سنڌي قوم جي نياڻي سائڻ غلام صغرى سولنگي جو هڪ وڊيو رپوٽ۔ پليز هڪ دفعو ضرور ڏسندا۔ http://www.youtube.com/watch?v=ZHB6zvPE-tU
جواب: سنڌي قوم جي نياڻي کي سلام محنت ڪر تون محنت يار ، محنت مڙسن جو ھٿيار ۔ ننڍ پڻ وارو بيت ياد اچي ويو ، لڳي ٿو ته مردن کان محنت ڪرڻ ڇڏائجي وئي آھي ۽ ان گڻ کي وڃي اسان جي ھڪڙي نيا ڻيءَ اختيا ر ڪري ھڪڙو وڏو ايوارڊ حاصل ڪري اسا ن مردن جي منھن تي ھڪڙي چماٽ وھائي ڪڍي آھي ۔ ادي کي لک واڌايون ھجن ۔
جواب: سنڌي قوم جي نياڻي کي سلام سائين اوهان وڊيو رپوٽ ڏٺي..؟ سائڻ جو چوڻ آهي ته منهنجي شادي 22 سالن ۾ پنهنجي سئوٽ سان ٿي..۽ هُن مونکي ڪجھ عرصي ۾ تلاق ڏني..ان ٽائيم مونکي ٻه ننڍا ٻار به هئا....مڙس ڪهڙي سبب جي ڪري تلاق ڏني....ڇو جو مان اڻ پڙهيل هيس ۽ مان ايتري خوبصورت نه هيس....سائڻ کي سلام آهي اڄ هُن ماسٽر ڪئي آهي...واھ واھ...سائڻ جي محنت کي سلام
جواب: سنڌي قوم جي نياڻي کي سلام ادا عاشق، ڪجهه ڏينهن اڳ مون پڻ محترمه ۽ سورهيه سنڌياڻي بابت هڪ ليک ونڊ ڪيو هو ۔۔۔ پڙهي ڏسندا ۔۔۔ سنڌ جي سورهيه عورت اسان پاران ور ور ڪري سنڌ جي سورهين کي سلام هجي
جواب: سنڌي قوم جي نياڻي کي سلام ادي غلام صغران کي دل جي گهراين سان مبارڪون هجن ادا عاشق تمام خوبصورت ونڊ مهرباني ادا