ساڌو واسواڻي، عظيم شخصيت

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏16 مارچ 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ساڌو واسواڻي، عظيم شخصيت​


    اسلم لغاري
    سنڌ اها مهان ڌرتي آهي جنهن وقت سان گڏوگڏ هر دور ۾ مهان شخصيت کي جنم ڏنو آهي. جن اڳتي هلي پنهنجي ڏاهپ ۽ علم ذريعي قوم جي رهنمائي ڪئي آهي. سنڌ جي مهان شخصيتن سياست، ادب ۽ سماجي خدمتن جي ميدان ۾ اعليٰ مثال قائم ڪيا آهن. ساڌو واسواڻي جو شمار به اهڙن ئي عظيم شخصيتن ۾ ٿئي جن پنهنجي وقم جي وڏي خدمت ڪئي. ساڌوواسواڻي 25 نومبر 1879ع ۾ شري ليلا رام واسواڻي جي گهر حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس سڄو نالو ساڌو ٿانور داس ليلا رام واسواڻي خدا آبادي هو. تنهن ڪري کيس ساڌو ٽي ايل واسواڻي به سڏيو وڃي ٿو. ساڌو واسواڻي هڪ مذهبي گهراڻي ۾ اک کولي هن ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجي وڏن کي پوڄاپاٽ ڪندي ڏٺو. سندس امڙ جو نالو ورن ٻائي هو. هن جا وڏا ڪنهن زماني ۾ خدا آباد مان لڏي حيدرآباد اچي آباد ٿيا. تنهن ڪري هو پنهنجي نالي پويان خدا آباد جو لفظ به لڳائيندو هو. هو ننڍي هوندي کان اڪيلائي پسند ۽ ڏاهو هو. جڏهن کيس اسڪول موڪليو ويو تڏهن هو پڙهائي ۾ ٻين ٻارن کي اڳڀرو رهيو. سندس شمار محنتي شاگردن ۾ ٿيندو هو. استاد به مٿس وڌيڪ ئي ڌيان ڏيندو هئا هن ننڍپڻ حيدرآباد جي گهٽين ۾ عام پاران وانگر گذريو ناهن ڏينهن ۾ سنڌ ممبئي جو حصو هئي هن ايم اي ۽ بي اي جا امتحان بهترين نمبر ۾ پاس ڪيا ۽ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. ساڌو واسواڻي ڪراچي جي ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج جو پرنسپال ۽ ميٽرو پوليٽن ڪاليج جو ڪلڪتي پروفيسر به رهيو. سندس زندگي آخر تائين لکڻ پڙهڻ واري ماحول ۾ رهي ۽ هن جي پڙهائڻ جي شعبي ۾ دلچسپي رهي. هو هڪ بهترين ليکڪ پڻ هو. لاهور جي ديال سنگهه ڪاليج جو پرنسپال به رهيو. هن هميشه زندگي اخلاق سان گذارڻ جو درس ڏنو. سندس هميشه اهو چوڻ هوندو هو ته ماڻهو جو اخلاق قومن جا بنياد جوڙيندو آهي. ساڌو واسواڻي جو مذهبن بابت اونهو مطالعو هو. هن دنيا جي مختلف حصن ۾ ليڪچر ڏنا. تعليمي ميدان ۾ سنڌ ۽ هند جي ماڻهن لاءِ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون. هن سڀ کان پهرين حيدرآباد ۾ ميران ٻائي اسڪول کوليو. 