عرب انقلاب جا مسئلا ۽ مشڪلاتون

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 مارچ 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    [FONT="Al_Mushaf"]عرب انقلاب جا مسئلا ۽ مشڪلاتون[/FONT]



    ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ


    مصري ماڻهو قهوا خانن تي واندا ويٺا ايئن ڪچهريون ڪندا آهن، جيئن سنڌي ماڻهو هوٽلن تي سنڌي ماڻهن جي هوڏ ان تي هوندي آهي ته اسان مڙس ماڻهو آهيون، مصري وري ان جي ابتڙ چوندا آهن ته بابا عربن مان ڪجهه به نه ورندو، صدر جمال عبدالناصر به عرب ناهي هو ترڪ آهي يا ته ان جي خاندان ۾ ڪٿي ترڪي رت شامل آهي تڏهن ته هو ايڏا وڏا ڪم ڪري وڃي ٿو.

    پاڻ کي وڏو سمجهڻ يا ڪجهه نه سمجهڻ ٻئي احساس ڪمتري جون شڪليون آهن، قومون توڙي فرد جڏهن غلامي جي ڊگهي دور مان گذرندا آهن ته انهن ۾ اهي ڪيفيتون پيدا ٿينديون آهن، هن وقت عرب ان ڪيفيت جي نفي جي دور منجهان گذري رهيا آهن.

    سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ آمريڪا جيئن واحد وڏي طاقت بڻجي ويو ته ان دنيا ۾ نئون عالمي نظام New World Order جوڙڻ شروع ڪيو. ان نئين عالمي نظام ۾ وسيع عرب علائقو جيڪو ايراني نار کان اتر آمريڪا تائين ڦهليل هو، تنهن لاءِ آمريڪا خصوصي پاليسي جوڙي جنهن جا ڪجهه حصا هيٺيان هئا.

    (الف) سڄي عرب علائقي ۾ آمريڪا پنهنجي بري، هوائي ۽ سامونڊي فوجن جو ڄار وڇائي ڇڏيو.

    (ب) سڄي عرب علائقي ۾ آمريڪا اسرائيل کي پنهنجو وارث ۽ جاءِ نشين بڻائي ڇڏيو.

    (ت) عربن جي تيل جي پيداوار، صفائي ۽ ان جي خشڪي توڙي سامونڊي گذرگاهن جي حفاظت آمريڪا پنهنجي ذمي ڪري ڇڏي.

    (ث) آمريڪا تيل جي حفاظت لاءِ جيڪو اندروني انتظام ڪيو تنهن جي ذميواري عرب بادشاهن ۽ آمرن کي سونپي وئي ان سان گڏوگڏ ٻه ڳالهيون ٻيون به ڪيون ويون، هڪ ته عوام جي زبان ۽ چرپر بند، ٻيو آمريڪا پنهنجو ڀرم رکڻ لاءِ عرب حڪمرانن کان گهر ڪندو ته معاشري ۾ اصلاح ڪيو، ماڻهن کي آزادي ڏيو، عرب حڪمران جواب ۾ چوندا اهڙي حالت ۾ اخوان مسلمين ۽ ٻين مذهبي تنظيمن کي منهن آمريڪا پاڻ ڏئي، بس! ٻنهي جو ڪم ٿي ويو مان توکي ٿڌڙا ڪڍان تون مون کي ٿڌڙا ڪڍ.

    (پ) جيڪي حڪمران ۽ تنظيمون آمريڪا جي پاليسين سان اتفاق نه ڪن ۽ آزادي ۽ وقار کي قائم رکڻ گهرن تن کي بدمعاش رياستون Rogue States ۽ دهشت پسند تنظيمون Terrorist organizations چيو وڃي.

    هن وقت عرب ملڪن ۾ جيڪا هلچل آهي، جيڪا آزاديءَ ۽ جمهوريت جي تحريڪ آهي اها بنيادي طرح سان ان عالمي نظام خلاف آهي، جيڪو آمريڪا عربن تي مڙهيو آهي، ان آزاديءَ ۽ جمهوريت جي تحريڪ ڪجهه اهم ۽ بنيادي ڪاميابيون ماڻيون آهن ته ان تحريڪ لاءِ ڪي نوان مسئلا ۽ پيچيدگيون به پيدا ٿيون آهن.

    1956ع ۾ اسرائيل، برطانيا ۽ فرانس گڏجي سوئيز واهه تي قبضو ڪرڻ۽ صدر جمال عبدالناصر جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ حملو ڪيو هو ان وقت پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم حسين شهيد سهروردي عربن لاءِ چيو هو ته ٻڙي واڌو ”ٻڙي برابر ٻڙي“ عرب ٻڙي ناهن، عرب هن وقت مظلوم قومن جي معاشري جي ڏتڙيل ڌرين جي واٽ جا سونهان آهن، عرب تاريخ جا سورما ۽ سرجڻهار آهن، سڄو عرب علائقو هڪ طوفان جي ور چڙهيل آهي، جنهن جو اثر عرب ملڪن کان ٻاهر به محسوس ٿئي ٿو، جلد يا دير هڪ نئين عرب اتر آفريڪا ۽ اولهه ايشيا جي جوڙ جڪ ٿيڻي آهي.

    نئون نياپو آيو راڻي ملا رات

    عربن جي آزادي ۽ جمهوريت جي جدوجهد ڪئين ڪاميابيون ماڻيون آهن، مصر ۽ تيونس ۾ آمريتن جو خاتمو وڏيون ڪاميابيون آهن پر انهن کان به وڏيون ڪاميابيون اهي آهن ته عوام جي دلين مان خوف ختم ٿي ويو آهي، انهن ۾ خود اعتمادي اچي وئي آهي، منتشر ۽ جمود جو شڪار عوام ۾ ٻڌي ۽ برقي تحرڪ اچي ويو آهي، عوام حڪمرانن جي رياستي قوت ۽ پنهنجي روڊن رستن جي قوت کي روزانو ڏسي ۽ پرکي ٿو سڄو عرب عوام هڪ پاسي آهي سڀئي عرب حڪمران ٻئي پاسي آهن، آمريڪا بيوس آهي، کيس خبر ناهي ته اڳتي ڪهڙو نظام جڙندو.

    اهو سڀ ڪجهه پنهنجي جاءِ تي پر ڪجهه ڳالهيون سمجهڻ ۽ ياد رکڻ جهڙيون آهن، آزادي جي انقلاب مسجد ۾ آيل خيراتي حلوو ناهي جو مُلو هڪدم کائي وٺي، هتي رڪ جا چڻا چٻاڙڻا ٿا پون، ٻيوته ڪي ٻه انقلاب هڪ جهڙا نه هوندا آهن، معروضي ۽ موضوعي حالتون الڳ الڳ هونديون آهن، ٻن انقلابن جي جهيڙيندڙ ڌرين جي طاقت تنظيم ۽ تجربي ۾ فرق هوندو آهي، ٽيون ته انقلاب دشمنن کي گهٽ نه سمجهڻ گهرجي، انهن وٽ بي پناهه وسيلا هوندا آهن، هٿيار ۽ هٿياربند تنظيم هوندي آهي. سالن يا صدين جو انهن کي حڪمراني جو تجربو هوندو آهي، چوٿون ته جيئن مظلوم ڌريون پنهنجي آزاديءَ لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين جدوجهد ڪنديون آهن حڪمران ۽ ظالم طبقا به ايئن پنهنجي حڪمراني ۽ دولت کي بچائڻ لاءِ پتوڙيندا آهن، مصر جو انقلاب تيونس جهڙو نه هو، لبيا جو انقلاب بحرين جهڙو ڪونه ٿيندو پر مراڪش کان امان تائين انقلاب دشمنن جو وڏو ۽ مضبوط قلعو آهي، سعودي عرب جنهن ۾ 1990 کان آمريڪا جون فوجون ويٺيون آهن، خيبر جو قلعو فتح ٿي ويو بارليو لائن (Bar Lev Line) ٽٽي وئي. برلن جي ديوار ڊهي پئي پر سعودي قلعو ختم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، سعودي خاندان لاءِ آمريڪا جي حمايت ۽ همدردي ڪنهن به وقت ختم ٿي سگهي ٿي پر سعودي تيل لاءِ آمريڪا عالمي ايٽمي لڙائي ڪرڻ کان به ڪونه مڙندي، چي گويرا پنجاهه ۽ سٺ جي ڏهاڪي جو وڏو انقلابي هو، ان ڪيوبا مان نڪرندڙ ٽي ماهي رسالي Tricontinental ۾ عالمي انقلابي صورت حال تي هڪ مضمون لکيو هو. 1966ع ۾ چي گويرا لکيو هو ته ”دنيا جو اهو آخري ملڪ جنهن ۾ انقلاب ايندو، گهڻو امڪان اهو آهي ته گولي هلائڻ کان سواءِ پر امن نموني سان انقلاب اچي وڃي پر اهو به امڪان آهي ته ان ملڪ جي عوام کي ٻين کان وڏيون قربانيون ڏيڻيون پون“.

