مست
سينيئر رڪن
هڪ ايف ايم پروگرام ۾ لائيو ڪال جو سلسلو جاري هو۔۔
اچانڪ هڪ ڪال آئي۔۔۔
ميزبان: ”هيلو! ڪير پيا ڳالهايو“
ڪالر: ”جي مان انٽرنيشنل فقير پيو ڳالهايان“
ميزبان: ”واهه اوهان جو نالو ته ڏاڍو مزيدار آهي“
ڪالر: ”منهنجيون ڳالهيون ۽ حرڪتون به مزيدار ئي هونديون آهن“
ميزبان: ”اڇا ! توهان ڪنهن کي ڪو ميسج ڏيڻ چاهيندا؟“
ڪالر: ”جي ۔۔۔ ! پهرين مان هڪ ڳالهه ٻڌائڻ چاهيان ٿو۔۔۔۔“
ميزبان: ”جي انٽرنيشنل فقير صاحب! ضرور۔۔ اوهان جو نالو ٻڌي ڳالهه ٻڌڻ تي دل ڪري ٿي۔۔۔“
ڪالر: ”جي مون کي هڪ مرداڻو پرس مليو آهي، جنهن ۾کوڙ سارا رپيا، ڊالر، ڪريڊٽ ڪارڊ آهن!!!!
۽ هڪ ڪارڊ به اٿس جنهن ۾ ايڊريس سچل ڳوٺ ڪراچي جي لکيل آهي“
ميزبان: ”اڇا ته هاڻي توهان اهو پرس سندس مالڪ کي موٽائڻ ٿا چاهيو۔۔۔؟؟“
اڳيان ٿوري دير تائين کلڻ جو آواز آيو۔۔۔
ڪالر: ”نه ۔۔! اهو مان ڪيئن ٿو ڪري سگهان۔۔ بس مان ان لاءِ فون ڪئي هئي ته
ان شخص کي منهنجي طرفان هڪ ڏک وارو گانو ارپنا ڪري ڇڏجو۔!!“