1933ع ۾ ”ميران تحريڪ“ شروع ڪيائين جنهن جو بنيادي مقصد تعليم لاءِ جاکوڙ ڪرڻ هو. ساڌو واسواڻي هڪ سماج سڌارڪ هو. ساڌو واسواڻي مشن جي نالي سان سندس پوئلڳن پاران فلاح ۽ بهبود جو ڪم اڃا تائين جاري آهي. جنهن جو مرڪز ڀارت جو شهر پوني آهي. 1962ع ۾ سينٽ ميران ڪاليج کوليو ويو، پوني ۾ هن وقت به ڪيترائي تعليمي ادارا سندس مشن پاران هلايا وڃن ٿا. جنهن ۾ مختلف اسڪول ۽ ڪاليج شامل آهن۽ حيدرآباد جي ميران اسڪول جي تسلسل ۾ قائم ڪيل ميران يونيورسٽي پڻ سنڌي ٻولي علمن جي لاءِ خدمتون ڏيئي رهي آهي. ساڌو واسواڻي هڪ نرالي شخصيت هو جنهن کي انسانيت سان پيار هو. هن بنا ڪنهن فرق جي پنهنجي سڄي زندگي انسان ذات جي ڀلي لاءِ وقف ڪري ڇڏي. ساڌو واسواڻي شاعري به ڪئي. شاعري ۾ سندس تخلص”نوري“ هو. پاڪ انڊيا جي ورهاڱي واري صورتحال ۽ وقت ۽ حالتن سان گڏوگڏ پيدا ٿيندڙ تبديلين سبب کيس سنڌ ڇڏڻي پئي، پوءِ هو هميشه لاءِ ڀارت منتقل ٿي ويو پر سندس روح جو ڳانڍاپو سنڌ ڌرتي سان ڳنڍيل رهيو. هن جي حياتي جو مقصد ئي ماڻهن جي خدمت ڪرن هو. سندس خيال هو ته دنيا هڪ خاندان وانگر آهي ۽ ان جا سڀ ماڻهو گهرجي ڀاتين وانگر آهن. هن انگريزين ۽ سنڌي ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا، سندس شاعري جو ڪتاب ”نوري نماڻي“ جام مشهور ٿيو جنهن جو انگريزي ۾ به ترجمو ٿي چڪو آهي. هن جا ڪتاب نثر ۾ به آهن ته نظم ۾ به لکيل آهن. زندگي جي آخري سالن ۾ بيمار رهيو ٻڌايو وڃي ٿو ته هو 6 سال بيماري جي بستري رهيو هو هڪ صابرين انسان هو سندس زبان تي آخر تائين شڪر شڪر جا لفظ هوندا هئا. هن عظيم انسان 16 جنوري 1966ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. 25 نومبر 1969ع تي ڀارتي حڪومت پاران تعليمي خدمتن عيوض سندس نالي سان پوسٽ ٽڪلي جاري ڪئي وئي. ساڌوواسواڻي هڪ اهڙي شخصيت هئي جنهن تي سنڌ فخر ڪري ٿي. خدمتن سبب سندس خوشبو ۽ هڳاءُ هميشه قائم رهندو. سنڌ جي نئين نسل کي اهڙين عظيم شخصيتن بابت آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙين مهان شخصيتن جي واٽ تي هلڻ ۾ ئي سنڌي قوم جو ڇوٽڪارو آهي ۽ ان سان ئي نئين سنڌ اڏڻ جو خواب پورو ٿي سگهي ٿو. اسان جو ماضي جهڙو شاندار رهيو آهي حال ان جي ڀيٽ ۾ ڪو سٺو نه آهي رهيو ۽ مستقبل ته هڪ خواب جيان ئي آهي. ساڌو واسواڻي جهڙين شخصيتن پنهنجي خدمتن جي ميدان ۾ اعليٰ مثال قائم ڪيا، اڄ نئين سنڌ لاءِ انهن جي مشن کي جاري رکڻ جي ڪجهه وڌيڪ ئي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. مولانا عبيدالله سنڌي، حسن علي آفندي، علامه دائودپوٽو ۽ ساڌو واسواڻي جهڙين شخصيتن هن قوم جي ڪاميابين جا بنياد رکيا. هن جو دائرو رڳو هڪ قوم تائين محدود نه رهيو پر هن جا پوري انسانيت جي خدمت ڪرڻ ٿي چاهي بنا ڪنهن فرق بنا ڪنهن پبلسٽي جي اهڙن ماڻهن پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري به ڌرتي جو قرض لاٿو. هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ کي ساڌو واسواڻي جهڙين شخصيتن جي ضرورت آهي. جيڪي گُهٽ ٻوسٽ جي ماحول ۾ قوم جي رهنمائي ڪري سگهن بشڪريه عبرت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو