آدمشماري 2011

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏16 مارچ 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوستو! اڄ هڪ دوست هي پاور پوائنٽ پريزينٽيشن موڪلي آهي ۔۔۔۔ جيڪا سنڌ آدمشماري ڪاميٽيءَ پاران تيار ٿيل آهي ۔۔۔ تمام ڄاڻ واري آهي ۽ وقتائتي پڻ انڪري اوهان دوستن سان ونڊ ڪريانٿو ۔۔۔ اچو ته ان پيغام کي دل سان هنڊايون ۽ سنڌ جي خدمت ڪري قومي فرض نڀايون ۔۔۔

    رب سنڌين جو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔آمين
    ****************************
    1
    [​IMG]

    2
    [​IMG]

    3
    [​IMG]

    4
    [​IMG]

    5
    [​IMG]

    6
    [​IMG]

    7
    [​IMG]

    8
    [​IMG]
     
  2. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    145
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: آدمشماري 2011

    اوهان جي محنتن جو ڪو ملهه ناهي سائين
    مهربانيون۔۔۔۔
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: آدمشماري 2011

    واه سائين واه تمام خوبصورت انداز سان محنت ڪري اهڙي ڪارآمد معلومات اسان تائين توهان پهچائي الله توهان کي شاد رکي انشآء الله هر دوست پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪندو ته خاطر خواه نتيجا نڪرندا.
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: آدمشماري 2011

    محترم آرزو صاحب ۽ سائين رحيم بخش؛ لک ٿورا ليک پسند ڪرڻ جا ۔۔۔ هن محنت تي جس هجي سنڌ آدمشماري ڪاميٽي کي جنهن سٺي پريزنٽيشن تيار ڪئي آهي ۔۔۔ اسان سڀني سنڌين جو قومي فرض آهي ته پنهنجي قوم جي ٻچي ٻچي کي هن آدمشماري ۾ ڳڻائي پنهنجو فرض پورو ڪريون ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔
     
  5. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: آدمشماري 2011

    ادا سائين !
    ان موضوع کي عام ۽خاص ماڻھن تائين پھچائڻ لاءِ اوھان جيڪا مھرباني ڪئي آھي ،ان لاءِ مھرباني۽ لک ٿورا ،ائين ڪري اسان جو ھٿ وندائي پنھنجو قومي فرض نڀايو
    آھي،ڇاڪاڻ ته ڪراچي ڊويزن تي ان ڪميٽيءَ جو آءُ به ميمبر آھيان۔ اسان لياري
    ٽائون ،ڪياماڙي ٽاوئون ۽ بن قاسم ٽائون لاءِ ڪميٽيون جوڙيون آھن ۽18 ،19 فبروري تي گڏاپ ۽گلشن اقبال ٽائونن لاءِ ڪميٽيون ٺاھڻيون آھن۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: آدمشماري 2011

    سائين محترم عبدالڪريم چانڊيه صاحب، اوهانجو ان ڪاميٽي ۾ هجڻ اسان لا باعث فخر ۽ باعث اطمينان آهي جو يقين سان اوهان اسانجي گهرن کي ضرور شامل ڪرائڻ ۾ پاڻ پتوڙيندا ۔۔۔ ڪراچي ۾ ته خاص ڪري اسانکي پنهنجي دوستن کي سنڌ سڄڻن کي ڀرپور نموني سان ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن ٻولي واري خاني ۾ اسانجا سڀ سنڌي يا سنڌ ۾ رهندڙ ٻروچ پڻ سنڌي لکرائن ۔۔۔

    لک ٿورا ۔۔۔
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: آدمشماري 2011

    [justify]سائين نثار مهرباني

    وقتائتو ۽ سهڻو موضوع ونڊ ٿيو آهي۔ اوهان وطن کان پري رهي به سنڌ جي بقا ۽ ڀلائيء لاء پيا سوچيو۔۔۔۔اوهان کي سلام۔ بلڪل ڳڻتي نه ڪجو اوهان جو گهر اوهان جي فيملي ۽ اوهان کي ڳڻائڻ منهنجي ذميواري آهي۔ انکانسواء سچل ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي سنڌي وسندين لاء انشاء الله اسان وڌ کان وڏ ڪوشش ڪنداسون۔ جيڪڏهن ٿي سگهيو ۽ آفيس وارن اجازت ڏني ته شايد ڪجه ڏينهن موڪل ڪري به هن عمل کي ڪاميابي سان تڪميل تي پهچائينداسون۔

