• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دوستي

غلام مصطفي ميمڻ

سينيئر رڪن
دوستي جي باري ۾ هڪ شاعر جا محبتن ڀريا اظهار توهان جي نظر:-

دل جي دنيا ۾ تو کان سوا ڪنهن ٻئي کي ويهاريان, ته بي وفا چئجائين ۔
تمام عمر تنهنجي در تان سر کڻا، ته بي وفا چئجائين
اي دوست منهنجي پيار ۾ جيڪڏهن فرق اچي، ته خنجر کڻڻ جي ضرورت نه آهي۔
تون اکيون ڦري ڇڏ جائين۔مان مري نه وڃان ته بي وفا چئجائين
 
جواب: دوستي

هل ته سهي ۔۔۔۔ ميمڻ صاحب اوهان به ڪٺل ٿا لڳو ۔۔۔ اها خبر دير سان پئي ۔۔۔

ڀلا اهو شاعر ڪير آهي ۔۔۔ ڪٿي اوهان پاڻ ئي ته نه پاڻ آزمائي پيا ڪريو ۔۔۔ جي اها ڳالهه آهي ته اسانجي اکين تي سٺا خيال آهن ۔۔۔ محبوب جون اکيون ڦيرڻ ۽ عاشق جو مرڻ ۔۔۔ بس ابا توبهه؛
عشق ناهي راند جو کيڏن ڳڀرو، سسي نيزي پاند اڇل ته اڌ ٿئي ۔۔۔

ذوق ڀلو آهي ۔۔۔
 
جواب: دوستي

سائين ميمڻ صاحب مهرباني

اوهان دوستيء جي ڳالھ ڇيڙي آهي ته دوستي لفظ ڇا آهي ان تي ه راء اچڻ کپي۔ مون ڪٿي پڙهيو ته دوستي هيٺين لفظن جو ميلاپ آهي:


دوستي پنجن لفظن سان ٺهندي آهي (د) مان دعا ۽ دل ( و ) مان وعدو۽ وفا (س) مان سچائي ۽ ساٿ ( ت ) مان تحفظ ۽ تسلي ( ي) مان ياد ۽ي قين
 
جواب: دوستي

اد
ادا نثار ابڙو صاحب نه ته اها اسانجي شاعري آهي نه اسان ڪٺل آهيون۔هڪ دوست اهي پيار جا ويچار ڪيا هئا اهي توهان سان شيئر ڪرڻ جي جسارت ڪئي۔سائين منهنجا اسان جڏهن به ڪٺل ٿينداسين ته سڄي شهر کي خبر پوندي۔ايئن چپ چپات ۾ ته نه ڪسبو۔
 
جواب: دوستي

سائين تمام بهترين ونڊ آهي پر مان ائين ڪڏهن ڪون ڪندس ڇا توهان ڪنهن لاءِ پنهنجي جان ڏئي سگهو ٿا
 
جواب: دوستي

سائين ميمڻ صاحب مهرباني

اوهان دوستيء جي ڳالھ ڇيڙي آهي ته دوستي لفظ ڇا آهي ان تي ه راء اچڻ کپي۔ مون ڪٿي پڙهيو ته دوستي هيٺين لفظن جو ميلاپ آهي:


دوستي پنجن لفظن سان ٺهندي آهي (د) مان دعا ۽ دل ( و ) مان وعدو۽ وفا (س) مان سچائي ۽ ساٿ ( ت ) مان تحفظ ۽ تسلي ( ي) مان ياد ۽ي قين

وساڻ صاحب اوهان ته دوستي جي لفظي معنى ئي ظاهر ڪري ٻڌائي تمام سٺو
 
Back
Top