    لبيا جي انقلابي ۽ انقلاب دشمن قوتن جي وچ ۾ ٽياڪڙي جون بين الاقوامي ڪوششون ۽ فارمولا ناڪام ٿي ويا آهن، هوگو شاويز جو فارمولو به قبوليت حاصل ڪري نه سگهيو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته لاطيني آمريڪا ۽ آفريڪا جي اڻ ڌرين ٽياڪڙن جي موجودگيءَ ۾ ڳالهيون ٿين، عرب ليگ آفريڪي اتحاد جو ادارو ۽ اسلامي ملڪن جي تنظيم غير موثر ٿي ويا آهن، باقي لبيا ۾ نو فلاءِ زون قائم ڪرڻ لبيا جي ناڪابندي ڪرڻ ۽ لبيا ۾ فوج موڪلڻ جي آمريڪي ۽ يورپي فارمولن ۽ تجويزن تي غور ٿي رهيو آهي، آمريڪا جو وائيٽ هائوس ۽ پرڏيهي وزارت هڪ پاسي ۽ پينٽاگون ٻئي طرف متفق ۽ مربوط حڪمت عملي اڃا جوڙي نه سگهيا آهن.

    آمريڪا عالمي طاقت آهي ان کي موقعا به گهڻا ملندا آهن ته عالمي امن، انساني فلاح، جمهوريت ۽ آزاديءَ جي اعليٰ انساني قدرن ۽ اصولن جي پاسداري ۽ حفاظت ڪري هي اهي اصول آهن جيڪي آمريڪا جي آزاديءَ جي اعلان نامي ۾ به آهن پر آمريڪا جي حڪمران ٽولي جي اها وڏي تنگ نظري هوندي آهي جو ڪجهه معاشي مفادن لاءِ پنهنجن اعليٰ قدرن کي پائمال ڪري ٿا ڇڏين، ووڊ رو ولسن آمريڪا جو وڏو مدبر ۽ دور انديش صدر هو. ان جنوري 1918ع ۾ ڪانگريس جي اجلاس ۾ تقرير ڪئي ان ۾ پهرين مهاڀاري لڙائي جي خاتمي ۽ ان کان پوءِ جي نظام لاءِ چوڏهن نقاطي پروگرام ڏنو، جنهن جا ڪجهه نقطا هي هئا. (1) جنگ ختم ڪري قومن جي هڪ تنظيم جوڙي وڃي، جيڪا امن برقرار رکڻ لاءِ ذميوار هجي. (2) قومن کي حق خود اختياري ڏنو وڃي (3) خفيه معاهدا ختم ڪيا وڃن ۽ اڳتي نه ڪيا وڃن (4) هٿيار گهٽايا وڃن. (5) واپار لاءِ هر حال ۾ سامونڊي رستا کليا رکيا وڃن، توڙي جو جنگ هلندڙ هجي.

    ولسن کي ان تي تمام گهڻي پذيرائي ملي، يورپ جي سڀني ملڪن ۾ کيس ايتري ته مڃتا ملي جو ولسن کي يورپ جو ڇوٽڪارو ڏياريندڙ نئين موسيٰ جو خطاب ڏنو ويو، اهو ولسن آمريڪا جي روايتي تنگ نظري جو شڪار ٿي آمريڪا کي قومن جي جميعت ۾ شامل نه ڪري جميعت جي اهميت ئي ختم ڪري ڇڏي. اوباما قاهره ۾ شاندار تقرير ڪئي، عربن لاءِ مسلمانن لاءِ سڄي دنيا لاءِ اوباما صاحب ان تقرير ۾ آمريڪا جي اڳين پاليسين تي تنقيد ڪئي، نئين شروعات ڪرڻ جو پيغام ڏنو، عالمي امن، جمهوريت، رواداري جو ڀاشڻ ڏنو، هاڻي آمريڪا جي مٿي ڦريل جنرلن کان وڌيڪ جنگ باز ٿي ويو آهي، جڏهن اوباما صدر ٿيو هو ته راقم هڪ اخبار ۾ مضمون لکيو هو ان ۾ چيو ويو هو ته ”اوباما ڪجهه به چئي پر ان کي ٻن مان ڪنهن هڪ ڳالهه کي قبول ڪرڻو پوندو، جنگ بازن جي لائين يا موت جي واٽ“ اوباما سلويڊور آئنڊي ناهي، اوباما پيبلو نيرودا جي شاعري ۽ وڪٽر هارا جي گٽار نه ٻڌي آهي، اوباما رڳو آمريڪا جي فوجي بينڊ ۽ بوٽن جي جهنڪار ٻڌي آهي، اوباما جا فوجي ڌرتيءَ کي لهوءَ سان لال ته ڪري سگهن ٿا پر لال لهوءَ جي سرگم تي ڌرتي رقص ڪيئن ڪندي آهي، ان جي جنگ بازن کي خبر ئي ناهي.

