ڊاڪٽر غلام علي الانا - سنڌي ٻوليء جو محسن ۽ تعليمدان

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    سنڌي ٻوليء جو محسن ڊاڪٽر غلام علي الانا، 15 مارچ 1930ع تي، ڳوٺ تڙ خواجا، تعلقي جاتيءَ ۾ هڪ غريب هاريءَ الهڏني جي گهر ۾ ڄائو. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ڊاڪٽر آهي، جنهن ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ جي موضوع تي علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي رهبريءَ ۾، سال 1971ع ۾ پي. يڇ. ڊيءَ لاءِ مقالو مڪمل ڪيو. سندس رهبريءَ ۾ ڪيترن محققن ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي آهي. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ’تڙ خواجا‘ ۾ ورتائين. ثانوي تعليم ميرپور بٺوري مڊل اسڪول ۾، ۽ پوءِ اي- وي اسڪول ٽنڊومحمد خان ۽ پوءِ اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان مئٽرڪ ڪيائين. بي. اي آنرس سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب ۾، 1953ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ايم. اي سنڌي علم و ادب 1955ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ڊاڪٽر الانا پاڪستان ۾ پهريون شخص آهي، جنهن علم لسانيات ۽ علم صوتيات ۾ لنڊن يونيورسٽيءَ مان 1963ع ۾ ايم. اي ڪئي.
    ڊاڪٽر الانا پنهنجي سڄي زندگي درس ۽ تدريس لاءِ تعليمي ادارن ۾ گذاري. تعليمي ميدان ۾ الانا صاحب پنهنجي خدمت جو آغاز ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد جو هڪ استاد جي حيثيت سان ڪيو. 1952ع ۾ اُتي استاد مقرر ٿيو، ۽ پوءِ اتان 1954ع ۾ پهرين گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺٽي ۽ پوءِ سٽي ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، جتي 26 جنوري 1958ع تائين رهيو،
    تنهن کانپوءِ ڊاڪٽر الانا صاحب کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار طور چونڊيو ويو. جتان ترقي ڪندو، 1976ع ۾ ساڳئي شعبي ۾ پروفيسر مقرر ٿيو. ڊاڪٽر الانا صاحب جولاءِ 1963ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ پوءِ پروفيسر انچارج ٿي رهيو. 6 جنوري 1981ع کان 9 سيپٽمبر 1981ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس فئڪلٽي جو ڊين ٿي رهيو. ڊاڪٽر الانا سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ مان سينئر پروفيسر جي حيثيت ۾ 14 مارچ 1990ع ۾ رٽائر ٿيو. 21 جون 1993ع کان وٺي 28 جولاءِ 1995ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائس چانسلر ٿي رهيو. جتان 25 جولاءِ 1995ع ۾ استعيفا ڏنائين. کيس سال 1996ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو پروفيسر ايمريٽس مقرر ڪيو ويو.
    ڊاڪٽر الانا 9 آگسٽ 1983ع کان وٺي 4 سيپٽمبر 1989ع تائين علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ اسلام آباد جو وائيس چانسلر ٿي رهيو. 22 جولاءِ 1998ع کان وٺي آگسٽ 2001ع تائين سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو چيئرمئن رهيو.
    سندس تصنيفن جو مختصر وچور هن ريت آهن:

    ”چور“ (1954ع،
    ”لاش“ (1954ع)،
    ”ناصر خسرو، ايراني“ (1961ع)،
    ”منتخب ديوان فاضل“ (1964ع)،
    ”سنڌي صورتخطي“ (1964ع)،
    ”سنڌي نثر جي تاريخ“ (1966ع)،
    ”ادبي اوسر“، (1967ع)،
    ”سنڌي صوتيات“ (1967ع)،
    ”سنڌ جي ديني ادب جو ڪئٽلاگ“ (1971ع)،
    ”علمي آئينو“ (1971ع)،
    ”سنڌي زبان جي بنيادي لغت“ (1973ع)،
    ”سنڌي زبان جي وڌايل بنيادي لغت“ (1973ع)،
    ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بُنياد“ (1974ع)،
    ”سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري“ (1974ع)،
    ”سنڌي پهريون ڪتاب“ (1974ع)،
    ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ (1977ع)،
    ”سنڌ جي لساني جاگرافي“، (1979ع)،
    ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“، (1987ع)،
    ”زبان اور ثقافت“ (1987ع.
    ”سنڌي معلم“ (1991ع)،
    Introduction of Sindhi literature (1991)
    , Papers on Sindhi Language & Linguistics (1999)،
    ”ثقافتي ورثو“ (1999ع)،
    ”سنڌي لنگئافون پئڪيج“ (2001ع)،
    ”استادن لاءِ هدايتون-2 جلد“،
    ”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“(2007ع)،
    ”سنڌي صوتيات“، ”History of Sindhi Language and Literature at a Glance”“
    جڏهن ته سندس ڪتاب ”سنڌيءَ جو عملي گرامر “ ڇپائي هيٺ آهي.

    ڊاڪٽر الانا ڪيترين ئي تنظيمن ۾ ميمبر طور پڻ ڪم ڪيو آهي. هن دنيا جا اڪثر ملڪ گهميا آهن ۽ بين الاقوامي سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ مقالا پڙهيا آهن. ڊاڪٽر الانا صاحب ڪيترائي قومي ۽ صوبائي اوارڊ حاصل ڪيا آهن.
    ڊاڪٽر غلام علي الانا 29 نومبر 2020ع تي حيدرآباد ۾ 90 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
    روزانه عبرت جي ٿورن سان
     
  2. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڊاڪٽر غلام علي الانا - سنڌي ٻوليء جو محسن ۽ تعليمدان

    غلام علي الانا جو سنڌي ٻوليء ۽ سنڌي ادارن سان سٺو ڳانڍاپو رهيو آهي۔ تمام سٺو مقالو آهي
     
  3. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڊاڪٽر غلام علي الانا - سنڌي ٻوليء جو محسن ۽ تعليمدان

    ادا سليمان تمام بهترين ، ڪافي معلومات جانڪاري لا ملي آهي سائين ڊآڪٽر غلام علي الانا بابت
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڊاڪٽر غلام علي الانا - سنڌي ٻوليء جو محسن ۽ تعليمدان

    اڄ 15 مارچ سنڌ جي محسن ۽ ناليواري دانشور ۽ تعليمدان ڊاڪٽر الانه صاحب جو جنم ڏينهن آهي۔

    شال سدا خوش رهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو