دادي ليلان جون خدمتون غلام حسين خاصخيلي سنڌ جي تاريخي شهر حيدرآباد جي ٿڌين هوائن واري علائقي هيرآباد ۾ جنم وٺندڙ دادي ليلان تعليم جي دنيا ۾ تمام وڏي خدمت ڪئي آهي. نياڻين جي اسڪولن کولرائڻ ۽ تعليمي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي. ان جدوجهد تي حيدرآباد سميت پوري دنيا جا ماڻهو کيس سلام پيش ڪري رهيا آهن. اهڙين شخصيتن کي هر ماڻهو سلام ڪندو آهي. دادي ليلان نياڻين جي تعليم لاءِ تمام وڏو ڪم ڪيو آهي پاڻ به اسڪول ۾ نياڻين کي تعليم ڏيندي هئي. اسڪولن ۾ نياڻين جي تعليم سان گڏوگڏ هنر جي سکيا ڏيڻ لاءِ اسڪولن ۾ باقاعدي سان ڪلاس هلايا ويندا هئا. موجوده وقت ۾ به دادي ليلان وانگر تعليم لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. دادي ليلان تعليمي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ سيمينار به ڪرايا، انهن سيمينارن ۾ تعليم جي اهميت بابت والدين کي سمجهايو ويندو هو. تعليم بنا انسان اڻپورو آهي، نياڻين لاءِ تعليم تمام ضروري آهي نياڻين کي پنهنجو گهر وسائڻو هوندو آهي. پڙهيل لکيل ماءُ پنهنجي اولاد جي لاءِ تعليمي شعور کي اڳتي وڌائي ٿي، دادي ليلان جو چوڻ آهي ته علم حاصل ڪرڻ سان انسان وٽ تمام وڏي طاقت تمام وڏو هٿيار آهي. جنهن وٽ علم جو هٿيار موجود آهي. اهو گهر وڌيڪ مضبوط طاقتور آهي. نياڻين کي تعليم ڏياريو. نياڻين کي پڙهائڻ سان معاشري ۾ علم جا ڏيئا وڌيڪ روشن ٿين ٿا، علم جي ڏئي ٻرڻ سان دنيا جي گهرن ۾ وڌيڪ روشني پيدا ٿئي ٿي. اهڙي روشني ۾ طاقت هوندي آهي. علم جي روشني جيتري طاقت ور هوندي، معاشرو اوترو وڌيڪ طاقت ور هوندو آهي. داديي ليلان جي اهڙي جدوجهد کي سلام ڪندي اسان کيس ڀيٽا ڏئي رهيا آهيون. اهڙين شخصيتن جو نالو هميشه روشن هوندو آهي. دادي ليلان هينئر به علم ادب جي لاءِ جدوجهد واسطي هر ماڻهوءَ کي سبق ڏيندي رهندي آهي، دادي ليلان هر ماڻهوءَ کي پنهنجي پهرين جملي ۾ اهو پڇندي آهي ته ڇا توهان پنهنجي نياڻين کي پڙهايو ٿا. هر ماڻهوءَ کي اهو چوي ٿي، بابا پنهنجي نياڻين کي پڙهايو. نياڻين کي پڙهائڻ سندن والدين جي اولين ذميواري آهي. جنهن گهر ۾ نياڻي اڻ پڙهيل آهي. اهو گهر پريشانيءَ واري حالت ۾ هوندو آهي. اهڙي پريشانيءَ کان بچڻ لاءِ نياڻين کي علم ڏياريو. دادي ليلان پنهنجي وقت ۾ اسڪولن ۾ نياڻين کي تعليم ڏيارڻ سان گڏوگڏ هنر جي سيکا به ڏياريندي هئي. نياڻين کي ڀرت ڀرڻ، گهر جو ماحول بهتر رکڻ جهڙن مسئلن تي نياڻين کي سکيا ڏيارڻ لاءِ پريڊ هلايا ويندا هئا. هنر ۽ علم جي لاٽ ٻرندي رهندي هئي. دادي ليلان تعليم جي اهڙي بهتر ماحول سبب سندس جدوجهد کي هند توڙي سنڌ ۾ وڏي مڃتا ڏني پئي وڃي. اهڙين شخصيتن وانگر هر ماڻهو جدوجهد ڪري ته هر گهر تائين تعليم پهچي سگهي ٿي. اهڙي تعليمي جاڳرتا پيدا ڪرڻ واسطي دادي ليلان جي ٻاريل ڏيئن کي وڌيڪ روشن رکڻ لاءِ اسان سڀني کي دادي ليلان جي ساٿ ۾ ساٿ ڏئي سڏ ۾ سڏ ملائي هرهنڌ علم جا ڏيئا روشن ڪرڻ لاءِ جدوجهد جي راهه کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. دادي ليلان جي اهڙي جدوجهد ڪاميابي جي منزل ڏانهن قدم آهي. اسان سڀ قدم کي قدم سان ملائي هلڻ جي ضرورت آهي. دادي ليلان ته اڄ به اهو چوي ٿي ته سنڌ بزرگن اوليائن جي ڌرتي آهي. جنهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست کان وٺي ڪيترائي اهڙا هيرا پيدا ٿيا آهن. جن جدوجهد ڪندي علم جي ڏيئن کي روشن ڪيو آهي. سنڌ ڌرتي علم جي حوالي سان پوري ۾ دنيا ۾ سڃاتي وڃي ٿي. اهڙي سهڻي ثقافت رکڻ واري ڌرتي تي هاڻ اسڪولن جي بند پيل هئڻ جون ڳالهيون ٻڌي اکين ۾ لڙڪ اچي وڃن ٿا. اسان سڀني کي گڏجي علم جي ڏيئن کي روشن ڪرڻو پوندو اهڙي علم جي جاکوڙ لاءِ جدوجهد ڪرڻ واسطي پنهنجي گهر، محلي، علائقي، شهر، يوسي، تعلقي، ضلعي، صوبي ۽ ملڪ ۾ علم جي ڏيئي کي روشن رکڻ واسطي سچائي سان قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. دادي ليلان جي اهڙي تعليمي جدوجهد کي روزاني عبرت طرفان شخصيتن کي ڀيٽا ڏيڻ واسطي ملهايل هفتي جي حوالي سان ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهيون. دادي ليلان مهان شخصيت آهي. کيس سلام پيش ڪريو ٿا ۽ دعا آهي ته سندس جدوجهد تعليم لاءِ اڃان سگهاري بڻجي وڃي. بشڪريه عبرت