غلام مصطفي ميمڻ
سينيئر رڪن
محترم ۽ مانوارا ميمبرس
--------------------------------------------------------------------------------يا
توهان جهڙن بهترين ليکڪ جيڪي معلومات جي دنيا ۾ تمام گهرا غوط لڳائي تمام ناياب گوهر ميڙي آچي هن محبتي ايوان جي آڳڻ تي آجاگر ڪندا آهيو انهن کي پڙهي ۽ ان مان رهنمائي حاصل ڪري ڪجه ٽٽل ڦٽل الفاظن ۾ ڪو مضمون ۽ دل جي ڪفيت بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون۔نه اسان اديب آهيون نه شاعر پر هن دنيا جي ٻين عام ماڻهون وانگر پنهنجي خول ۾ زندگي گذارڻ وارا انسان آهيون۔توهان جهڙي پارس ( پٿر جيڪو لوه کي ٽچ ٿيڻ سان سون ۾ بدلي ڇڏيندو آهي)۽ ٻين قابل عزت ميمبرن جون تحريريون ۽ ڪمنٽس پڙهي ڪجهه لکڻ جي قابل ٿيا آهيون۔ادا سائين نون ميمبرن جي سٺن ڪمنٽس سان رهنمائي ڪرڻ تي اهي نوان ميمبر وڌيڪ بهتر لکڻ لاء جاکوڙ ڪندا پر جيڪڏهن توهان انهن جي تحريرن ۾ ،يا شاعري مان پيا هرڀرو غلطيون ڪڍندو "جيڪي اڄڪله ڪجه معزز ميمبر ڪري رهيا آهن جيڪڏهن تو هان انهن جا ڪمنٽس غور سان پڙهندا۔ ته اهو محسوس ڪندا ته جيڪڏهن ڪنهن ميمبر اردو شاعري سنڌي ۾ ترجمو ڪندي بهر۔ڪافيا۔وزن،رديف جو خيال نه رکيو ته ان تي سڌي تنقيد پئي ڪئي ويندي آهي جنهن سان هن نوان ليکڪ جا حوصلا پست ٿي ويندا آهن ۽ هو وري لکڻ جو سوچيندو ئي نه. سڌي تنقيد ڪرڻ جي بجاء ڇا آهو بهتر نه آهي ته اهي سموريون غلطيون صحيحي ڪري هن ميمبر جي رهنمائي ڪري هن جي همٿ آفزائي ڪئي وڃي۔تنقيد ڪرڻ ڏاڍو سولو آهي جڏهن ته تخليق ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي۔هن فورم تي سڀ ميمبر پنهنجي ڏيئن جو تيل ساڙي آڌي رات تائين ڪاوشون ڪري مضمون لکن ٿا(سائين اهو انگريزي جو مثال آهي متان وري ڪو مهربان آهو فرمائي ته هن زماني ۾ ڏيئي جي روشني ۾ ڪير پڙهندو آهي ڇاڪاڻ ته لائيٽ جو زمانو آهي۔)فن خطابت جي شوق ۾ جڏهن نوان مولوي صاحب پنهنجون حدون اورنگهيندو آهي ته ماڻهو دين جي طرف رجوع ٿيڻ جي بدران دين کان پر تي ٿيندا ويندا آهن۔ --------------------------------------------------------------------------------يا