ملان ۽ مجاور ڳالهه مڙوئي هڪڙي افسوس صد افسوس جو اسان جي مسلمانن اسلام کي هڪ عجيب و غريب ۽ هڪ پنهنجو رنگ ڏنو آهي جنهن جو حقيقت سان ڪو تعلق به ڪونهي، ڪٿي انتها پسندي ملڪ ۽ قوم جو ٻيڙو ٻوڙي ۽ ان کي ايترو ته بدنام ڪيوآهي جو دنيا جي هر ڪنڊ ۾ رهندڙ اسان جي مسلمان خصوصن پاڪستاني مسلمان کي حڪارت جي نظر سان ڏٺو ٿو وڃي،۔۔ ڪٿي ٺڳي جا ٺاهه ٺاهي ڪوڙن عقيدن ۽ وهم وسوسن جي آڙ ۾ اٻوجهه عوام کي ڦريو ۽ لٽيو ٿو وڃي۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ، تاريخي ۽ فطري طور تي صوفين جي سرزمين آهي، پر ڪيترا ماڻهو ان کي ”پيرن فقيرن جي سنڌڙي سونهاري“ به چون ٿا. سنڌ جي وستين واهڻن توڙي هائي ويز تي هلندي ڪنڊن پاسن تي اسان کي ڪيتريون ئي اهڙيون قبرون به نظر اچن ٿيون، جن تي پڙ پيل آهن، ته ڪيترائي اهڙا وڻ به نظر اچن ٿا، جن تي باس باسڻ جون اڳڙيون به ٻڌل آهن، جيڪي فقط تعليم جي کوٽ ۽ اٻوجهه ماڻهن جي ڪمزور عقيدن جون ئي نشانيون آهن. ۽ اتي وري اسان جي معاشري جا ناڪار ڪم چور سست ڪاهل ماڻهون ( خاص ڪري والدين جو نافرمان اولاد موالين جا ٽولا ) انهن غريب اٻوجهه ماڻهن کي لٽي ۽ ڦري انهنجو مال ملڪيت چٽ ڪري ٿا، وڃن، ۽ انهيء مليل پيئسي مان اهي موالي پنهنجو نشو پتو ۽ ٻيون ضرورتون پوريون پيا ٿا ڪن، وري ڪو انهن ئي مجاور موالين مان ڪو مري ٿو ته وري ان جي هڪ نئين قبر ڪنهن مخصوص نالي سان تيار ٿئي ٿي وڃي ۽ وري ان قبر تي اهو ساڳيو ڪاروبار شروع ٿئي ٿو وڃي۔۔۔۔۔ ڪٿي وري ههئڙا مولوي حضرات به آهن جيڪي مّذهب اسلام جي نالي تي غريب اٻوجهه عوام جي ذهنن کي ڄٻاڙي ۽ انهن کي وهم وسوسن جي زبال سيکاري حقيقت کان پري رکيو ويٺا آهن۔ جنهن جو مثال توهان پنهنجي اکين سان ڏسو ته ۔۔ ڇا ؟ هي اسلام آهي يا هي اهو دين آهي جنهن جي حضور جن اسان کي سکيا ۽ دعوت ڏني هئي۔ ۔۔۔ مطلب ته اسان کي معاشري جي ڪجهه نام نهاد مولوين ۽ قبرن مزارن جي مجاورن اسان جي نوجوان نسل ۽ پيرسن بزرگن کي پنهنجي پيٽ ڀرڻ جي عيوض انهن جي ذهنن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اهڙين ئي مولوين ۽ ملاون کي ۽ مجاورن کي سنڌ جي گهٽ شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح پٽيو آهي۔ نه ڪي سچن عالمن ۽ زاهدن کي۔۔۔ خدارا اهڙن ٺڳن مولوين ۽ مجاورن کان پاڻ کي ۽ پنهنجي اهل و عيال کي بچايو، دعا آهي ته اهڙن مڪارن جي مڪاري کان الله پنهنجي امان ۾ رکي، ۽ شين جي اصليت ۽ حقيقت ڏيکاري، آمين۔ http://www.youtube.com/watch?v=7cmOt1JhnTM http://www.youtube.com/watch?v=Syg_dUEwUO0
جواب: ملان ۽ مجاور ڳالهه مڙوئي هڪڙي گھڻا حرمين مان وحدت وٺن ٿا، گھڻا دگران جان دائم ٿين ٿا. گھڻا مومن محبت ۾ مچن ٿا، گھڻا حاجي به رهزن ٿي اچن ٿا.