    رات اسان واري لوڪل فقير ڦلپوٽي سان ڳالھ ٿي هئي جيڪو به شڪارپور ۾ پنهنجي دوستن سان گڏ ان عمل ۾ ميدان تي لٿل آهي ۽ رات دير تائين ڪوششن ۾ هئا۔ اميد ته سنڌ سلامت جا سمورا دوست پنهنجي قومي ذميواري محسوس ڪندي سڀني سنڌين ساڻ هن عمل ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا۔

    سائين عبدالڪريم چانڊيو جون مهربانيون جيڪي ڪراچي ڊويزن جي هر ميٽنگ ۾ حصو وٺن ٿا ۽ مان پڻ انشاء الله 19 تاريخ واري گلشن ٽائون جي ميٽنگ ۾ ساڻن گڏ هوندس۔

    دوستن جون مهربانيون جيڪي هن عمل جي نتيجن کي سمجهي عملي ڪم پيا ڪن۔
    [/justify]
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: آدمشماري 2011

    لک ٿورا دوست وساڻ، اوهان مان اها ئي اميد آهي ۔۔۔ سچل ڳوٺ جا ته گهر يقينن سڀ داخل ٿيندا، آ پنهنجي گهر به چئي ڇڏيو آهي ته هر ماڻهون داخل ڪرايو وڃي ۔۔۔

    اصل ۾ اسانجي ڳوٺن، خاص ڪري ٿر ۽ ڪوهستان جا ڳوٺ جيڪي پهچ کان پري آهن، اهي ماڻهون به داخل ڪرائجن ۽ حڪومتي ادارن کي پهچڻ تي زور ڀرجي ۔۔۔ اميد ته قوم پاڻ ملهائيندي ۽ هر طرف کان پنهنجي اهليت استعمال ڪئي ويندي ۔۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: آدمشماري 2011

    دوستو! وقت اچي ويو آهي ته اسين سڀ سنڌي نوجوان، سنڌي جي رهنمائي ڪريون ۽ آدمشماري ۾ سنڌين جي تعداد وڌائڻ ۾ ڪردار ادا ڪريون، ائين نه ٿئي ته سنڌي ڳڻپ کان رهجي وڃن ۽ سنڌ کي نقصان پوي ۔۔۔ اچو ته سنڌ امڙ جي اولاد کي امڙ جي خاندان ۾ ڳڻائي پاڻ ملهايون ۔۔۔

    سنڌي لکو ۔۔۔ سنڌي پڙهو ۔۔۔ سنڌي سڏرايو ۽ سنڌي لکرايو ۔۔۔امڙ جو قرض لاهيو

    سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
     
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: آدمشماري 2011

    تمام ڀلو ليک آهي۔۔۔ جنهن ۾ سنڌين کي سمجهائڻ لاءِ خاص نقطن طرف پڻ ڌيان ڇڪايو ويو آهي۔۔۔ جهڙوڪ۔۔۔
    • سڀ کان پهريان گهر شماري ۽ پوءِ آدمشماري ٿيندي
    • جيڪڏهن ڪنهن هڪ گهر ۾ چار ڀائر رهن ٿا ته هوُ الڳ الڳ گهر لکرائين
    • بيشڪ توهان جي ٻولي سرائيڪي، بلوچي يا ٻي هجي پر زبان واري ڪالم ۾ ”سنڌي“ ئي لکرائجي

    ياد رکو ته مٿين نقطن تي خاص توجه ڏجي ۔۔۔ ڇو ته انهن کي درست نه لکرائڻ جي صورت ۾ ئي سنڌ دشمن ڌريون اسان جي ڏنل انگن اکرن نه مڃينديون آهن۔۔۔ مهرباني فرمائي پنهنجن پنهنجن وسندين ۾ ايندڙ استادن کي جيڪي مردمشماري ۾ شامل آهن پڻ انهن ڳالهين کي ياد ڏياريندا۔۔
    لک لائق سائين نثار صاحب
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: آدمشماري 2011

    [justify]
    آدم-ڳڻپ ۽ سنڌ جي مفادن جو ڳانڍاپو
    نصير ميمڻ ۔۔۔ ڪاوش گروپ
    ********************
    ڇهين گهر شماري ۽ آدمشماري ايندڙ مهيني کان شروع ٿي رهي آهي. هونءَ ته آدمشماري هر طرح جي ملڪي رٿابنديءَ لاءِ بنيادي ضرورت آهي، پر سنڌ جي تناظر ۾ آدمشماريءَ جي اهميت جا ٽي اهم حوالا ذهن ۾ رکڻ گهرجن.
    (1)پاڪستان ۾ سياسي نمائندگيءَ جو بنياد آبادي هوندي آهي، مڪاني حڪومتن توڙي صوبائي توڙي قومي اسيمبليءَ جي تڪن ۽ سيٽن جو تعين آباديءَ جي آڌار ٿيندو آهي. هن وقت قومي اسيمبليءَ ۾ آباديءَ جي آڌار پنجاب جون سيٽون باقي ٽنهي صوبن جي مجموعي سيٽن کان به وڌيڪ آهن. ساڳي طرح سنڌ اسيمبليءَ اندر سنڌي ۽ غير سنڌي آباديءَ جي نمائندگيءَ جو بنياد به آدم ڳڻپ جي آڌار ٿيندو. هن وقت صورتحال اها آهي ته سنڌ ۾ هڪ ڌر نوڪرين، ترقياتي اسيڪيمن سميت هر عوامي ڀلائي جي رٿا تي سوديبازيءَ وقت آباديءَ جا هٿ ٺوڪيا انگ اکر کڻي پنهنجا مطالبا ٿاڦيندي رهي ٿي. هيءَ آدم-ڳڻپ سنڌ واسين جي ملڪي ڪاروهنوار ۾ حصي پتيءَ جو نئين سر تعين ڪندي.
    (2)وفاقي حڪومت طرفان صوبن ۾ ورهائجندڙ رقمن جو وڏو بنياد به آبادي آهي. ستين نيشنل فنانس ڪميشن ايوارڊ ۾ گهڻي عرصي کان پوءِ آباديءَ کان علاوه ٻيا عنصر به شامل ڪيا ويا آهن، پر اڄ به وسيلن جو 82 سيڪڙو آباديءَ جي آڌار ورهايو وڃي ٿو. ساڳي طرح صوبائي فنانس ڪميشن هيٺ ضلعن وچ ۾ وسيلن جي ورڇ جو هڪ اهم بنياد پڻ آبادي آهي، تنهن ڪري آباديءَ ۾ سنڌ واسين جي صحيح ڳڻپ نهايت اهم آهي.
    (3)آدمشماريءَ سان لاڳاپيل ٽيون اهم رخ سنڌ اندر اصلوڪي آباديءَ جو گهڻائيءَ ۾ هجڻ وارو معاملو آهي. ملڪ ٺهڻ کان وٺي جيئن پهرين ڏينهن کان ڌاري آباديءَ جا ولر سنڌ ۾ داخل ٿيندا رهيا آهن، ان جي نتيجي ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن کي هميشه اهو خوف رهيو آهي ته هڪ سازش هيٺ کين پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ٿورائيءَ ۾ بدلايو پيو وڃي. 1998ع ۾ ٿيل آدمشماريءَ موجب سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ آبادي 60 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ هئي، جيڪا 1981ع ۾ 52.4 سيڪڙو هئي. ان لحاظ کان ڏسجي ته هن وقت سنڌي ڳالهائيندڙ آباديءَ جي شرح اڳ کان بهتر هجڻ گهرجي.
    اهي ٽئي رخ ذهن ۾ رکي ڏسجي ته ايندڙ آدمشماري سنڌ واسين لاءِ سياسي لحاظ کان نهايت اهم آهي. ايندڙ آدمشماريءَ جي حوالي سان سنڌي قوم کي ڪهڙا چئلينجز سامهون آهن، انهن تي هڪ نظر وجهڻ ضروري آهي.
