• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

علامه آء‌آء ‌قاضي جي رفيقِ حيات مدر ايلسا قاضي

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
علامه آء‌آء ‌قاضي جي رفيقِ حيات مدر ايلسا قاضي​
۔

11r7qde.jpg
۔علم، ادب ۽ تعليم جي لحاظ کان سنڌ ڄڻ هيرن جي کاڻ آهي ۽ اهڙن املهه ماڻڪ موتين سان ڀري پئي آهي. ان جا اڻ کٽ ڪردار اسان وٽ موجود آهن. اهڙن ئي ڪردارن مان عظيم هستي جنهن جي نالي سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليم فئڪلٽي پڻ آهي. جنهن کي مڌر ايلسا پن چيو وڃي ٿو. اها عظيم هستي 3 آڪٽوبر 1884ع ۾ جرمني جي شهر ۾ جنم ورتو، اها مسلم عورت جيڪا ادب جي ميدان ۾ نامور شخصيتن ۾ شامل آهي. جنهن ڀٽائي جي رسالي کي انگريزي ٻولين ۾ ترجمو ڪري دنيا تائين متعارف ڪرايو، سندس ڪهاڻيون، افسانا، آکاڻيون توڙي شاعري ۾ دنيا جي ادب ۽ نصاب ۾ شامل آهن. ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهايو وڃي ٿو. اها هستي نه صرف ليکڪا، شاعره هئي پر هو هڪ بهترين موسيقاره پڻ هئي. سندس لکيل شارٽ اسٽوريز توڙي شاعري ۾ نيم ٽري اعلي مقام والارين ٿا. انهي کانسواءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري جي ترجمي ۾ پڻ سندس ور علامه آءِ آءِ قاضي جي وڏي مدد ڪيائين. مسز ايلسا قاضي ٻاراڻي ادب ۾ ۽ ٻاراڻي آکاڻين ۾ پڻ وڏو نالو آهي. يونيورسٽي واشنگٽن جي لائيبريري ۾ پڻ سندس ڪيل ادبي ڪم جو چڱو ورڪ سهيڙيل آهي. جنهن ۾ Temptations ڊرامو (Sindh Country life in three acts 1942ع ۾ شايع ڪيو ويو. کيس 1920ع برصغير جي نامور ليکڪن ۾ شامل ڪيو ويو، 82 ورهين جي ڄمار ۾ هي عظيم هستي لاڏاڻو ڪري وئي. جنهن کي اسان لفظن سان ڪيتري به ڀيٽا ڏيون ڪيتري به خراج عتقيدت پيش ڪريون اها گهٽ آهي. 18 مئي 1967ع ۾ وفات ڪري وئي.
سندس مڙهه ڄامشوري جي پٿريلي ڌرتي ۾ سندس ور علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار ڀر سان تدفين ٿيل آهي.
علامه صاحب تي تفصيل سان پڙهڻ لاء توهان هي مضمون پڇڙهو۔۔۔۔۔ هڪ عظيم فلسفي هڪ ڏاهو انسان علامه آءِ آءِ قاضي
 
Back
Top