[font="al_mushaf"]سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي جو خواب[/font] انجنيئر عبدالرزاق عمراڻي ٻين جنگ عظيم دوران نازي فوجون يورپ کي تاراج ڪنديون تباهي مچائينديون دنيا جي ٻئي صدي تائين پهچي ويون ۽ اُن دؤر ۾ هٽلر چرچل کي پيشڪش ڪئي ته جي اتحادي فوجون جرمني جي ٻن مشهور يونيورسٽين هائيڊل برگ ۽ گوٽن تي حملو نه ڪرڻ جو واعدو ڪن ته نازي فوجون به برطانيا جي ٻن يونيورسٽين آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج تي بمباري نه ڪنديون، چرچل اها پيشڪش قبول ڪري ورتي. ان وقت وزيراعظم چرچل کان ڪنهن دوست پڇيو ته اوهان اها پيشڪش ڇو قبول ڪئي آهي ته هن جواب ڏنو ته جيڪڏهن برطانيا تباهه ٿي وڃي پر جي آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج بچي ويون ته آئون سمجهندس ته ڪو به نقصان نه ٿيو آهي. پر جي آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج تباهه ٿي وڃن ۽ سڄو برطانيا قائم هجي ته به آئون اهو سمجهندس ته برطانيا برباد ٿي ويو. ان معاهدي جي بدولت ٻين جنگ عظيم دوران برطانيا جي 90 فيصد ٻارن آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج ۾ جنم ورتو ڇو جو برطانيا جي والدين اهو محسوس ٿي ڪيو ته ڌرتي تي سڀ کان محفوظ جڳهه آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج آهي ۽ اهڙي طرح وري جرمنيءَ ۾ ٻارڙن کي جنم ڏيندڙ مائرن کين هائيڊل برگ ۽ گوٽن يونيورسٽين ۾ جنم ڏنو. نازين ۽ اتحادين جو اهو معاهدو اُن امر جي نشاندهي ۽ افاديت جو احساس هو ته دنيا جي ڪا به قوم ڪو به ملڪ تعليم سان جدوجهد، تعليم کانسواءِ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، جنهن به ملڪ جا تعليمي ادارا آباد ۽ علم ورهائيندا رهندا سا قوم ملڪ ترقي جون ڏاڪڻيون طئي ڪندو رهندو ۽ دنيا ۾ اها حقيقت آهي ته جيستائين جنهن قوم جون يونيورسٽيون ڪاليج اسڪول آباد رهن ٿا جن جي ليڪچر هالن ۾ علم ادب جي گفتگو جاري آهي اُن وقت تائين اُن قوم جو زوال نه ٿو اچي. اڄ کان پنج هزار سال پهرين وارو دؤر هجي يا اڄ کان ڏيڍ سئو سال پهرين وارو زمانو قومن جي عروج، زوال ۽ ترقي جا داستان ڪلاس رومن ۾ لکيا ويا آهن. مصر جو مثال اسان جي سامهون آهي. 1952ع ۾ جڏهن مصر ۾ انقلاب آيو ۽ انقلابين شاهه فاروق جو تختو اونڌو ڪيو ۽ کيس ملڪ بدر ڪيو ته ان وقت شاهه فاروق جا اثاثا 70 ملين پائوڊ وڪڻي اسڪول ٺاهڻ شروع ڪيا ۽ انهن ڏينهن ۾ هڪ هڪ ڏينهن ۾ مصر ۾ ٻه ٻه اسڪول کوليا ويا. نئين مصر جي تاريخ پڙهڻ مان خبر ٿي پوي ته ان دؤر ۾ مصر ۾ ڇهن مهينن جي کليل عرصي ۾ ايترا ته اسڪول کليا هئا، ان حڪمت عملي جو ثبوت اڄ اهو آهي جو عالمي ادارن ۾ چوٽي جي مسلم ماهرن جو جيڪو به تعداد آهي ان ۾ 70 فيصد مصري آهن. اها صورتحال آهي اسان کانپوءِ انقلاب آيل ملڪ جي جڏهن ته اسان ته 1947ع کان آزادي حاصل ڪئي آهي. جڏهن ته اسان وٽ اسان جي سرڪاري انگن اکرن مطابق اڄ به ملڪ جي 70 سيڪڙو اسڪولن ۾ سهولت نه آهي. پاڪستان ۾ اڄ به 65 هزار اهڙا اسڪول آهن جتي ٻارڙا گهران آندل ٻوري، ڪپڙي يا ٻاٺي تي ويهي علم حاصل ڪن ٿا. صرف سنڌ ۾ هن وقت 7000 اسڪول استاد نه هجڻ ڪري بند آهن. پاڪستان انتهائي معذرت سان اهو ملڪ آهي، جنهن جي استادن جي آئي ڪيو (iq) ليول ۽ معيار انتهائي پست آهي. پاڪستان ايشيا جو اهو ملڪ آهي جيڪو تعليم تي سڀ کان گهٽ خرچ ڪري ٿو، جتي جي هڪ استاد جي پگهار هڪ فئڪٽري مزدور کان به گهٽ آهي، جنهن ملڪ جي سڀ کان وڏي يونيورسٽي هڪ سال اندر 39 نمبر کان گهٽجي اشيا جي 61 هين يونيورسٽين تائين پهتي آهي. اسان جي ملڪ کي دنيا سڀ کان گهٽ علم ۾ سرمائيڪاري ڪندڙ ملڪ ڊڪليئر ڪرڻ واري آهي. هاڻ آهي نه ڪمال ۽ عجب جي ڳالهه ته اهڙي صورتحال جي باوجود اسان دنيا کي فتح ڪرڻ جا خواب ڏسون ٿا. اسان دهلي جي لال قلعي جي فتح جا خواب روز آڻيون ٿا. ذهنن ۾ اسان اسرائيل جي بيان تي جارحيت يا فلسطين تي حملي جو جواب ڏيڻ جا خواب جوڙيون ٿا. اسان ڪشمير جي آزادي جو نعرو هڻون ٿا. اسان ملڪي معيشت ۽ ترقي کي جاپان سان ڀيٽڻ جي دعوى ڪيون ٿا. اسان پاڻ کي ايشيا جو ٽائيگر چورايون ٿا. هاڻ سوچجي ته جنهن ملڪ ۾ ڪُل 60 يونيورسٽيون هجن اهو ملڪ جاپان ڪيئن ٿيندو. جڏهن ته جاپان جي صرف ٽوڪيو شهر ۾ هڪ هزار يونيورسٽيون آهن. ها پاڻ جاپان به بڻجي سگهون ٿا. پر ائين اسان پنهنجي ايجنڊا ۾ باب ٺهرائڻ ۽ هٿيار خريد ڪرڻ ختم ڪري تعليمي ادارن کي فوڪس ڪريون يادگار جوڙڻ جو مقابلو بند ڪري لائبريريون ۽ ڪمپيوٽر سينٽر قائم ڪريون. ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جديد ادارن جو ڄار وڇائي ٽيڪنالاجي جي حاصلات لاءِ نيون يونيورسٽيون قائم ڪريون شهرن ۽ ڳوٺن مان نوجوان هٿ ڪري کين مفت تعليم ڏياريون. وڏي معاوضي تي لوڪل توڙي انٽرنيشنل ماهرن کي گهرائي ادارن ۾ رکون جيڪي علم ورهائين ۽ انهن سان هڪ پڙهيل لکيل نئون نسل تيار ڪريون جيڪو اڳتي هلي ملڪ جي ترقي ۾ هٿ ونڊائي. بئنڪ ۽ ادارن جا قرض معاف ڪرايل ڊيفالٽرن کان رقم وصول ڪري مصر جي انقلابين وانگي ان مان تعليمي ادارا قائم ڪريون، جن ۾ صرف سائنس جي تعليم ڏني وڃي ته يقينن ڪجهه سالن ۾ هڪ انقلاب اچي سگهي ٿو. پر سوال وري اتي اچي بيهي ٿو ته آخر اهو ڪير ڪندو ۽ ڇو ڪندو جنهن ناظم جو ڪم رڳو گيٽ ٺاهڻ هجي جنهن ۾ کيس چڱي چوکي ڪميشن جو آسرو هجي. ٻئي طرف اسان جي حڪمرانن جي ترجيحات ۾ به اهي شيون شامل هجن/ آهن جن ۾ کين فائدو هجي ان ڪري افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هو ڪنهن به اهڙي منصوبي کي جڳهه ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن جنهن سان ملڪ ۽ قوم کي فائدو هجي. عوامي مسئلن طرف توجه نه هو/ آهي پر جي تعليم روزگار، صحت ۽ عوامي بهبود جو ڪو منصوبو هو ته ان کي تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ سال ٿي لڳا. سندس دؤر جا مقرر ڪيل ناظم اڄ به سنڌ ۾ باب جوڙائين پيا. اڄ تائين ڪا علمي ادبي درسگاهه ڪا لائبرريري سندن ترجيح ۾ شامل نه هئي ۽ نه آهي. هاڻ جنهن ملڪ جي اڳواڻن جي عوامي نمائندن جي ترجيحات جو اهو حشر ۽ عالم هجي ته اتي عوام جا حالات ڪيئن بدلبا سو هڪ سوال آهي. اسان به دلچسپ ماڻهو ۽ قوم آهيون، جو ٻٻرن کان پيا ٻير گهرون هڪ انتظار، هڪ طويل انتظار آخر.... ڪيستائين؟ عبرت جي ٿورن سان
جواب: سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي جو خواب بهترين ليک آهي۔ ڳالهيون تمام سهڻيون ٿيل آهن۔ چوهاڻ صاحب اوهان جون مهربانيون جو هي ليک ونڊ ڪيو