    .گذريل ٻن ڏهاڪن دوران سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن مان سنڌي ڳالهائيندڙ آباديءَ جو هڪ چڱو موچارو انگ شهري علائقن ڏانهن منتقل ٿيو آهي. اهو ڪو نئون لاڙو ناهي، گذريل آدمشماريءَ ۾ به ان لاڙي جي نشاندهي انگن اکرن مان ثابت ٿئي ٿي، پر گذريل ڏهاڪي اندر ان ۾ تمام گهڻي تيزي آئي آهي. 1981ع ۾ شهرن اندر سنڌي ڳالهائيندڙ آبادي 18.28 سيڪڙو هئي، جيڪا 1998ع جي آدم-ڳڻپ موجب وڌي اٽڪل 26 سيڪڙو ٿي وئي هئي. گذريل ڏيڍ ڏهاڪي دوران سنڌ جي ٻهراڙين ۾ بدامني، قبائلي دهشتگردي، زرعي معيشت جي زوال، سرڪاري نوڪرين تي بندش، روزگار جي متبادل وسيلن جي اڻهوند، تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي بربادي جهڙن فيڪٽرن سبب گذريل ٻن ڏهاڪن دوران ٻهراڙين کان شهرن ڏانهن لکين ماڻهن لڏپلاڻ ڪئي آهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ان عرصي دوران نيون سنڌي آباديون وجود ۾ آيون آهن. انهن سمورن ماڻهن جي درست ڳڻپ کي يقيني بنائڻ هڪ اهم چئلينج هوندو. شهري آبادين ۾ هڪ مخصوص ڌر جي انتظامي والار سبب ان ڳالهه جو امڪان آهي ته سنڌي، بلوچ ۽ ٻين آبادين کي ڳڻپ جي عمل ۾ ٻاهر رکيو وڃي. ان لاءِ ضروري آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سنڌي بلوچ ڳالهائيندڙ آباديءَ جون نمائنده تنظيمون گهر شماري ۽ آدمشماريءَ جي عمل جي ڪڙي نگراني ڪن ۽ ڪنهن به ڀڃڪڙي کي فوري طور نوٽيس ۾ آڻي شفاف ڳڻپ کي يقيني بڻائن.
    .آدمشماريءَ جي حوالي سان سنڌين لاءِ هڪ ٻيو چئلينج سنڌ جي ٻهراڙين ۾ انهن علائقن ۾ ڳڻپ کي يقيني بنائڻ آهي، جتي هاڻي ڏينهن ڏٺي جو پوليس به نٿي وڃي سگهي. اتر سنڌ جا اهي علائقا، جيڪي قبائلي دهشتگرديءَ جي ور چڙهيل آهن، جتي امن امان مفاهمتي سياست وٽ يرغمال ٿيل آهي، اتي ڳڻپڪار عملي جي پهچ ڪيئن ممڪن ٿيندي، ان سوال جو جواب ڪنهن وٽ به ناهي. سنڌين جي مسئلن کان عملي طور لاتعلق بنيل حڪومت انهن علائقن ۾ ڳڻپڪارن کي تحفظ ڏئي ڏورانهن علائقن ۾ سندن پهچ کي ڪيئن يقيني بنائيندي، ان بابت ڪجهه به معلوم ناهي. سنڌ ۾ ڏوهارين جو راڄ ايتري قدر مضبوط آهي، جو ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل بندن جي مرمت لاءِ انجنيئر ۽ ٺيڪيدار به وڃڻ لاءِ تيار ناهن. سنڌ-بلوچستان سرحد وارن انهن علائقن ۾ بندوق جو راڄ آهي ۽ انديشو آهي ته اتي رهندڙ لکين ماڻهو ڳڻپ کان رهجي وڃن. ساڳي طرح سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڍنڍن ڍورن تي رهندڙ لکين ماڻهن ۽ سامونڊي پٽيءَ تي ٻيٽن ۽ ڪريڪس ۾ رهندڙ مهاڻن جي ڳڻپ کي يقيني بنائڻ پڻ هڪ اهم چئلينج هوندو.
    سنڌين لاءِ هڪ ٻيو چئلينج سمورن انهن ماڻهن کي ٻوليءَ جي خاني ۾ سنڌي لکرائڻ تي راضي ڪرڻ آهي، جيڪي سنڌي ٻوليءَ جا مختلف لهجا ڳالهائين ٿا. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تمام وڏي آبادي اهڙي رهي ٿي، جيڪا روزمرهه جي ڪاروهنوار ۾ سنڌي ٻولي ڪتب آڻي ٿي ۽ سندن تعليم به سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي، پر سندن گهرن ۾ سنڌيءَ جا مختلف لهجا ڳالهايا وڃن ٿا، جن کي ڌار ٻولي سمجهيو وڃي ٿو. اهو سوال تمام حساس پڻ آهي ۽ ان بابت سنڌ واسين ۾ هڪ راءِ قائم ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي محنت جي ضرورت پوندي. در حقيقت انهن آبادين جو سياسي مفاد به پاڻ کي سنڌي ڳڻائڻ ۾ آهي، پر تنهن هوندي به ان بابت ساڃاهه کي عام ڪرڻ لاءِ سياسي، سماجي ۽ ميڊيا جي ادارن کي سخت جاکوڙ ڪرڻي پوندي ته جيئن اهڙا سڀ ماڻهو سنڌ جي گڏيل مفادن خاطر پاڻ کي سنڌي لکرائين.
    انهن ٽنهي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ وقتائتي حڪمت عمليءَ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن 1991ع ۾ ٿيل آدمشماري (جنهن کي بعد ۾ حڪمران ڌرين رد ڪري ڇڏيو) جي تجربي کي سامهون رکيو وڃي ته هن آدمشماريءَ لاءِ اثرائتي حڪمت عملي جوڙي سگهجي ٿي. 1991ع جي ڀيٽ ۾ هينئر سنڌ واسين جي فائدي وٽان ٽي اهم فيڪٽر موجود آهن، جن مان ڀرپور فائدو وٺڻ گهرجي. انهن ٽن فيڪٽرن جو هڪ مختصر جائزو وٺڻ ضروري آهي.
    . 1991ع ۾ سنڌ اندر ٽي چار اهم سنڌي اخبارون موجود هيون، پر انهن مان هڪ اڌ کي ڇڏي باقي اخبارن جي ڄمار ٻه ٽي سال مس هئي ۽ انهن جي پهچ به اڄ جي ڀيٽ ۾ گهڻي گهٽ هئي. ان جي ڀيٽ ۾ اڄ سنڌي ميڊيا سنڌي سماج جو هڪ اهم ترين ۽ نهايت اثرائتو ايڪو آهي. هن وقت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌي اخبارن، سنڌي ٽي وي چئنلز ۽ ايف ايم ريڊيو جو نيٽ ورڪ پکڙيل آهي. اها هڪ نئين سگهه آهي، جيڪا هن کان اڳ سنڌ واسين وٽ موجود نه هئي. خاص طور تي سنڌي ٽي وي چئنلز جو ڪردار نهايت اهم آهي، ڇو ته اهي آباديءَ جي انهن حصن تائين به پهچ رکن ٿا، جتي ماڻهو اخبار به نٿا پڙهي سگهن. سنڌي ميڊيا ويجهن سالن ۾ سنڌ جي مفادن سان لاڳاپيل معاملن تي جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي، اهو سنڌ جي سياسي ساڃاهه جي تاريخ ۾ هميشه واکاڻ ڀريل لفظن ۾ جاءِ والاريندو. آدمشماريءَ جي حوالي سان عام ماڻهوءَ جي شعور کي اڀارڻ ۽ سندن ڳڻپ صحيح نه ٿيڻ جي صورت ۾ واسطيدار ڌرين کي ڌونڌاڙڻ ۾ سنڌي ميڊيا غير معمولي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. ان موقعي مان ڏاهپ ۽ ذميواريءَ سان فائدو وٺڻ جي ضرورت آهي.
    . گذريل ٻن ڏهاڪن دوران سنڌ ۾ هڪ نهايت متحرڪ سول سوسائٽي اڀري آهي، ان ۾ اين جي اوز، استاد، تنظيمون، وڪيلن جون تنظيمون، انساني حقن جا ادارا، عورتن جي جاڳرتا ۽ ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون، صحافتي ادارن جون تنظيمون ۽ شهري اتحاد وغيره شامل آهن. ان عرصي دوران سنڌ ۾ اين جي اوز جو هڪ وڏو ڄار پکڙجي چڪو آهي. انهن تي به ٻين ادارن جيان ڪيئي ٻيون تنقيدو ڪري سگهجن ٿيون، پر انهن ادارن جي پهچ به ميڊيا جيان نهايت ڏورانهن علائقن تائين آهي. اين جي اوز ۾ گهڻو ڪري اهي نوجوان ڪم ڪن