    قذافي پهريائين آمريڪا جي نظر ۾ دهشت گردي جو حمايتي هو پوءِ القائده خلاف آمريڪا جو حمايتي ٿي ويو ته بش ۽ بليئر کيس اکين ۾ جاءِ ڏني. هاڻي جڏهن هو ڪمزور ٿي ويو آهي ته سندس قدر قيمت هڪ بيرل تيل (118 ڊالر) جيتري به ناهي. لبيا جو تيل اٽلي، فرانس، برطانيا ۽ چين ڏانهن ٿو وڃي، آمريڪا جمهوريت جي آڙ ۾ جمهوري ۽ آزاديءَ جي جدوجهد کي ڪک ۾ ڪان هڻي لبيا جي تيل تي قبضو ڪرڻ گهري ٿو پر امن سياسي ۽ جمهوري جدوجهد کي آمريتي قوتن پرتشدد بڻائي ڇڏيو آهي. لبيا ۾ هن وقت جدوجهد انقلابي گهرو ويڙهه Revolutionary civil war ۾ داخل ٿي چڪي آهي. لبيا اولهه ۽ اوڀر ۾ ورهائجي وئي آهي، خبرن جي اڻ هوند آهي پر جيڪي سامهون آهي، اهو هيءُ آهي ته ڌريون هڪ ٻئي تي حملا ڪري رهيون آهن، دعوائون به ڪري رهيون آهن، شهر هڪ ٻئي کان وڏي فاصلي تي آهن وچ ۾ رڻ پٽ آهي، اها ڳالهه جمهوري قوتن جي خلاف ٿي وڃي تڪڙي رسد جي ضرورت آهي هٿيارن جي دوائن جي خوراڪ جي پر انهن کان به وڌيڪ ضرورت آهي ڇڙ وڇڙ انبوهه ۾ تنظيم ۽ ضابطي جي ۽ ٽريننگ جي گهرو ويڙهه لاءِ اڳڪٿي ڪرڻ مشڪل هوندو آهي پر هڪ ڳالهه گهڻي قدر چٽي ٿيندي ٿي ٿي وڃي ته مغربي ملڪ لبيا ۾ مداخلت ضرور ڪندا، جن پيچيدگين منجهان لبيا جو انقلاب گذري رهيو آهي، تنهن کان وڌيڪ ڏکيائيون ۽ پيچيدگيون بحريني انقلاب ۾ سامهون اينديون چار هزار سال اڳ بحرين سنڌو سڀيتا جي واپار لاءِ ٻاهرين چوڪي Trading Outpost هئي. موهن جي دڙي جا واپاري ٻيڙا سامان سان ڀري دلمون (بحرين) ايندا هئا اتان پوءِ سميريا ڏانهن ويندا هئا، دلمون ۾ سنڌين هڪ گودي Dark Yard به ٺاهي هئي، هن وقت دلمون هڪ ٻيٽ آهي جيڪو ايراني نار جي بلڪل منهن وٽ آهي، ايران جي سامهون ايراني نار جي ملڪن ۾ جيڪو تيل پيدا ٿئي ٿو تنهن جو اسي سيڪڙو ايراني نار مان لنگهي ٿو.

