ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
مدرسه هاءِ اسڪول نوشهروفيروز جو باني سيد الهندو شاهه
شاهد چنه
جڏهن برصغير ۾ تعليم جي کوٽ هئي ته ان وقت سنڌ جي آفندي خاندان جيان ساهتي جي سپوت سيد الهندو شاهه 33 سالن جي ننڍڙي عمر ۾ 1883ع ڌاري مدرسه هاءِ اسڪول نوشهروفيروز جوڙايو، انهي مڪتب مان ڪيترائي عالم اديب پڙهي نڪتا. علامه آءِ آءِ قاضي کان وٺي ڊاڪٽر دائودپوٽي تائين کوڙ سارا سنڌ جا ماڻهو جيڪي علمي روشني کان وانجهيل هئا انهن اها علمي لاٽ اتان ئي حاصل ڪئي. سيد الهندي شاهه جون ڪوششون علمي حوالي سان ساراهڻ جوڳيون هيون. ڇو ته برطانوي راڄ دوران سنڌ ۾ تعيلم جو فقدان ۽ اڻهوند انتهائي حد کان وڌيڪ هئي. انهي حالتن کي نظر ۾ رکندي سيد الهندي شاهه سنڌ جي ماڻهن لاءِ علمي مڪتب کولي وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو. اهوئي سبب هو جو هن وقت به هند توڙي سنڌ ۾ جن به هن مڪتب مان علم جي روشني حاصل ڪئي اهي ماڻهو اڄ به سيد الهندي شاهه کي ياد ڪري ان جي فضيلتن جو بيان ڪندي کيس ساراهين ٿا. حقيقت به اها آهي ته سنڌ جي هن سپوت پاران جيڪڏهن هي مدرسه هاءِ اسڪول 18هين صدي ۾ نه جڙي ها ته ڪيترائي عالم اديب جنم نه وٺن ها پر افسوس جو سنڌ حڪومت کان وٺي ڪوبه ساڃاهه وند هن کاهوڙي ڪردار جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ به تيار نه آهي نه وري ڪڏهن هن جي جوڙيل مڪتب ڏي منهن موڙي ڏٺو آهي ته ان جي حالت پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڪهڙي بڻجي وئي آهي. اهي هاسٽلون، اهي ڪلاس روم، سندس ئي جوڙايل کان وٺي اهي پارڪ ۽ لائبريري جو هن وقت نشان به نظر نٿو اچي، ان تباهي تي ٻيو ڪو ڳوڙها ڳاڙي نه ڳاڙي پر درٻيلي ۾ 19 آڪٽوبر 1919ع تي جنم وٺندڙ سيد الهندي شاهه ضرور لڙڪ لاڙيا هوندا. ڪيڏي نه افسوس جوڳي ڳالهه آهي جو ان جي جوڙايل تاريخي مدرسه هاءِ اسڪول کي سوا صدي گذري چڪي آهي پر هن وقت تائين ان جي تاريخي حيثيت کي وڌائڻ لاءِ ڪهڙي به سرڪار ڪردار ادا ناهي ڪيو.جنهن جي ڪري هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي اهي ته سيد الهندي شاهه جي خدمت ۽ وقار کي جيڪڏهن اڳتي وڌائڻو آهي ته سنڌ جي ساڃاهه وندن کي ان جي ٻاريل شمع کي روشن ڪرڻو پوندو. اڄ به سيد الهندي شاهه کي سنڌ ساري ٿي ان جي مڪتب ڏانهن نهاري ٿي ته سيد الهندي شاهه جي ٻاريل شمع کي اچو ته روشن ڪريون. افسوس جو سنڌ جي ٻين عظيم هستين جيان سيد الهندو شاهه به سنڌ کان وڇڙي ويو پر سڄي سنڌ توڙي هند کيس اڄ به خراج عقيدت پيش ڪري ٿي.
سيد الهندو شاههجو جوڙايل مدرسه هاءِ اسڪول نوشهروفيروز
جو افسوس سان ڀريل احوال
حقيقت ته اها آهي ته سنڌ جي هن سپوت سيد الهندو شاهه رح صاحب پاران جيڪڏهن هي مدرسه هاءِ اسڪول 18هين صدي ۾ نه جڙي ها ته ڪيترائي عالم اديب تعليمي ماهر جنم نه وٺن ها پر افسوس جو سنڌ حڪومت کان وٺي ڪوبه ساڃاهه وند هن کاهوڙي ڪردار جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ به تيار نه آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان جڏهن ننڍا هوندا هئاسين ته هن عظيم انسان سيد الهندو شاهه رح صاحب جن جو سبق پرائمري جي درسي ڪتابن ۾ پڙهندا هئاسين۔ ،مگر افسوس جي ڳالهه اهيا به آهي ته ان سبق کي ئي پرائمري جي درسي ڪتابن مان خارج ڪيو ويو آهي، خبر ناهي ڇو؟۔۔۔ جنهن شخص سنڌ جي ماڻهن لاء هيڏو وڏو ڪم ڪيو بقول شاهه صاحب ته انهن سان به هيڏا هاڃان ٿين، بري هن بنڀور ۾۔۔۔