جواب: ملان ۽ مجاور ڳالهه مڙوئي هڪڙي ادا ممتاز ڪجه عرصو پهريان ملن تي مسعود منور تمام بهترين ڪالم لکيو هو اوهان سڀني سان ان مناسبت جي ڪري ونڊ ڪريان ٿو مُلان هر وقت ڌڻي سڳوري ۽ سندس نبي سڳوري جي نالي تي ماڻهن تي راڄ ڪندو آهي. علامه اقبال ساڳئي مُلان کي ڪعبي جو واڻيو چوندي شڪايت ڪئي ته بُتن وانگر سندس پوڄا ڪئي ويندي آهي، ان ڳالهه ۾ شڪ ناهي. مُلان مسجد ۾ رهندو آهي، رنگين ٽائيلن وارو محل، مفت جو لنگر پاڻي، نياز، خيرات ۽ ذائقيدار کاڌا، کير ۽ حلوا. مُلان کي اِها سهولت انڪري ڏني وئي ته مُلان مسجد کي هڪ تنظيم ۽ اداري وانگر هلائي ۽ ماڻهن کي درس ڏئي ڪري بُرائي ۽ بي حيائي کان پاڪ ٿيڻ وارو رستو ڏيکاري، جيڪو صلوات، جنهن کي نماز چئبو آهي، اصل ڳڻ هو. ۽ جيڪو ملان ڌڻي سڳوري جي منشا پوري نٿو ڪري اُهو حلال رزق ڪونه ڪمائيندو آهي. مولوي رومي فرمايو: علم و حڪمت آيد از نان حلال عشق و رقت زايد از نان حلال علم ۽ شعور حلال رزق ڪمائڻ سان حاصل ٿيندو آهي، ڌڻي سڳوري ۽ نبي سڳوري جو عشق رزق حلال ڪمائڻ سان وڌندو آهي. ۽ جيڪو مُلان پنهنجي نمازين کي حلال رزق ڪمائڻ نٿو سيکاري ان کي آسمان حلال رزق جو پرمٽ ڪونه ڏيندو آهي. اهڙا عالم ڪنهن به شخص کي جنت جو ٽڪيٽ وٺرائي ڪونه ڏيندا . مُلان جي مسجد هميشه هڪ ڪمزور تنظيم ثابت ٿيندي آهي جيڪا معاشري کي اُهو سبق ڪونه سيکاري سگهي جيڪا ان جي ذميواري هئي. قرآن پاڪ ۾ لکيل آهي ته ”ان الصلوات تنها عن الفحشاء والمنڪر“. جيڪا نماز ماڻهو کي هر برائي ۽ بي حيائي کان پاڪ ڪرائيندي آهي. مُلان جو فرض آهي ته ان جي پوئيان جيڪي به ماڻهو نماز ادا ڪندا آهن انهن تي نماز جو اثر ٿيندو آهي يا نه. اِهو شريعت جو قانون آهي. جيڪڏهن ڪنهن مذهبي عمل سان نتيجو حاصل ڪونه ٿيندو آهي ته اُهو مذهبي نه، فقط اجايو آهي. حديثن ۾ اهڙين عالمن جي علامت ٻڌائي وئي آهي ته انهن جون مسجدون ڀريل هونديون پر دليون روحانيت کان محروم هونديون. اُهي پنهنجي دور جي سڀ کان بدترين مخلوق هوندا، انهن مان فساد پيدا ٿيندو ۽ انهن تائين ڦهلجي ويندو. موجوده حالتن ۾ ان حديث جي معني خاص آهي، پر جيڪڏهن ملان پنهنجي نبي سڳوري جي حڪم تي عمل ڪندا ته، سندس عملن جو حساب ڪري ها ته جنهن ڏيهه ۾ ڪروڙين مسجدون ڏينهن رات ماڻهن کي پاڻ ڏانهن گهرائينديون آهن، هتي ماڻهو پنج ويلا ڌڻي سڳوري جي گهر ۾ پيش ٿيڻ باوجود رب کان ايترو پري ڇو آهن؟ اُهي رشوت ۽ بي ايماني، چوري ۽ ڦرلٽ ڇو ڪري رهيا آهن؟ پر مُلان اِهو سڀ ڪجهه ڪيئن ڏسي سگهن ٿا. اهڙي طرح سندس اُها جاگير ان کان کسجي ويندي آهي، جنهن ۾ ويهي ڪري ماڻهن تي راڄ ڪندو آهي. مذهب جي نانءُ تي ڪيترن ئي مولوين وڏا وڏا ڪارٽل ۽ ڪمپليڪس قائم ڪيا آهن، جن سان ڪپڙي جي مل کان وڌيڪ ڪمائي ٿيندي آهي پر محنت ڪونه ٿيندي آهي. اڄوڪي دور ۾ مُلان ايتري ترقي ڪئيا آهي جو مرسڊيز ۽ پيجارو ۾ هٿياربند محافظن سان سفر ڪندو آهي. اڄوڪي مُلان پنجاب ۽ سنڌ جي روايتي جاگيردار ۾ فرق ناهي. اسلام آباد ۾ لال مسجد واري واقعي جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿيندو آهي ته اُها مسجد اسلام آباد جي ڌار حڪومت وانگر هئي، جيڪا پرويز مشرف کي چئلينج ڪندي هئي. اسلام آباد جي نبي سڳوري صلي الله ععليه وسلم دعا ڪئي هئي ته يا منهنجا رب منهنجو حشر مسڪينن سان ڪجانءِ ۽ حشر ڏينهن مونکي مسڪينن سان اُٿارجانءِ. نبي سڳوري صلي الله عليه وسلم فرمايو ته ”انا فقير والفقر فخري“، ته پاڻ فقير آهيان ۽ فقير هجڻ تي فخر آهي. انهن هٿياربندن کان پڇيو وڃي ته پنهنجي نبي سڳوري کي ڪيترو مڃيندا آهن. نبي سڳوري کي مڃڻ سندس ڏيکاريل رستن تي هلڻ جو نالو آهي فقط بُلند آواز ۾ ڪلما پڙهڻ جو نالو ناهي. حضرت سلطان باهو فرمايو، وڏي واڪي ڪلما اُهي پڙهندا آهن نيت جن جي کوٽي. مُلان به حضرت سلطان باهو جي ڪافي کي مسجد ۾ بيهي پڙهندو آهي ۽ ماڻهن کان شاعرن وانگر داد حاصل ڪندو آهي پر سندس لڇڻ ڪونه ڇڏيندو آهي نه ئي سندس فرض ادا ڪندو آهي. ان دور ۾ مذهب جي نالي تي ماڻهن سان جيڪو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، ماڻهو ان جي باري ۾ ڳالهائڻ کان ڊڄندا آهن ته انهن جي ڳچي ۾ مذهب جي توهين ڪرڻ واري ڦاهي نه پئجي وڃي. اڄ مُلان ايترو طاقتور آهي جو پوليس ۽ فوج به مولوين کان لنوائيندي آهي ۽ سچ ڳالهائڻ کان ڊڄندي آهي. سلمان تاثير جي قتل کان مُلان جي طاقت جو اندازو لڳائڻ جي غلطي نه ڪجو، ورنه اڄ ڪو به شخص، توڙي هڪ گورنر ئي ڇو نه هجي هڪ فتوي جي مار آهي. اڄ مُلان شاهي جو دور آهي. ان دور جو اصل ڪم مُلان آهي جنهن کي جي ايڇ ڪيو اِهو اختيار ڏنو آهي. هاڻي منهن ڏسو. جنهن ڏينهن مولوين کي خبر پئجي وئي ته جنرل حميد گُل جو خاندان ڪيترو ماڊرن آهي ان ڏينهن جنرل صاحب فتويٰ جي لڪير اورانگهي ڪونه سگهندو