سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ امن جي پکي جو راڄ ٿيندو سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي نتيجي ۾ 90 کان وڌيڪ خاندانن جي زندگي تباهه ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان جي وفاقي توڙي صوبائي گهرو وزارت ڪراچي ۾ ڌرين وچ ۾ ڳالهيون ڪرائڻ ۾ ڪاميابي ماڻي جمهوري حڪومت جي وزيراعظم پاران پريس ڪانفرنس ڪرائي سنڌ واسين ۽ مرڻ وارن جي خاندانن کي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڄڻ هاڻي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ امن جي پکي جو راڄ ٿيندو. ايندڙ ڏينهن ۾ سڀئي هٿياربند ڌريون پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري عوام کي سک جو ساهه کڻڻ جي آزادي ڏينديون ۽ هاڻي سنڌ ۾ ڪڏهن به ٽارگيٽ ڪلنگ جهڙا سماج دشمن عمل نه ٿيندا۔۔۔۔۔ خبرعوامي آواز نوٽ۔۔۔۔ سنڌ سلامت جا ساٿيو هن ڳالهه تي تبصرو ڪيو