    ڪجهه وقت اڳ بحرين ۾ تيل ملندو هو هاڻي نالي ماتر وڃي بچيو آهي، هن وقت بحرين عرب وچ اوڀر ۾ بينڪاري جو مرڪز آهي، خليفي حماد جو خاندان گذريل ٻه سئو سالن کان بحرين تي حڪومت ڪندو رهي ٿو آباديءَ ۾ 70 کان 80 سيڪڙو شيعا آهن ۽ ٻيا سني آهن، حڪمران خاندان پاڻ به سني آهن، بحرين ۾ آمريڪا کي هوائي ۽ سامونڊي فوجي اڏا مليل آهن، آمريڪا جو پنجون بحري آرماڙ به بحرين ۾ لنگر انداز هوندو آهي. آمريڪا بحرين وٽان ايران خلاف جاسوسي لاءِ جهاز موڪليندو آهي، بحرين چوڪسي به ڪندو آهي، ايران سان ڪنهن امڪاني تڪرار ۾ آمريڪا بحرين کان ايران تي مڪمل ناڪابندي ڪري سگهي ٿو، بحرين کان سواءِ عراق، ڪويت ۽ سعودي عرب ۾ به آمريڪا جي فوج آهي پر جيتري موثر ڪارروائي ايران خلاف آمريڪا بحرين مان ڪري سگهي ٿو ايتري ٻين هنڌن تان نه ٿو ڪري سگهي.

    بحرين جي ان اهميت جي ڪري آمريڪا جا ٻٽا معيار ظاهر ٿي پيا آهن، حسني مبارڪ کي آمريڪا جو صدر ۽ پرڏيهي وزير حڪومت ڇڏڻ جو مشورو ته ڏئي ٿا سگهن پر خليفي حماد کي اهڙو مشورو نه ٿا ڏين، ٻي ڳالهه بحرين جي حڪمرانن جي جيتري ڳڻتي آمريڪا کي آهي اوتري سعودي عرب کي به آهي، سعودي حڪومت بحرين جي خليفي کي چئي ڇڏيو آهي ته اقتدار کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيو، هر قسم جي مدد اوهان کي ملندي فوجي مدد سميت ڳالهه اها آهي ته بحرين سعودي عرب جي ڏکڻ اوڀر ۾ آهي وچ ۾ سمنڊ جي چينل هئي، سعودين ان کي بند ڪرائي زميني طرح سان بحرين کي سعودي بادشاهت سان ملائي ڇڏيو آهي. سعودي عرب ۽ بحرين سرحد جي آر پار شيعا ٿا رهن، سعودي عرب جو تيل به انهن علائقن ۾ ملي ٿو، جتي شيعا پاڻ ۾ ملي سعودي لاءِ وڏو خطرو پيدا ڪري سگهن ٿا، جيڪا صورت حال بحرين ۽ سعودي عرب جي آهي، ساڳي صورت حال يمن ۽ سعودي عرب جي آهي، اتي به شيعا فيڪٽر سرحد جي آر پار آهي.

    هيءُ آهي اهو عالمي نظام جيڪو آمريڪا عربن تي مڙهيو آهي، هيءُ نظام سڄي دنيا لاءِ هو پر جهڙو ظالماڻو نظام عربن لاءِ هو اهڙو ٻين لاءِ نه هو، عرب ريگستان ۾ واريءَ جي ذري ذري تي هڪ آمريڪي فوجي بيٺل آهي، عرب حڪمرانن آمريڪا جي نئين عالمي نظام کي قبول ڪيو، اهي غلاميءَ ۾ هليا ويا، جن ملڪن قبول نه ڪيو اهي آزاد ۽ پر وقار آهن، جيئن لاطيني آمريڪا جا ڪجهه ملڪ برازيل، ارجنٽائين، چلي، وينزويلا ۽ ڏکڻ آفريڪا، ترڪ وغيرهه.

    آمريڪا نئين عالمي نظام جي ذميواري ته سنڀالي آهي پر اها سنڀال نه لڌي آهي ته آمريڪا معاشي ۽ معاشرتي طرح پوئتي وڃي رهيو آهي، فريد زڪريا جيڪو آمريڪا جي ٽائيم رسالي جو ايڊيٽر آهي تنهن پنهنجي مضمون ۾ لکيو آهي ته ”سوال اهو ناهي ته آمريڪا جي جمهوريت ڪم نه ٿي ڪري، سوال اهو آهي ته آمريڪا جي سياست آمريڪا جي انهن مستقل مفادن لاءِ وڌي چڙهي ڪري ڪم ٿي ڪري، جيڪي ماضيءَ جي پيداوار آهن، مستقبل لاءِ ڪا به سيڙپ ڪاري نه ٿي ڪئي وڃي“. نوجوانن ۽ انهن جي تعليم ڏانهن ڌيان گهٽيو آهي، ريسرچ جو ڪم اڳتي نه ٿو وڌي، انفرا اسٽرڪچر کي بهتر نه ٿو ڪيو وڃي، جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کي نظر انداز ڪيو ٿو وڃي.

