿوري
اٿو ته ھاڻي ڪو مچ مچايون
ڏاريون ڏونگر ڌاريا ڀڄايون
پياري سنڌ کي اچو بچايون
سچائي سان تنهن سان نينهن لايون
وفائن جا رخ سڀھن ڏانهن موڙي
ظلمت جا ڇڏيون زنجير ٽوڙي
اھا آس اڄ ڀي اٿي رھي آ
سگهاري سوچن لڇي رهي آ
اها آس اڄ ڀي اٿي رھي آ
دائودپوٽه رسول بخش