ٿا، جيڪي سوشل موبلائيزيشن جي هنر ۾ سکيا ورتل آهن ۽ سڀئي پڙهيل لکيل پڻ آهن. اين جي اوز ۾ جيئن ته عورتن جو هڪ وڏو انگ پڻ سرگرم آهي، تنهن ڪري ٻهراڙين اندر عام ماڻهن ۾ آدمشماري بابت جاڳرتا پکيڙڻ، نگران ڪميٽيون ٺاهي صحيح ۽ مڪمل ڳڻپ کي يقيني بنائڻ ۽ عورتن توڙي اڻ پڙهيل آباديءَ جي رهنمائي ڪرڻ ۾ اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي جون ٻيون تنظيمون نهايت ڪارائتو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. هيءَ هڪ ٻي سگهه آهي، جيڪا 1991ع ۾ سنڌ اندر نه هجڻ جي برابر هئي. ان وقت اهو ڪردار گهڻو ڪري سنڌ ڊيموڪريٽس فورم، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، پي ٽي الف، سپلا وغيره ادا ڪيو هو. محدود وسيلن ۽ پهچ جي باوجود انهن سمورن ادارن هڪ شاندار ڪردار ادا ڪري سنڌ واسين جي صحيح ڳڻپ کي يقيني بنايو هو، جيڪو اقتدار ڌڻين کان هضم نه ٿي سگهيو ۽ ان گهر شماريءَ کي رد ڪيو ويو. ان لحاظ کان سول سوسائٽي هن آدمشماريءَ ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
    .سنڌ جي هڪ ٽين سگهه سنڌ ۾ قومپرست ڌرين جو سنڌ جي اهم مسئلن تي گڏجڻ وارو لاڙو آهي. ساڳي طرح اڄڪلهه سنڌ ۾ سول سوسائٽي ۽ پوليٽيڪل سوسائٽي ۾ سنڌ جي مفادن وارن معاملن تي هڪ مثالي ڳانڍاپو موجود آهي. سنڌ جون قومپرست ڌريون اڄڪلهه اليڪشني سياست ۾ به سرگرم ٿي رهيون آهن، جنهن ڪري هنن عوامي لهه وچڙ ۾ تيزي آندي آهي. انهن تنظيمن جي پهچ به سنڌ جي تمام ڏورانهن علائقن تائين آهي، انهن جا سرگرم ڪارڪن پڻ عوامي جاڳرتا ۽ آدمشماريءَ واري عمل جي نگرانيءَ ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. سنڌ ۾ ماڻهن جي درست ڳڻپ انهن سياسي تنظيمن جي سياسي مفاد وٽان پڻ آهي. 1991ع ۾ قومپرست تنظيمن آدمشماريءَ ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو هو ۽ هينئر اهي اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پهچ رکن ٿيون.
    مٿي ڄاڻايل ٽي اهم موقعا سنڌ لاءِ نهايت اهم سگهه آهن، جن مان سنڌ واسين کي ڀرپور لاڀ ملڻ گهرجي. آدمشماريءَ جي حوالي سان هڪ ٻيو معاملو اهم آهي ۽ اهو آهي گهر شماريءَ جي مرحلي تي نظرداري ۽ نگراني ڪرڻ. آدمشماريءَ جي مرحليءَ تي ان ڳالهه تي نظر رکڻ ضروري آهي ته اهو پراسيس صحيح طرح ٿي رهيو هجي. ڪي علائقا يا گهر ڳڻپ کان نه رهجي وڃن ۽ ساڳي طرح ڪي ڌريون غلط ڳڻپ نه ڪرائي رهيون هجن. ان حوالي سان ماهرن جي هڪ اهڙي پينل جي ضرورت آهي، جيڪي گهر شماريءَ جي نتيجن جو فني لحاظ کان جائزو وٺن ۽ جيڪڏهن ڪا هٿ چراند ٿي رهي هجي ته ان کي فوري طور فني دليل سان وائکو ڪن ۽ واسطيدار فورمن تائين پهچائي سنڌ واسين جي مفادن جو تحفظ ڪري سگهجي. اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته گهر شماريءَ جا انگ اکر آدمشماريءَ جي حتمي انگن اکرن کي واضح ڪري ڇڏيندا، تنهن ڪري گهر ڳڻپ جي نتيجن تي خاص نظر رکڻ جي ضرورت آهي. 1991ع واري آدمشماريءَ کي به حڪمرانن گهر ڳڻپ وقت رد ڪري ان عمل کي روڪي ڇڏيو هو. فني ماهرن جو اهڙو پينل جوڙڻ جي ضرورت آهي، جيڪو ان آدم ڳڻپ جي عمل جي ڳوڙهي نگراني ڪري.
    هن سڄي پراسيس ۾ حڪومت جو ڪردار نهايت اهم آهي، پر بدقسمتيءَ سان سنڌين جي ووٽن تي حڪومت حاصل ڪندڙ پيپلز پارٽي هينئر سنڌين کي سياسي ۽ انتظامي لاوارثيءَ جو شڪار بنائي ڇڏيو آهي، سنڌ ۽ سنڌ واسين جا مفاد سندن اوليت ڪهڙي به طرح نٿا لڳن. حڪومت جي سنجيدگيءَ جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته آدمشماريءَ جو مرحلو شروع ٿي چڪو آهي، پر اڃا تائين سنڌ جي سينسس ڪمشنر طور عيوضي وفاق ۾ موجود ناهي. اها روش واضح ڪري ٿي ته پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آدمشماريءَ جي حساس مرحلي کي سنجيدگيءَ سان نه پئي وٺي. اصولي طور سنڌين جي صحيح ڳڻپ ڪرائڻ نه رڳو پيپلز پارٽيءَ جي اصولي ۽ اخلاقي ذميواري آهي، پر ساڳي وقت سندن سياسي مفادن جي گهرج به آهي. رڳو ڪنهن تڪ ۾ ننڍي چونڊ ٿيڻي هوندي آهي ته تڪ جا ايم پي اي، ايم اين اي ۽ پارٽي عهديدار مهينو اڳ وڃي اتي ڪيمپ ڪندا آهن. پر آدمشماريءَ جهڙي انتهائي اهم مرحلي تي پارٽي سطح تي لاتعلقي وارو رويو آهي. سنڌ واسين کي گهرجي ته پيپلز پارٽيءَ جي مقامي قيادت تي دٻاءُ وجهن ته اها پنهنجي سياسي ذميواري ادا ڪندي آدمشماريءَ ۾ سنڌ جي مفادن جي جائز تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
    ايندڙ آدم-ڳڻپ سنڌ جي سياسي ساڃاهه لاءِ ڪنهن امتحان جيان آهي. هونءَ ته سنڌ مختلف مسئلن تي سياسي مزاحمت وسيلي پنهنجي سياسي شعور جو مظاهرو ڪندي رهي آهي، پر هي معاملو مزاحمت جو نه پر سمجهداري، رابطي، ڄاڻ، رسائي ۽ نگراني ڪرڻ وارو آهي ۽ ان سان سنڌ جا انتهائي اهم ۽ حساس قومي مفاد سلهاڙيل آهن
    [/justify]
     
  12. ابوعمير

    ابوعمير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جنوري 2011
    تحريرون:
    104
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    جواب: آدمشماري 2011

    واه سائين واه اصل قرب ۔ اسان کي ته آدم شماري جي اهميت جي صحيح خبر اڄ پئي آهي ۔ ​
     
  13. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: آدمشماري 2011

    محترم دوست ابو عمير، لک ٿورا ليک کي پسند ڪرڻ جا، بس اسان سڀني سنڌ واسين کي چاهي ٻاهر رهندڙ هجون يا سنڌ ۾ موجود هجون ان ڪم لا پاڻ سان گڏ ٻين کي آگاهي ڏيڻ جو فرض نڀايون ۽ هن ايندڙ آدمشماري ۾ پنهنجي ٻچي ٻچي کي شامل ڪرايون ۔۔۔

    هڪ دفعو ٻيهر اهو نعرو ته آدمشماري ۾ ماڻهون ڳڻايو ۔۔۔ سنڌ سنواريو

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو