• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڳوله اهڙي راه جنهن سان فاصلن جو انت ٿئي

علي ظفر

نائب منتظم
انتظامي رڪن
هي سٺي شاعري مون کي پسند ائي اوهان سان شيئر ٿو ڪيان خبر ناهي ڪنهن جي آهي پر آهي دل کي ڇهندڙ

اي پرين ڪنهن جاءِ تي شال خواهِشن جو انت ٿئي
زندگيءَ جوانت ٿئي يا بي وسيءَ جو انت ٿئي
تون ملين يا چاهنا تهنجي وڃي دل مان هلي
پلصراطن تي ملڻ جي سلسلن جو انت ٿئي

چپ ڪبيري ڏوه وانگر ٿي وڃي ان کان اڳي
ٻول ڪجه شمشان جهڙي خاموشين جو انت ٿئي
رنجشن جا بند سارا ميڻ جيان پگهري وڃن
ڳولهه اهڙي راه جنهن سان فاصلن جو انت ٿئي
__________________
 
جواب: ڳوله اهڙي راه جنهن سان فاصلن جو انت ٿئي

رنجشن جا بند سارا ميڻ جيان پگهري وڃن
ڳولهه اهڙي راه جنهن سان فاصلن جو انت ٿئي

واهه سائين واهه
 
جواب: ڳوله اهڙي راه جنهن سان فاصلن جو انت ٿئي

اي پرين ڪنهن جاءِ تي شال خواهِشن جو انت ٿئي
زندگيءَ جوانت ٿئي يا بي وسيءَ جو انت ٿئي

تمام خوبصورت الفاظ ڪيڏي پختگي آ الفاظن ۾ ڪيڏي روانگي آ الفاظن ۾
بهترين ونڊ ڪرڻ جي مهرباني ادا علي
 
جواب: ڳوله اهڙي راه جنهن سان فاصلن جو انت ٿئي

سائين اھڙا ماڻڪ موتي ڳولھي آڻڻ لاءِ لک مبارکان !
باقي شاعر ويچارو ته زندگيءَ کان ، بيزار لڳو ويٺو آھي ، شڪر جو ڪراجيءَ جو رھاڪو نه آھي نه نيٽي جيٽي پل تان ٽپي ڏيڻ ۾ ديرئي نه ڪري ھا ،
 
جواب: ڳوله اهڙي راه جنهن سان فاصلن جو انت ٿئي

هي سٺي شاعري مون کي پسند ائي اوهان سان شيئر ٿو ڪيان خبر ناهي ڪنهن جي آهي پر آهي دل کي ڇهندڙ

اي پرين ڪنهن جاءِ تي شال خواهِشن جو انت ٿئي
زندگيءَ جوانت ٿئي يا بي وسيءَ جو انت ٿئي
تون ملين يا چاهنا تهنجي وڃي دل مان هلي
پلصراطن تي ملڻ جي سلسلن جو انت ٿئي

چپ ڪبيري ڏوه وانگر ٿي وڃي ان کان اڳي
ٻول ڪجه شمشان جهڙي خاموشين جو انت ٿئي
رنجشن جا بند سارا ميڻ جيان پگهري وڃن
ڳولهه اهڙي راه جنهن سان فاصلن جو انت ٿئي
__________________

واه ادا واه علي صاحب شاعري ڪنهن جي به آهي پر آهي لاجواب
 
جواب: ڳوله اهڙي راه جنهن سان فاصلن جو انت ٿئي

مطلب ته جهونو شاعري ۾ ۾ ٻڏل پيو لڳي

الله خير ڪري ۔۔۔۔۔۔ علي علي کي پهريان شاعريء جو ڀوت ڪڏهن به سوار ڪونه ٿيو هو پر هاڻي نظم ۽ نثر ٻنهي ۾ عاشقانه اثر پيو نظر اچي۔ ۔۔۔۔۔ هن دل لڳي جو ڳالهيون دل ۾ هزار آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪهڙيون ڀلا ڪيان مان هت بيشمار آهن۔

واه علي واه ۔۔۔۔۔۔۔ شاعريء چونڊ سو بهترين کڻي آيو آهين
 
Back
Top