    آمريڪا جي پيداواري صلاحيت گهٽ آهي، آمريڪي سرمائيدار ملڪ کان ٻاهر صنعت ڪاري ڪن ٿا، آمريڪا مقروض ملڪ آهي، بي روزگاري وڌي رهي آهي، بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي، وڌندڙ عسڪري صنعت سازي معيشيت جي ٻين سيڪٽرن کي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي. 27 فيبروري تي بي روزگاري، مهانگائي ۽ سوشل سيڪيورٽي ڪٽوتي جي خلاف آمريڪا جي 12 وڏن شهرن ۾ هڪ ئي وقت مزدورن جا وڏا مظاهرا ٿيا، جنهن ۾ اخباري اطلاعن مطابق هر مظاهري ۾ هزارين مزدورن Can of thousands شرڪت ڪئي. اهو صحيح آهي ته سرمائيداري جو عالمي گهوٽالو آهي پر سرمائيداري جو سرواڻ آمريڪا آهي ۽ آمريڪا بحران جو غلط حل ڳولي رهيو آهي.

    ڇهه سئو سال قبل مسيح ۾ يونان جي شهري رياستن ۾ آبادي ۽ وسيلن جي عدم توازن سبب گهوٽالو پيدا ٿيو، اٿينس جي مدبر ۽ حڪمران پيريڪليز زراعت ۽ شهري هٿ جي هنر جي پيداوار کي ايترو وڌايو جو اهي ٻين شهري رياستن ڏانهن موڪلڻ لڳا، ان کان سواءِ پيريڪليز معاشي ۽ معاشرتي معاملن ۾ ماڻهن کي شريڪ ڪيو، اهڙي طرح سان معاشي گهوٽالو ٽري ويو، آمريڪا اٿينس نه پر اسپارٽا جهڙو حل ڳوليو آهي، اسپارٽا جنگيون ڪري علائقا ۽ وسيلا هٿ ڪيا، آمريڪا، عراق، افغانستان کان پوءِ لبيا ۽ ان جي تيل تي قبضو ڪرڻ ٿو گهري، آمريڪا وٽ ٻيو حل آهي جنگ هٿيار وڪرو ڪري روزگار جون ڪجهه آساميون پيدا ڪرڻ، رڳو معيشيت نه پر آمريڪا جو سڄو معاشي بنياد ۽ مٿيون ڍانچو هڪ ٻئي سان ربط ۾ نه ٿا هلن، آمريڪا جي مقابلي ۾ چين جي معاشري ۾ گهڻا تضاد ظاهر ٿيا آهن (انهن جو تفصيل ضروري ناهي) پر ڳالهه اها آهي ته چين ۾ نيشنل پيپلز ڪانگريس ٿي وئي ان ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ٻاهر کان وڌيڪ معيشيت جو رخ اندرون ملڪ موڙيو وڃي، جيئن ماڻهن جو معيار زندگي وڌي، سماج ۾ اڻ برابري کي گهٽائجي، انفرا اسٽرڪچر کي وڌائجي، ڦلهائجي ۽ بهتر ڪجي، صحت، تعليم ۽ ريسرچ تي وڌيڪ ڌيان ڏجي.

    آمريڪا لاءِ عرب اولهه ايشيا ۽ اتر آمريڪا ۾ ڪيتريون ئي لبيائون آهن، يمن، بحرين، مراڪش، اُمان ۽ سعودي عرب آهن آمريڪا ڪيترا نو فلاءِ زون ٺاهيندو، ڪيترا بحري ۽ هوائي جهاز جنگ ۾ ڌڪي ڇڏيندو، آمريڪا کي پيريڪليز ۽ ايف ڊي زون ويلٿ جهڙن اڳواڻن جي ضرورت آهي، ولسن ۽ اوباما جهڙن جي نه. پهرين ٻن وٽ بصيرت سان گڏ مستقل مزاجي به هئي پوين ٻن وٽ بصيرت هئي پر مستقل مزاجي نه هئي.

    dr.khuhawar@yahoo.com
    آعوامي آواز جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو