• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ريمنڊ ڊيوس آزاد ۽ 20 ڪروڙ جو خون بها ادا ڪيو ويو

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
ريمنڊ ڊيوس آزاد ۽ 20 ڪروڙ جو خون بها ادا ڪيو ويو​
۔
iggab8.jpg
۔لاهور ۾ ٽي پاڪستانين جي قتل جي جرم ۾ لکپت جيل ۾ قيد آمريڪي ريمنڊ ڊيوس کي 20 ڪروڙ رپيا وارثن کي خون بها ڏيڻ جي عيوض آزاد ڪيو ويو آهي۔ ، سنڌ سلامت جا ساٿيو توهان انهيء فيصلي تي پنهنجا خيالات ظاهر ڪندا ته اهيو فيصلو ڪيتري حد تائين صحيح آهي۔۔۔۔، ۽ انهيء کي ڇا ؟ انصاف جو نالو ڏيون يا نه ڏيون۔ ريمنڊ ڊيوس جي تفصيلي احوال وٺڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو۔۔
http://www.youtube.com/watch?v=yXdVh7sGrl4&feature=feedu
http://www.youtube.com/watch?v=ZEdohbJapDM&feature=feedu
http://www.youtube.com/watch?v=XKyxnGKNUGU&feature=feedu
 
جواب: ريمنڊ ڊيوس آزاد ۽ 20 ڪروڙ جو خون بها ادا ڪيو ويو

ان معاملي ۾ اسان جو ڪجهه چوڻ ڪهڙو اثر ٿو رکي۔۔؟؟؟ اها به خبر نه آهي ته خون بها وارثن ورتي به آهي يا انهن کان زوري ڪاغذن تي صحيحيون ڪرايون ويون آهن،
پر جيڪڏهن انهن پاڻ صحيح ڪئي آهي ته اسان کي سندن باري ۾ ڪجهه چوڻ نه ٿو جڳائي ڇو ته ايتري عرصي ۾ ڪنهن به سندن پشت پناهي نه ڪئي ۽ سندن گهر جو حال احوال معلوم نه ڪيو۔۔ انهن ٻنهي ماڻهن تي پنهنجي پنهنجي گهر جو دارومدار هو، انهن جا پونئير انهن جي وڃڻ کان پوءِ وڏي ڪسم پرسي جي حالت ۾ هئا۔۔ اهڙي طرح جيڪڏهن انهن پئسا ورتا آهن ته ڪو غلط قدم (گهٽ ۾ گهٽ منهنجي نظر ۾) ته نه کنيو اٿن۔۔ اسلام ۾ اها ڳالهه موجود آهي۔ انهن وارثن کي خبر هئي ته ان قاتل کي حڪومت ڇڏائڻ چاهي ٿي، ڪنهن به صورت ۾ ڇڏائيندي، ڀلي پوءِ‌ خون بها ملي نه ملي۔۔۔
اونئين به پاڪستاني عوام تي ان شئي جو ڪو خاص اثر پوڻ‌وارو ناهي، هر ڪو ٻه ٽي ڏينهن ان موضوع تي ڳالهائي وري پنهنجي ڪم کي لڳي ويندو۔۔۔
 
جواب: ريمنڊ ڊيوس آزاد ۽ 20 ڪروڙ جو خون بها ادا ڪيو ويو

اسان جو ان معاملي سان

ڇو ته ڇا ڪنهن کي اها خبر آهي ته مرڻ وارا ڪير هئا؟ ذريعا بڌائن ٿا ته اهي به آئي ايس آء جا ايجنٽ هئا۔ هاڻي هڪڙا سي آء اي جا ايجنٽ ٻيا آئي ايس آء جا ايجنٽ ۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان ڪاڏي وڃون

ٻيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف جو دعوائون ڪاڏي ويون ۽ مخدوم شاه محمود قصوري هاڻي ڪٿي وڃي بيٺو۔۔۔۔۔۔۔۔ سندس ڪيل جذباتي تقريرون ۽ ڪيل جذباتي عملن جو کيس ڇا مليو۔۔۔۔۔۔۔۔۔

يار هن شريف فيملي تي ڪنهن کي به ڪو ڀروسو نه ڪرڻ کپي۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: ريمنڊ ڊيوس آزاد ۽ 20 ڪروڙ جو خون بها ادا ڪيو ويو

يار مست توکي جڏهن انهي ڳالهه جي خبر آهي ته ائين ٿيڻو ئي هو پو هروڀرون ڇو پيو ککر ۾ کڙا هڻين، صاحب بهادر جو ماڻهو هو مجال آ، جو ڪير سينو ساهي، جن جن سينو ساهيو ته اهي ويٺا به ٻاهر اٿئي ۔ تون اڳ ۾ ئي ٻاهر آهين، جيڪي اندر ويٺا آهن يار انهن جو خيال ڪر، وڃين سکيو ٿيو، مال پاڻي انهن کي به مليو جن جا همراهه مُئا هئا، ساري عمر ڪمائن ها ته به ايتري رقم ڪونه ملين ها۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي عدالتون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهي به صاحب بهادر اڳيان ڳالهائين ته خبر پوين۔
 
