• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سليمان وساڻ کي جنم ڏينهن تي ڀيٽا

علي ظفر

نائب منتظم
انتظامي رڪن

السلام عليڪم

ادي محمد سليمان وساڻ جي سنڌ ۽ سنڌين لاء محبت ڏسي ڪري انهن لاء جيترو ڪجه لکجي تمام گهٽ آهي پر صبح مان جڏنهن نيٽ تي آيس ته مهنجي ذهن ۾ ادي لاء ڪجه سٽون تري آيون جن کي اسان جي پرين پياري عاشق چترڪاري ڪئي سو اوهان سامهون پيش آهين ۔۔
IMG
 
جواب: سليمان وساڻ کي جنم ڏينهن تي ڀيٽا

لک مهربانيو علي علي جون

مان شاعريء سان محبت به ڪيان ته وري ڪوهين ڏور به ڀڄان پر علي علي مونکي جيڪا ڀيٽ ڏني آهي ان تي ڇا لکان۔۔۔ علي علي پاڻ به محبتي ماڻهو آهي ۽ سنڌ سلامت جو سهارو آهي پاڻ ته ڪنهن ڳڻپ ۾ ڪونه هوندا آهيون پر دوست جيڪو پيار ، جيڪو خلوص ڏنو آهي سچ پڇو ته مان پاڻ کي ان جي لائق ڪونه پيو سمجهان۔ سنڌ جي سينڌ سنوارڻ‌۾ اسان ڪو خاص ڪردار ادا ڪونه ڪيو آهي۔ مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته شايد مان سنڌ ڌرتيء تي بار آهيان۔۔ ڇو ته ان جي عظمت لاء ڪجه ناهي ڪيو۔

هي ته جهونڙي جون مهربانيون آهن جو شاعريء سان ڀيٽ ڏني اٿس۔ جڏهن کان سنڌ مان ٿي موٽيو آ ته اصل سنڌ جو عاشق ٿي پيو آ۔ شاعري به غضب جي شروع ڪئي اٿس، ڏاڏل ۽ مونسان ته ڪونه ملي سگهيو باقي لڳي ٿو مست يا عرس پريي جي مهرباني اٿس۔ يا وري سائين نثار ناز سان ڪا ڳجهي ملاقات ڪري ويو آهي جنهن پاڻ وري ڏات جي ديوي موڪلي ڏني اٿس ۔

يار علي اوهان جي ڏنل پيار ۽ خلوص جو دل سان شڪر گذار آهيان
 
Back
Top