عاجز چانڊيو

Abdul Wahid Soomro

سينيئر رڪن
انهن اکڙين جو سينگار ٿي پوان شل
هو جو پائي ڳچي ۾ هار ٿي پوان شل

عطرمشڪ عنبير مرجان هڪ پاسي
مٿي جو پويس اکين تي وار ٿي پوان شل

اي ڪامڻي سنهڙي سنهڙي اي پدمڻي
تنهنجي نرتئون سا نهار ٿي پوان شل

ڪري تاب تجلا کنوڻين جيان ڪڙڪاٽ
اچين جي هيڪار گرنار ٿي پوان شل

عاجز ڪارين ڪجلين جو قسم آ مونکي
انهن کان پري ٿي انڪار ٿي پوان شل

 
Back
Top