[JUSTIFY]پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو جيئي سنڌ سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه جي هڪڙي تمام پياري غزل جي چترڪاري ڪئي اٿم، مونکي هن غزل جي هر بند ۾ مجاز جي من موهيندڙ خوشبو ٿي اچي، توهان ڇا ٿا محسوس ڪريو، اهو توهان تي منحصر آهي۔ [/JUSTIFY]
جواب: مُرڪ منهنجي کسي ويو آهين (زيب نظاماڻي) ياد ۾ جي لکيم غزل تولاء مون لاِءِ سي عبادتون گذريون تمام بهترين ادي زيب نظاماڻي شاعري ۽ ادا نثار ناز جي بهترين چترڪاري تمام گهڻي وڻي
جواب: مُرڪ منهنجي کسي ويو آهين (زيب نظاماڻي) ادا نثار ناز صاحب تما م پيارو غزل تمام پياري چترڪاري بيهد پسند آئي
جواب: مُرڪ منهنجي کسي ويو آهين (زيب نظاماڻي) هي ساڳيو غزل يا گيت فيسبڪ تي پڙهيو، تمام سهڻو لڳو ۽ رايا به ڏنا ۔۔۔ محترمه جي شاعري يا اندر جو آواز اسانجي اندر ۾ آنڌ مانڌ مچائڻ لا ڪافي آهن ۔۔۔ نثار ناز جي چترڪاري ته هون ئي سهڻي ۽ من موهيندڙ هوندي آهي ۔۔۔ سلام سنڌ سڄڻن کي سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: مُرڪ منهنجي کسي ويو آهين (زيب نظاماڻي) ادا ڪهڙي سٽ جي ڳالهه ڪجي هر سٽ ۾ اندر جو آواز سمايل آهي ۽ سائين نثار ناز جن جي چٽ سازي به پنهنجو مٽ پاڻ آهي۔ سدائين گڏ
جواب: مُرڪ منهنجي کسي ويو آهين (زيب نظاماڻي) توسان جيڪي رفاقتون گذريون تو سوا سي قيامتون گذريون واه واه سائين نثار احمد ناز صاحب خوبصورت ڊزائين سان گڏ لاجواب شاعري ڏسي ۽ پڙهي دل خوش ٿي وئي مهربانيون سائين
جواب: مُرڪ منهنجي کسي ويو آهين (زيب نظاماڻي) پيارا ممتاز علي بجير توهان جون مهربانيون جو توهان کي سانئڻ زيب جي شاعري بهترين لڳي اسان جي چترڪاري به توهان کي سُٺي لڳي لک لائق سائين ۔
جواب: مُرڪ منهنجي کسي ويو آهين (زيب نظاماڻي) مهرباني ادا نويد احمد ڪلوڙ جو توهان کي سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه جي هي شاعري پنهنجي اندر جو آواز لڳي ۽ اسان جي چترڪاري واري ڊزائن به توهان کي پنهنجو مٽ پاڻ لڳي ان لاءِ دل جي گهرائين سان ٿورائتو آهيان ۔
جواب: مُرڪ منهنجي کسي ويو آهين (زيب نظاماڻي) ادا توهان جي سٺي هڪ چترڪاري جي ڪوشش آهي جو هر سٽ تي چترڪاري سونهي ٿي۔