حقيقت هن حال جي۔۔۔ جي ظاهر ڪيان ذري۔۔

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2011۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    [justify]
    السلام عليڪم دوستو!
    وڏي اڻ تڻ ۾ آهيان ته ڪيئن لکان، ڇا لفظ استعمال ڪيان، جنهن ڪيفيت جو اڄ مان مشاهدو ڪيو آهي، هن حال کي ڏسڻ کان بعد مان سوچيان پيو ته ڪهڙي منهن سان اسان آزاد سنڌو ديش جي گُهر ڪيون پيا؟؟ جڏهن اسان پاڻ ۾ نه پيا ٺهون، هڪ ٻئي سان وڙهڻ لاءِ هڪ ٻئي جو خون ڪرڻ‌لاءِ حيوانن وانگر اکين ۾ رت کنيو، واٽ جهليو بيٺا آهيون ته متان هن واٽ تي اهو ملي وڃي جنهن کي مارڻ سان اسان جو پلاند پورو ٿي پوندو
    سنڌ جي مادرِ علمين ۾ تعليم ۽ تعليم دوستن سان جيڪا حالت آهي اها ڪنهن کان ڳجهي نه آهي، گذشته ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي مادرِ علمين مان شاگردن جي مائٽن کي سندن پٽن جي ڊگرين ملڻ بجاءِ سندن لاشون ملڻ‌جو جيڪو سلسلو شروع ٿي پيو آهي، ان جي رڪجڻ جي دعا ته هر مائٽ، هر علم دوست ماڻهو ڪندو هوندو۔۔ پر مان جيڪا اڄ حالت ڏٺي آهي ان سان پڪ ٿي وئي ته شايد اهو سلسلو وڌندو باقي رڪجندو ڪونه۔۔ ڪڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ مان عاشق جوڻيجو، عبدالغني بروهي، بابر سنديلو جا لاش ملن ٿا ته ڪڏهن وري مهراڻ يونيورسٽيءَ‌ مان اسد عباسيءَ‌ جي ناءُ سان سنڌ جي ڪونڌرن جو سلسلو جاري لڳو پيو آهي۔۔ شاگرد سياست هاڻي اها پاڪ سياست نه رهي آهي جنهن مان انقلاب جي اميد رکي سگهجي۔۔ شاگرد سياست ۾ به رت جي راند کي شامل ڪيو پيو وڃي۔۔ هتي ڪامريڊ (لغت ۾ مطلب ته دوست) اهو آهي جيڪو گيئرن واري سلوار ڪميز پائي ، ور ۾ پسٽل هڻي گهمي، شهپر وڏا هجنس، ڇوڪرين تي (يعني سنڌي نياڻين ڀينرن تي) نظر هجيس، ٽيچرن جو ادب نه هجيس، ٽولا اوباش ڇوڪرن جا ساڻس گڏ هجن۔۔۔ٻين شاگردن کي پنهنجو غلام سمجهي، جيئن هُو چاهي، اونئن ئي ٻيا شاگرد ڪن۔۔۔ اهو آهي اڄ ڪلهه جي ڪامريڊ جو نقشو جيڪو سنڌ جي مادر علمين ۾ هلي پيو۔۔ ڇا اهي آهن اسان جي سنڌ امڙ جي حقن جي يا آزاديءَ‌جي جنگ وڙهندڙ۔؟؟ منهنجو اهو سڀنيءَ کان سوال آهي۔۔

    بهر حال اچجي انهيءَ‌قصي تي اڄ مون سنڌ يونيورسٽيءَ‌ ۾ ڇا ڏٺو۔۔۔ معمول مطابق پنهنجي ڊپارٽمنٽ آءِ آءِ سي ٽي يعني سنڌ يونيورسٽيءَ پهتاسين ته ڊپارٽمنٽ‌جي اندر اکين اڳيان هڪ ڇوڪرو، ست کان اٺ ڪامريڊن جي هٿان ليٿڙجندي ڏٺوسين۔۔۔ لٺيون، ڏنڊا، ڪمند جون ڇڙيون اهي سڀ ايئن استعمال ٿي رهيا هئا جيئن ڪو خرمغز ٻڪرار ڪنهن بدمست جانور کي سڌاريندو هجي۔۔ مون وانگيان ڪنهن چرئي استاد وچ ۾ پئي ڇڏائڻ‌جي ڪوشش ڪئي ته ان کي اها ڌمڪي ملي ته ڪير به وچ ۾ نه اچي ڀلي اهو استاد ئي ڇو نه هجي۔۔۔ ڪهڙي به نموني سان ان شاگرد کي ڇڏائي ڊائريڪٽر جي آفيس ۾ آندوسين، ان کان بعد ۾ پوليس ۽ يونيورسٽيءَ‌جي سيڪيورٽيءَ کي گهرائي ان رت ۾ وهنتل شاگرد کي اسپتال موڪليوسين۔۔۔ تعليمي سرگرمي ته صفا ٺپ ٿي وئي، خوف و هراس جي ڪري هڪ به ڪلاس نه هلي سگهيو، ان انسٽيٽيوٽ‌جا شاگرد پنهنجي گهرن ڏانهن هليا ويا۔۔ ڊپارٽمنٽ‌کي تالو هڻائي ٻاهران پوليس بيهاري اسان ڊپارٽمنٽ‌اندر پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ مصروف ٿي وياسين۔۔۔۔۔ پر اڃان ڪجهه ڊرامو باقي هو۔۔ تقريباَ ڏيڍ بجي وري گوڙ ٿي ويو، مان جنهن آفيس ۾ موجود هئس اها مين دروازي جي بلڪل لڳو لڳ هئي۔ دريءَ‌منجهان منظر ڏٺم ته 20 کان مٿي شاگرد ڀڄندا پئي آيا۔۔ نعرن سان گڏ گولين جي وٺ وٺان ٿي وئي۔۔ گولين جي برسات سان ايئن محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ اسين ڪنهن قبيلائي جهڳڙي واري علائقي ۾ موجود هجون۔۔ ڊپارٽمنٽ‌جي در کي لڳل تالو گوليءَ‌سان ٽوڙيو ويو، مين دروازي جا شيشا ڀڳا ويا۔۔ پوءِ‌ اهو بدمست لشڪر اندر داخل ٿيو ۽ سڀني هڪلن سان پئي اهو چيو ته ”ڪاڏي ويو؟ ٻاهر ڪڍوس۔۔ نه ڇڏينداسين“ مون غور سان ڏٺو ته 12 کان مٿي شاگردن جي هٿن ۾ پسٽل هئا ۽ باقين جي هٿن ۾ ڏنڊا۔۔۔ پوءِ‌ اهي ٻن ٽولين جي صورتن ۾ ورهائيجي پوري ڊپارٽمنٽ جو چڪر ڏئي آيا۔۔ ڪنهن ٽيچر جي آفيس کي به نه بخشيو ويو۔ درن کي لتون هڻي ٽيچرن کي هراسان ڪيو ويو۔۔ جڏهن هڪ ٽيچر اهو چئي کين روڪڻ‌جي ڪوششش ڪئي ته هي ته ٽيچرن جي آفيس آهي هتي ڇو پيا ڳوليو۔۔ ته بي ادبي مان ٽيچرن جي اکين ۾ اکيون وجهي اهو چيو ويو ته ٽيچر وري ڪهڙا آسمان مان لهي آيا آهن، ڳوليو اتي به۔۔ اهڙي طرح بند ٿيل آفيسن جي درن کي لتون هڻي ٽوڙيو ويو۔۔ ان کان بعد جڏهن ڪجهه به نه مليو ته اهو ساڳيو بدمست لشڪر جمع ٿي ”آيا آيا ۔۔ ديشي آيا۔۔ ۔ ڪير ٽوڙيندو پاڪستان۔۔۔ ب__ر خان ب__ر خان۔۔“ اهي نعرا هڻي اهي ڊپارٽمنٽ منجهان نڪرندا ويا پر منهنجي ذهن ۾ اڃان تائين سندن گولين جي آوازن منجهان اهو سوال اڀري پيو ته ڇا اسان سنڌ امڙ‌جي حقن جي جدوجهد لاءِ اهڙن نوجوانن ۽ پارٽين تي ڀاڙينداسين“؟؟؟
    خبر اها پئي ته مهينو اڳ ماريل ”بابر سنديلو“ جي پارٽيءَ‌ جا ڇوڪرا هئا ۽ جنهن پارٽيءَ تي سندس قتل جو الزام هو، ان پارٽيءَ جي ڇوڪرن جي تاڙ ۾ آهن ته هو اچن ته اسان سندن کان ”خون جو پلاند خون“ وٺون۔۔۔
    صبح جون جنهن ڇوڪري کي رتورت ڪري مرڻينگ ڪيو ويو، اهو به ان ئي مخالف پارٽيءَ‌ جو هو! سندس بچڻ جي خبر ٻڌي اهو بدمست لشڪر ”آيا آيا ديشي آيا“ چئي فائرنگ ڪندا ساڳئي انسٽيٽيوٽ ۾ ان ڇوڪري کي ڳولڻ آيا هئا۔۔۔۔۔ ان واقعي کان بعد ٽيچرن ۾ غير محفوظ هجڻ جو تصور وڌي ويو آهي۔۔ حڪومت کي گذارش آهي ته اهڙن واقعن جو نوٽيس وٺي۔۔


    [/justify]
     
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: حقيقت هن حال جي۔۔۔ جي ظاهر ڪيان ذري۔۔

    nhهتي ڪامريڊ (لغت ۾ مطلب ته دوست) اهو آهي جيڪو گيئرن واري سلوار ڪميز پائي ، ور ۾ پسٽل هڻي گهمي، شهپر وڏا هجنس، ڇوڪرين تي (يعني سنڌي نياڻين ڀينرن تي) نظر هجيس، ٽيچرن جو ادب نه هجيس، ٽولا اوباش ڇوڪرن جا ساڻس گڏ هجن۔۔۔ٻين شاگردن کي پنهنجو غلام سمجهي، جيئن هُو چاهي، اونئن ئي ٻيا شاگرد ڪن۔۔۔ اهو آهي اڄ ڪلهه جي ڪامريڊ جو نقشو جيڪو سنڌ جي مادر علمين ۾ هلي پيو۔۔ ڇا اهي آهن اسان جي سنڌ امڙ جي حقن جي يا آزاديءَ‌جي جنگ وڙهندڙ۔؟؟ منهنجو اهو سڀنيءَ کان سوال آهي۔۔

    ادا سائين توهان جنهن وحشياڻي منظر جو ذڪر ڪيو آهي ،اهئي وجه آهي ته اسان سنڌي تعليم ۾ ڪا خاطر خواه ترقي نه ڪري سگهيا آهيون۔توهان جي هن ليک کي پڙهڻ کان پوء هر باشعور ماڻهو جي دماغ ۾ اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته تعليم ادرا جيڪي شاگرد ۾ شعور پيدا ڪندا آهن هاڻي محفوظ نه رهيا آهن ۽ گندي سياست جي ور چڙهي ويا آهن۔استاد جنهن جي تعظيم هر انسان تي فرض آهي انهن جي عزت نه ٿي ڪئي وڃي۔اهو ڪامريڊ جيڪڏهن ملڪ آزاد ڪرائيند ته وڳوان ونگر ان کي کائي ويندا۔هو ملڪ جي ترقي ۾ ڪهڙي قسم جو ڪردار ادا ڪندا۔توهان جو ليک پڙهي اکين سان گڏ دل به روئي پئي۔۽ اسان کي پنهنجي قوم جي سپوتن جي انهيئي وحشياني عمل تي ڏاڍو شرم ٿو آچي۔انهن حالتن ۾ اسان ڪيئن پنهنجي وطن جي حفاظت ڪري سگهنداسين۔توهان پاڻ سمجهي سگهو ٿا۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: حقيقت هن حال جي۔۔۔ جي ظاهر ڪيان ذري۔۔

    [justify]سائين اڃان ته گهڻيون ڳالهيون مان لکيون ناهن۔۔ ڳالهه بلڪل وڌي وئي آهي، جيستائين هي گند صاف نه ٿيندو اسان سنڌو ديش جي حقن جون ڳالهيون ڪيئن ٿا ڪري سگهون۔۔ جڏهن انقلاب جي اميد وارا هٿ ئي بيگناهن جي رت سان ڳاڙها هوندا ته ڪهڙو انقلاب ايندو؟؟؟
    خدارا اسان جي تعليمي ادارن کي ان گندگيءَ‌کان بچايو وڃي۔۔ روز روز جي بائيڪاٽ‌ڪلچر اسان جي تعليم تباهه ڪري ڏني آهي، عام شاگرد ۽ ٽيچر گهٽ ۽ ٻوسٽ محسوس ڪري رهيا آهن۔۔ ماءُ‌پي پنهنجن ٻارن کي انهن ادارن ڏانهن موڪليندي گهٻرائي رهيا آهن۔۔۔۔[/justify]​
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حقيقت هن حال جي۔۔۔ جي ظاهر ڪيان ذري۔۔

    لکڻ لاء ڪجھ ناهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    اسان جي پارٽين ۽ انهن جي اڳواڻن سنڌ جي تعليمي ادارن کي هن حال تي پهچايو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔

    ماٺ رهان ته مشرڪ ٿيان، ڪڇان تان ڪافر
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو