مست
سينيئر رڪن
اسان واري انٽرنيشنل فقير پنهنجي لائين ۾ رهندڙ هڪ جهونيءَ کي دل ڏئي ڇڏيو۔۔۔ دل ته ڏنائينس پر هاڻي سندس تائين پنهنجي ڳالهه ڪيئن پڄائي۔۔۔ فون ڪرڻ لاءِ نمبر ڪٿان آڻي؟؟ اي ميل ڪرڻ لاءِ ايڊريس ڪٿان آڻي۔۔ جي پوسٽ کان خط موڪلي ته به جهونيءَ جي ڪنهن مائٽ جي ور چڙهڻ جو خطرو، پاڙي جي ٻارن کي خرچي ڏئي خط ٿي موڪليائين ته مُنيءَ وانگر جهونيءَ جي بدناميءَ جو خطرو۔۔ ان ڪري اهي سڀ پروگرام ڪينسل ڪري اسان واري لوڪل فقير ۽ انڊيا واري مولائي فقير يعني پپو چرئيي جي چوڻ تي هڪ ڪبوتر آندائين، ڇو ته سندن خيال ۾ ڀلي ۾ ڀلو ٽپالي آهي ته بس اهو ڪبوتر۔۔۔ خير انٽرنيشنل فقير ڪبوتر ته آندو پر ڪبوتر به صفا لڪيل چاهت وانگر سُست نڪتو۔۔ ٻاجهري ۽ چانورن جي پويان اصل آخري ڏينهن وانگر هو باقي جنهن ڪم لاءِ آندو هئائين اهو ته ڪري ئي ڪونه پيو۔۔۔ اصل جهونيءَ جي در تي وڃي ئي نه۔۔! فقير جيڪڏهن اڏاريس پيو ته ڪبوتر ٿورو اڏامي وري ڦيرو کائي اچي ساڳئي ڇت تي ويهي رهي، فقير کي رحم جي نظرن سان ڏسي۔۔ فقير ويچارو ماٺ ڪري ويهي رهي۔۔ فقير روز ڪوشش ڪري ڪري ٿڪجي پيو۔۔۔ بس چيائين ان ڪبوتر تي گهڻو رحم به ناهي ڪرڻو۔!!! اهڙي نافرمان ڪبوتر لاءِ موت بهتر آهي۔۔۔ اڄ ماري ڇڏيندم ان ڪبوتر کي ۔۔ جيڪو منهنجي جهونيءَ ڏانهن پيغام نه ٿو کڻي وڃي۔۔۔ اهو چئي ۔۔ فقير ڪبوتر کي هٿ ۾ کنيو۔۔ هلندو هلندو ۔۔۔۔ اچي پنهنجي گهر جي ڇت تي پهتو۔۔ ۔۔۔ خبر اٿوَ فقير ڇا ڪيو؟؟
ڪبوتر کي۔۔
۔
۔۔
۔۔
۔۔
۔۔
۔۔
ڇت کان هيٺ اڇلائي ڇڏيائين۔۔۔واهه اسان جي انٽرنيشنل فقير جي معصوميت
ڪبوتر کي۔۔
۔
۔۔
۔۔
۔۔
۔۔
۔۔
ڇت کان هيٺ اڇلائي ڇڏيائين۔۔۔واهه اسان جي انٽرنيشنل فقير جي معصوميت