جواب: ريمنڊ ڊيوس آزاد ۽ 20 ڪروڙ جو خون بها ادا ڪيو ويو

اسان جو ان معاملي سان

ڇو ته ڇا ڪنهن کي اها خبر آهي ته مرڻ وارا ڪير هئا؟ ذريعا بڌائن ٿا ته اهي به آئي ايس آء جا ايجنٽ هئا۔ هاڻي هڪڙا سي آء اي جا ايجنٽ ٻيا آئي ايس آء جا ايجنٽ ۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان ڪاڏي وڃون

ٻيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف جو دعوائون ڪاڏي ويون ۽ مخدوم شاه محمود قصوري هاڻي ڪٿي وڃي بيٺو۔۔۔۔۔۔۔۔ سندس ڪيل جذباتي تقريرون ۽ ڪيل جذباتي عملن جو کيس ڇا مليو۔۔۔۔۔۔۔۔۔

يار هن شريف فيملي تي ڪنهن کي به ڪو ڀروسو نه ڪرڻ کپي۔۔۔۔۔۔۔



بلڪ سائين سليمان صاحب توهان سو فيصد سهي آهيو

مان ته گهٽ ۾ گهٽ اوهان سان متفق آهيان

سدائين گڏ
 
جواب: ريمنڊ ڊيوس آزاد ۽ 20 ڪروڙ جو خون بها ادا ڪيو ويو

فهيم ۽ فيضان جي 4 وارثن کي آمريڪي شهريت ۽ 15 کي نار ۾ رهائش ملندي

لاهور(بيورو رپورٽ) ريمنڊ ڊيوس هٿان قتل ٿيل ٻن نوجوانن جي خاندانن کي لاهور مان اسلام آباد منتقل ڪيو ويو آهي جتان کين نار جي هڪ ملڪ اماڻيو ويندو جتي انهن جي مستقل رهائش جو بندوبست ڪيو ويندو، ذريعن دعوى ڪئي آهي ته مقتول نوجوانن جي خاندانن جي 19 ڀاتين کي لاهور مان اسلام آباد منتقل ڪيو ويو آهي، جتان کان انهن کي جلد نار جي هڪ ملڪ منتقل ڪيو ويندو، ذريعن موجب ٻنهي خاندانن کي 10 ، 10 ڪروڙ رپيا ديت ڏيڻ کانسواءِ انهن کي نار جي هڪ ملڪ ۾ رهائش ۽ ڪاروبار ڪري ڏيڻ کانسواءِ ٻنهي خاندانن جي ٻن ٻن ڀاتين کي آمريڪي شهريت پڻ ڏني وئي آهي

فهيم جي وارثن کي 12 ڪروڙ ۽ فيضان جي وارثن کي 8 ڪروڙ ڏنا ويا

لاهور(بيورو رپورٽ) ريمنڊ ڊيوس ڪيس ۾ خون بها طور ادا ڪيل رقم جا دستاويز منظر عام تي اچي ويا آھن، جنهن تحت فهيم جي وارثن کي 12 ڪروڙ رپيا ۽ فيضان جي وارثن کي 8 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا، دستاويز موجب خون بها ۾ فيضان جي امڙ کي 3ڪروڙ 33 لک ۽ فيضان جي گهرواري کي اڍائي ڪروڙ رپيا ڏنا ويا آهن، ڪاوش پاران حاصل ڪيل دستاويز موجب ڊيوس هٿان قتل فيضان جي ڪٽنب کي خون بها طور ڪل 8 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا آهن، فيضان جي امڙ پروين اختر کي 3 ڪروڙ 33 لک 33 هزار 3 سئو 33 رپيا، فيضان جي گهرواري زهره کي 2 ڪروڙ 50 لک، فيضان جي ڀائرن کي 75 لک 75 هزار، فيضان جي پنجن ڀيڻن مان هر هڪ کي 37 لک 87 هزار رپيا ڏنا ويا آهن، ان کانسواءِ ڊيوس هٿان قتل ٿيل فهيم جي والد کي ھڪ ڪروڙ 11 لک، 11 ھزار ھڪ سئو 11 رپيا ڏنا ويا آھن، فهيم جي والده کي 3 ڪروڙ 33 لک، 33 ھزار 333 رپيا، فهيم جي هر هڪ ڀاءُ کي ھڪ ڪروڙ 11 لک، 11 ھزار 111 رپيا، فهيم جي ٻن ڀيڻن مان هر هڪ کي 55 لک 55 ھزار 556 رپيا ڏنا ويا آھن، دستاويزن ۾ فهيم ۽ فيضان جي وارثن ڄاڻايو آھي ته انهن اهو فيصلو پنهنجي مرضي موجب ڪيو آھي، انهن تي ڪو به دٻاءُ ناهي ۽ نه ئي ڪا لالچ آھي، هوڏانهن ھڪ آمريڪي اخبار جو چوڻ آھي ته خون بها طور ادا ڪيل رقم پاڪستان جي حڪومت ادا ڪئي آھي، جيڪا ڪجهه وقت کانپوءِ آمريڪا پاڪستان کي ادا ڪندو.

ڊيوس جي آزادي ۾ سعودي عرب ڪردار ادا ڪيو،وارثن سعودي ۾ خون بها وٺي جوابدار کي معاف ڪيو : نواز ليگ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي ترجمان صديق الفاروق انڪشاف ڪيو آهي ته ريمنڊ ڊيوس جي آزادي ۾ سعودي عرب ڪردار ادا ڪيو آهي. بي بي سي سان ڳالهائيندي صديق الفاروق چيو ته مقتولن جي وارثن کي عمرو ڪرايو ويو ۽ سعودي عرب ۾ انهن خون بها وٺي ريمنڊ ڊيوس کي معاف ڪري ڇڏيو، هن چيو ته اها مون کي ڄاڻ ناهي ته ڪيتري رقم ورتي وئي آهي هن چيو ته آمريڪا جي سعودي عرب سان دوستي آهي ۽ ان ڪردار ادا ڪيو آهي، جڏهن ته مقتولن جي وارثن رقم وٺي ريمنڊ ڊيوس کي معاف ڪري ڇڏيو ته ان بعد پنجاب حڪومت ريمنڊ ڊيوس کي وڌيڪ قيد نه پئي رکي سگهي، پنجاب حڪومت بابت شڪ صحيح ناهي. هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته ريمنڊ ڊيوس جي آزادي ۾ پنجاب حڪومت جو ڪو به ڪردار ناهي، آئون ملڪ مان فرار ٿي ويو آهيان، اهو چوڻ زيادتي آهي هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته اسان واقعي بعد ريمنڊ ڊيوس کي گرفتار ڪيو ۽ کيس قبضي ۾ رکيو، ڊيوس جي آزادي بابت پنجاب حڪومت تي الزام هڻڻ زيادتي آهي، اسان پاڪستان جي وقار جي ڳالهه ڪئي هئي، هن چيو ته اسان جي فيضان ۽ فهيم جي وارثن سان ڪا به ڳالهه نه ٿي آهي، شهباز شريف چيو ته پنجاب حڪومت ريمنڊ ڊيوس جو چالان عدالت ۾ پيش ڪيو هو.
 
جواب: ريمنڊ ڊيوس آزاد ۽ 20 ڪروڙ جو خون بها ادا ڪيو ويو

ادا الله معاف ڪري۔۔۔۔ باقي هنن جو معامرو به هاٿي جيئري ۽ مرڻ واري قصي کان گهٽ ڪونهي۔ هنن جي وارثن کي به خبر هئي ته اگر اسان اهيو ڪم نه ڪيو ۽ راضي نامون لکي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته هي همراهه ته ڇٽي ويندو ۽ ان جا ٻيا ڪيترائي نمونه ڪڍيه ويندا، مگر اسان کي ڪجهه به نه ملندو جنهن جا اسان جي ملڪ ۾ ڪيترائي مثال آهن۔ ادا هميشه وانگر امير ماڻهون لاء بچاءُ جا ڪيترائي طريقا دنيا ۾ موجود آهن ۽ هر ڪو ڏاڍي جو ساٿي آهي، جنهن جو مثال توهان سامهون آهي، ته ان پوري قصي ۾ سعودي عرب وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، صرف ان لاء ته آمريڪا کي پاڻ وڻايون۔۔ جنهن ۾ نواز شريف جو به اندروني وڏو ڪردار ادا ڪيل آهي اهو به صرف آمريڪا کي خوش ڪرڻ ۽ پاڻ وڻائڻ لاء۔۔ ، ممڪن آهي ته ديت وارو مشورو به انهيء ڏنو هجي۔ باقي حقيقت جي ته خبر هڪ انهن ماڻهن کي جن انهيء ڪم کي ٺاهڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ ٻيو منهنجي رب کي جنهن کان دنيا جو ڪو به ڳجهه لڪل ڪونهي۔
ريمنڊ ڊيوس جي پوليس ٿاڻي تي تفتيش​
http://www.youtube.com/watch?v=NiNkKb9Sxj4
http://www.youtube.com/watch?v=o10sPS6QPXk
ريمنڊ ڊيوس جي آزادي ۽ ڪجهه حقيقتون في الوقت​
http://www.youtube.com/watch?v=QpgGRQo_rTI
http://www.youtube.com/watch?v=GZDRblWz0XE
 
Back
Top