ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن

شاهه جي رسالي جو نالي وارو مرتبي عالم ۔۔۔۔پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي
سنڌ ۾ جتي مسلمان شخصيتن پنهنجو پاڻ ملهايو، اتي هندو شخصيتن به پاڻ ملهايو. خاص ڪري علمي، ادبي ۽ تعليمي ميدان ۾ انهن جا نالا نمايان آهن ۽ عبرت جي پهرين ڪوشش ۽ خدمت آهي جو ان انهن عظيم شخصيتن جو هفتو ملهائڻ جو اعلان ڪيو ۽ ڪيئي اهڙا نالا منظر عام تي آندا جن جي باري ۾ تمام گهٽ ڄاڻ هئي ۽ اسان جي نئين نسل کي به انهن جي باري ۾ ڪافي معلومات ملي رهي آهي. ان بهترين سجاڳيءَ واري عمل تي آئون ۽ سنڌ واسي محترم اسد قاضيءَ جي جذبي کي ساراهيندي انهن کي سلام پيش ڪريون ٿا.۔۔۔۔۔۔ انهن هندو عالم اديبن مان سنڌ جي هڪ مشهور هر دلعزيز شخصيت پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي صاحب جن به هڪ آهن۔۔۔۔۔۔پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي داس پٽ مدراس آڏواڻي سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب ۽ لطيف سائين جو شيدائي 21 نومبر 1932ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو.ڪلياڻ داس ميٽرڪ حيدرآباد مان ۽ ايم اي ڪراچيءَ مان ڪئي ۽ ترقي ڪندي پروفيسر جي عهدي تي رسيو. 1947ع ۾ ڀارت بمبئي وڃي رهيو.ڪلياڻي آڏواڻي سنڌي نثر ۾ ڪجهه ڪتاب به لکيا، انهن جو تعداد گهڻو نه هوندي به تحقيق، معيار ۽ ڄاڻ ۾ هڪ شاهڪار آهن.ڪلياڻ آڏواڻي کي سنڌ جي ٻولي، سنڌي جي ماڻهن، ۽ خاص ڪري سنڌ جي صوفين سان دلي محبت هئي. ڪلياڻ آڏواڻي جو سڀ کان وڏو ادبي ڪارنامو ”شاهه جو رسالو“ ترتيب ڏيڻ آهي. هن ڪيئي سالن جي محنت ۽ تحقيق کان پوءِ 1958ع ۾ بمبئيءَ مان رسالو شايع ڪرايو. هن رسالي ۾ نه رڳو شاهه ڀٽائي جو ڪلام آهي، بلڪه شاهه جي حياتيءَ جو احوال، شعرن ۽ داستان جو خلاصو ۽ مشڪلن ۽ پراڻن لفظن جي سمجهاڻي پڻ شامل آهي هن جي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي هند توڙي سنڌ ۾ وڏي شهرت حاصل ڪئي. سنڌ ۾ 1976ع ۾ پهريون ڀيرو هن رسالي جي ڇپائي ٿي.آڏواڻي ان جي علاوه به ڪيئي ڪتاب، مضمون، مقالا لکيا جن تي کيس مڃتا طور مختلف ادارن پاران سونا ٻلا ۽ ٻيا انعام مليا. 1994ع مارچ جي 27 تاريخ تي ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو روح مالڪِ حقيقيءَ ڏانهن روانو ٿيو.بشڪريه عبرت
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: