ادا ان ڪري چوندا آهين ته انسان کي اکين سان گڏ اندر جي روشني به هجڻ لازمي آهي جيڪا نيڪي جي ڪم لاء انسان کي اڀاري ۔۔ سو اهڙا کوڙ سارا مثال اسان جي عام زندگي ۾ اسان کي ملندا آهين انسان اکيون ته رکندا آهين پر ديد نه هوندي اٿن جنهن سان هو پهنجي رب جي رضا کي ڏسي سگهن ۔
۔ مهرباني ادا وساڻ۔۔۔
پر يار هڪ ڳاله ته اهو نابينا به ڪلفٽن سمنڊ جو نظارو ڪرڻ ويو هو پر يار اوهان ته اسان کي ڪڏنهن ڪونه وٺي ويا آهيو مطلب جهونن جو ڪو به ويليو ناهي ۔۔
ادا دل کي ڇهويندڙ ۽ اکين وارن ماڻهن جي به حسي ته دل کي غمگين ڪرڻ واري ويڊيو کي شيئر ڪري اسان جي خيالن ۾ هلچل مچائي ڇڏي آهي ۽ اسان اهو سوچڻ تي مجبور ٿي پيا آهيون ته اسان اهڙين پستين ۾ ڪرندا پيا وڃون جو هڪ نابين کي معذور ماڻهو رستو پيو پار ڪرائي ۽ اکين ۽ تندرست جسم وارا ان کي تماشي وانگر پيا ڏسن۔لمحه فڪر آهي۔توهان کي ڏاڍيون شاباشون آهن جو هن قسم جي موضوعن تي ميمبرن جو ڌيان ڇڪرائي انهن کي اصلاح ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو ٿا۔سائين توهان جون ڏاڍيون مهربانيون۔