مهرباني ادا اسد مست، سُٺن ماڻهن جو سُٺيون شاعريون، هونديون آهن، پاڻ وٺون پنهنجي پاڻ کي توهان کي منهنجي ڊزائين سُٺي لڳي مهربانيون ، نوازشون ، لک لائق ٿورا۔سپنن ۾ روز توسان ٿو پرچڻ رُسڻ ٿئي۔۔۔۔۔
واهه سائين زبردست گهرائي آهي شاعريءَ۾۔۔
بهترين شاعريءَکي بهترين ڊزائين ۾ ونڊ ڪرڻ تي اوهان جا ٿورائتا آهيون۔۔۔۔۔
لک ٿورا سائين نثار احمد ناز لاجواب شاعري ونڊ ڪرڻ لا
ادا نثار ابڙا هر سُٺي شاعر جي تخليق جي اها خوبصورتي آهي ته جڏهن به هو ڪا شاعري تخليق ڪري ته عام پڙهندڙ به اهو سمجهي ته اها سندس دل جو آواز آهي بلڪل اهڙي طرح هي شاعري به سانئڻ اندرا شبنم سرجي آهي جيڪو به پڙهندو ان کي سندس دل جي ترجماني لڳندي، باقي توهان کي منهنجي هن شاعري تي چترڪاري مُنڊي تي ٽڪ لڳي۔ جنهن لا انتهائي ٿورائتو آهيان۔هي نظم پڙهي، ننڍڙي لا جا پرڪار ياد اچي ويا، جڏهن ماڻهون ننڍڙيون محبتون ڪندو رهندو آهي، پاڙي جي گهٽين مان گذرندي، کيڏندي، ڪڏندي ۽ يارن سان گهمندي ڦرندي ڪيئي سهڻا ماڻهون دل لڀائي وٺندا آهن، پر وقت گذرڻ سان لڏپلاڻ ٿيڻ سان اهي جيڪي دل جي ڌڙڪن هوندا آهن سي پري ٿي ويندا آهن ۽ پو ماڻهون انهن جي خيالن ۽ خوابن مان پيو لطف اندوز ٿيندو آهي ۔۔۔ اهي يادگيريون مرڻ گهڙي تائين ناهن مٽبيون ۔۔۔
هوبهو ساڳي حالت جي ترجماني ڪندي محترمه اندرا شبنم اسانجي اندر جي ترجماني ڪئي آهي ۔۔۔ مٿان وري نثار ناز جي خوبصورت چترڪاري ۔۔۔ سون جي منڊي ۾ هيري جي ٽڪ جيئان آهي ۔۔۔
جڙيا هجو سنڌ جا سڄڻ دوستو!
مهرباني ادا محترما شبنم جي شاعري سان گڏ اسان جي چترڪاري توهان کي ڪمال جِي لڳي۔ ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا۔ڪنهن سان ڪجي گلا، آدغا دوست جو ڪئي.
واھ سائين محترمه جي شاعري تمام بهترين...ساڻ اوهان جي چترڪاري به ڪمال آهي.
زبردست يار تمام سٺو بهترين رکي رکي ڌڪ ڀلو هڻي ٿا ڪڍو
مهربانيون ادا محمد سليمان وساڻ جو توهان کي هن شاعري تي ڪيل منهنجي چترڪاري پوپٽ جي رنگن جيان لڳي لک لائق ادا۔سائين نثار ناز سلام
محترمه اندرا سنڌ جي ڀلوڙ شاعره ، جنهن کي سنڌ سان پيار آهي ۽ سنڌ جو درد رکي ٿي۔ شفيق طبيعت ڳالهائڻ ۾ شفقت ۽ پنهنجائپ۔ سنڌين جي پرچارڪ ڪندڙ شخصيت اٿس۔ اوهان سندس شاعريء مان سهڻي چونڊ کڻي ۽ ان کي پنهنجي پوپٽي رنگن سان سجائي پيش ڪيو آهي۔
سپنن ۾ توسان روز ٿو پرچڻ رسڻ ٿئي
لک ٿورا محترمه اندرا جا اوهان جا