مست
سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو!
توهان پيراگراف ٽيڪسٽ جي باري ۾ گذريل سبق نمبر 2 ۾ پڙهي چڪا آهيو، جنهن ۾ مون سمجهايو هو ته پيراگراف ٽيڪسٽ کي ڪيئن لکڻ کپي۔۔؟
هاڻي هن سبق ۾ پاڻ پيراگراف ٽيڪسٽ کي ٽوڙڻ سکنداسين۔۔
سڀ کان پهرين ڪو پيراگراف ٽائپ ڪريو، ان لاءِ ٽيڪسٽ ٽول کي سليڪٽ ڪري پيج تي مائوس سان ڊريگ اينڊڪلڪ ڪري وڏو چورس خانو ٺاهيو ۽ ان جي اندر پنهنجو پيراگراف لکو۔۔ يا وري ڪٿان ڪاپي پيسٽ به ڪري سگهو ٿا۔۔
هاڻ ان پيراگراف ٽيڪسٽ کي ٽوڙڻ لاءِ ان کي سليڪٽ ڪري اوهان ڪيبورڊ مان (ڪنٽرول بٽڻ + K) کي پريس ڪريو، جنهن سان پيراگراف الڳ لائنن ۾ ٽُٽي ويندو۔۔۔
ان عمل جو فائدو اهو آهي جو اوهان هر لائن کي سليڪٽ ڪري ان جو رنگ پنهنجي مرضيءَسان رکي سگهو ٿا۔۔۔ ۽ فونٽڪلر ۽ سائز به پنهنجي مرضيءَ سان رکي سگهو ٿا۔۔
جيئن هن تصوير ۾ ڏسو۔۔۔
اميد ته اوهان دوست هن مختصر سبق مان لاڀ پرائيندا۔۔۔۔
۔
معذرت سان گڏ معافيءَ جو طلبگار آهيان جو ڪيتري ئي عرصي تائين ڪلاس مان غير حاضر رهيس۔۔ ڪيترن ئي دوستن جي بار بار اصرار باوجود ڪلاس نه پئي ورتو۔۔ پر ڪوشش آهي ته ايترو وقت جيڪي ڪلاس اوهان جا نه ورتا آهن انهن کي جلدي جلدي اُڪلائيندو وڃان ته جيئن اسان جا نوان دوست ڪورل ڊرا جي باري ۾ اڃان به ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ۽ ان ۾ موجود سهولتن کان فائدو حاصل ڪري سگهن۔۔۔۔
جيڪڏهن توهان کي ڪورل ڊرا جي باري ۾ خبر ناهي ته هن ئي سيڪشن (ڪورل ڊرا) جي اندر منهنجا گذريل سبق موجود آهن جن کي پڙهي توهان هن سبق مان فائدو حاصل ڪري سگهو ٿا۔۔ هن مختصر سبق ۾ هڪ پيراگراف تي ڪم ڪنداسين۔۔۔
پيراگراف ٽيڪسٽ کي ٽوڙڻ۔۔۔۔جيڪڏهن توهان کي ڪورل ڊرا جي باري ۾ خبر ناهي ته هن ئي سيڪشن (ڪورل ڊرا) جي اندر منهنجا گذريل سبق موجود آهن جن کي پڙهي توهان هن سبق مان فائدو حاصل ڪري سگهو ٿا۔۔ هن مختصر سبق ۾ هڪ پيراگراف تي ڪم ڪنداسين۔۔۔