22 سينيٽرن جا اثاثا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 مارچ 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    [font="al_mushaf"]سنڌ جي 22 سينيٽرن مان لاٽ امير ترين ۽ خالد محمود سومرو غريب ترين[/font]

    اسلام آباد (رپورٽ:ايم بي سومرو) اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل اثاثن جي رپورٽ موجب سنڌ جي 22 سينيٽرن مان گل محمد لاٽ امير ترين سينيٽر آهي، جڏهن ته غريب ترين سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو آهي، ايم ڪيو ايم جا سڀ سينيٽر ڪروڙ پتي بڻيل، گل محمد لاٽ، رحمان ملڪ، حفيظ شيخ کي پرڏيهه ۾ ملڪيتون، گهر ۽ سيڙپڪاري ٿيل آهي، تفصيل موجب اليڪشن ڪميشن پاران نئين جاري ڪيل اثاثن جي رپورٽ ۾ ميان رضا رباني ڪل 5 ڪروڙ 69 لک رپين جي ملڪيت ظاهر ڪئي، سندس نالي ڪو به گهر نه آهي، کيس گفٽ ۾ مليل گهر به هن پنهنجي زال کي گفٽ ڪري ڇڏيو، ميان رضا رباني جا 4 ڪروڙ 75 لک ڊپازٽ ۾ رکيل آهن، ايم ڪيو ايم جي سينيٽر احمد علي جو ڪاروبار، گاڏيون، سون ۽ بئنڪ ۾ 2 ڪروڙ 67 لک 50 هزار ۽ 20 ڪروڙ 77 لک جي پراپرٽي رکي ٿو، اهڙي ريت سينيٽر احمد علي 22 ڪروڙن کان مٿي جي ملڪيت ظاهر ڪئي آهي، سينيٽر غفار قريشي 42 لکن جي گهرن، 20 لک جو سون ۽ 22 لک ڪيش جو مالڪ آهي، ساجد زيدي خيرپور ۾ گهر، ملڪيت روڪ رقم سوڌو 59 لک 10 هزارن جي ملڪيت جو مالڪ آهي، سينيٽر صفدر عباسي 155 ايڪڙ زمين، ڪراچي ۾ ٽن گهرن، لاهور ۾ پلاٽ سوڌو 3 ڪروڙ 49 لک جي ملڪيت ظاهر ڪئي، صفدر عباسي هڪ ڪروڙ 63 لک جو قرضي به ظاهر ڪيو آهي، ايم ڪيو ايم جو ڪرنل طاهر مشهدي 4 ڪروڙ 27 لک رپين جي ملڪيت جو پاڻ کي مالڪ ظاهر ڪيو، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي گهر جي 12 لک 50 هزار، 15 لک 96 هزار جو سون ۽ هڪ لک جو فرنيچر ملڪيت ۾ ظاهر ڪيو، ان ڪل ملڪيت 29 لک 46 هزار جي ظاهر ڪئي، ايم ڪيو ايم جو بابر غوري 15 ڪروڙ 34 لک جي ملڪيت جو مالڪ آهي، ايم ڪيو ايم جو حسيب خان 11 ڪروڙ 65 لک جي ملڪيت جو پاڻ کي مالڪ ڄاڻايو، مولا بخش چانڊيو هڪ ڪروڙ 10 لک جي ملڪيت جو مالڪ آهي، جنهن ۾ کيس 75 لکن جو حيدرآباد ۾ گهر، 15 لک 50 هزار جون ٻه گاڏيون، 12 لک 50 هزار جو سون ۽ روڪ رقم شامل آهي، اسلام الدين شيخ سکر ۾ 172 ايڪڙ زمين، ٻن گهرن، ڪرن شگر ملز ۾ حصي سوڌو ڪل 10 ڪروڙ 14 لک جي ملڪيت جو پاڻ کي مالڪ ڄاڻايو، سينيٽر گل محمد لاٽ پاڪستان اندر پنهنجي، گهر وارن ۽ پٽن جي نالي تي ملڪيت 16 ڪروڙ 64 لک پاڪستان کان ٻاهر هڪ ارب 18 ڪروڙ 58 لک رپين جي ملڪيت ظاهر ڪئي، گل محمد لاٽ دبئي، يو اي اي، سعودي عرب ۾ ملڪيت ظاهر ڪئي، گل محمد لاٽ ملڪ اندر هڪ ارب 52 ڪروڙ 5 لک جي ملڪيت جون بانڊ ۽ ڊفينس سرٽيفڪيٽ، جڏهن ته ملڪ کان ٻاهر ڪاروبار، سون، 41 ڪروڙ 97 لکن جي ملڪيت ظاهر ڪئي آهي، فيصل رضا عابدي 2 ڪروڙ 60 لک جي سيڙپڪاري ظاهر ڪئي، ڊاڪٽر کٽو مل 76 لکن کان وڌيڪ ملڪيت ظاهر ڪئي، ناڻي جي وفاقي وزير جا ملڪ اندر جيڪب آباد، شڪارپور ۾ گهر، گاڏين ۽ ڪيش سميت 28 ڪروڙ 32 لک 20 هزار جي ملڪيت ظاهر ڪئي، حفيظ شيخ جو دبئي ۾ 34 لک درهمن جو گهر، هڪ لک ڊالر جي سيڙهپ به آهي، ايم ڪيو ايم جي عبدالخالق پيرزادي کي سنڌ مان چونڊيل هجڻ باوجود ڪراچي سوڌو سنڌ ۾ ڪو به گهر نه آهي، کيس ملتان ۽ اسلام آباد ۾ گهر سوڌو ان ڪل ملڪيت 28 لک 70 هزار ظاهر ڪئي، رحمان ملڪ جو 25 لک پائونڊ جو لنڊن ۾ گهر، 27 هزار پائوند جون گاڏيون آهن، رحمان ملڪ پاڪستان اندر ڪراچي ۾ 6 لک جو ڪراچي ۾ فليٽ، هڪ ڪروڙ جي سيالڪوٽ ۾ خانداني زمين ملڪيت ظاهر ڪئي، سيمي صديقي مڙس جي نالي تي ڪراچي، ٺٽي ۽ گڏاپ ۾ پلاٽن جي رقم نه ڄاڻائڻ باوجود 77 لک 88 هزار رپين جي ملڪيت جي مالڪ آهي، شير الملڪ 4 ڪروڙ 5 لک جي ملڪيت جي مالڪ آهي، الماس پروين 68 لک 50 هزار جي ملڪيت ظاهر ڪئي.

    ڪاوش اخبار جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو