پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا ۾ رهندڙ سنڌي دوستو گُذريل آچر تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊومحمد خان جي دستوري گڏجاڻي ۾ اسان جي دوست اعظم ڀٽي جيڪو پنهنجي سنڌ سلامت جو ميمبر پڻ هي هڪ آزاد نظم يا نثراڻو نظم پڙهيو هو جيڪو مونکي تمام گهڻو وڻيو، کيس کان اجازت وٺي هن نظم جي چترڪاري ڪري توهان سڀني ساٿين جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان، هن نظم جي پڙهڻ کان پو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ماڻهن جا معيار زندگي ائين به بدلي ٿي وڃن ٿا۔۔۔۔۔۔۔ !! توهان جي ڪامينٽس جو شدت سان انتظار رهندو۔
جواب: غيرت (اعظم ڀٽي) تمام سٺو آزاد نظم اعظم ڀٽي جو سائين نثار ناز صاحب تمام بهترين چونڊ ڪئي اٿو مهربانيون سائين
جواب: غيرت (اعظم ڀٽي) ســــــــائيــــن شاعر جيڪا حالت پنهنجي شاعري ۾ ٻڌائي آهي....سمورو سچ ۽ سنڌ جي ڳوٺن جي عڪاسي ڪري رهي آهي...۽ جهالت جو هڪ وڏو مثال آهي....هو غيرت ۾ نه پر جهالت ۾ اچي پنهنجي ماءُ، ڀيڻ، ڀاڄائي ۽ زال کي ٻين جي ٽيڪرن ۾ اچي...ڪهاڙي جا وار ڪندو آهي...الله الائي ڪڏهن اسان جي سنڌين مان اها جهالت ختم ڪندو....
جواب: غيرت (اعظم ڀٽي) ادا سائين ! ڪنھن ھڪڙي ساٿي مونکي ھڪڙو قول ٻڌايو ھو ۽ ان جو مطلب مون کان پڇيو ھئائين ،اھو قول ُھن پشاور جي جيل جي دروازي تي لکيل ڏٺو ھئائين ،خدا ڄاڻي اھو قول اڃا تائين اتي لکيل آھي يا نه، اھو قول ھن طرح آھي ته ” اي انسان ڇا تون ھڪڙي ڏينھن جي غيرت لاءِ سڄي عمر بيغيرت ٿي رھڻ پسند ڪندين ؟ “ ڀٽي صاحب جو اھو نظم بلڪل مٿي ذڪر ڪيل قول جي عڪاسي ڪري ٿو ۔
جواب: غيرت (اعظم ڀٽي) سائين نثار ناز الله اوهان کي شال جڙيو رکي جو اوهان محنت ۽ جفا ڪشي ڪري سهڻن شاعرن توڙي اديبن گوڪارن توڙي اداڪاران يا وري سنڌي جي سهڻي شخصيتن جا خيال کڻي اچي اسان سان رفته رفته ونڊ ڪندا رهندا آهيو ۔ ادي اعظم ڀٽي صاحب جي به هي پياري شآعري ونڊ ڪرڻ جي لاء اوهان جا تمام گهڻآ ٿورا ادي اعظم ڀٽي ۽ ادي اڪرم ڀٽي صاحبن کي اسان جا سلام ضرور پهچائيندا ۽ اهو پيغام به ڏيندا ته سنڌ ۽ سنڌي ماروئڙن کي اوهان شاعرن کي صحافين ۾ گهڻيون اميدون آهين ۔۔۔
جواب: غيرت (اعظم ڀٽي) معاشري جي ڪڙي سچ جي عڪاسي نظر اچي ٿي اعظم ڀٽي جي خيالن ۾۔۔۔ جتي ڪارو ڪاري خلاف آواز اٿندا رهيا آهن اتي اسان جا وزير ۽ سردار ان روايت جي حمايت ڪندا رهيا آهن۔۔۔ سوال اهو آهي ته ”ڪارو ڪاري“ اڄ جي دور جو آزار نه آهي پر اهو صدين کان رائج آهي۔۔۔ ۽ رڳو سنڌ ۾ نه پر هر ان علائقي ۾ به آهي جتي سنڌي آباد نه آهن۔۔۔ پوءِ ڪارو ڪاري جو نالو ڏئي صرف سنڌي ڇو بدنام ڪيا پيا وڃن۔۔۔۔ بهتر رهندو ته ڪارو ڪاري بابت واضح وضاحتون پڻ بيان ڪجن ۽ ان جا ڪارڻ پڻ جانچيا وڃن ته جيئن معاشري کي صاف ڪرڻ سان گڏو گڏ غيرت ۽ عزت به قائم رهي سگهي۔۔۔۔
جواب: غيرت (اعظم ڀٽي) ڪارو ڪاري جهڙي ناسور بابت هي لکيل سچ 100 سيڪڙو سچ آهي، اسان ان کان منهن موڙي نه ٿا سگهون، سنڌ ۾ انتها درجي جي ظلمن مان هڪ اهو ظلم به آهي جيڪو اسان سنڌين جي لاءِ شرم جو باعث آهي، ملڪيت لاءِ، زمين لاءِ يا وري ڪنهن کان بدلو وٺڻ لاءِڪارو ڪاري ڪري مارڻ جا واقعات ايترا ته عام جام ٿي ويا آهن جو اخبارن ۾ ٻئي ڪنهن خبر لاءِجڳهه نه ٿي بچي۔۔۔۔ توهان جي مهرباني جو بهترين ڊزائين سان اعظم ڀٽيءَجو هي سچ اسان سان ونڊڪيو اٿوَ۔۔۔۔
جواب: غيرت (اعظم ڀٽي) تمام بهترين عڪاسي، ونڊڻ لئه ناز صاحب جن جا ٿورا۔ [justify]سائين عبد الرشيد صاحب اوهان ته هڪ بهترين مشن طرف اشارو ڪري ڇڏيو آهي، الله ڪري ڪو مرد مجاهد هن ڪمپيئرنگ طرف قدم وڏائي۔[/justify]