ٽيون چوڻ!۔۔۔۔۔

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2011۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    هڪ ڏينهن پپنو کي ماڻس چيو ته
    ”پُٽ‌! وڃ جهنگ مان ڪاٺيون ڪري اچ ته باهه ٻاري ماني ڪيون“
    پپنو به ڪاڪي آچار جو پٽ هو يڪدم چيائين:
    ”نه امان نه! متان ڪهاڙي منهنجي پير تي ڪري پئي ۽ مان منڊو ٿي پوان ته پوءِ۔؟؟؟“
    ماڻس کڻي ماٺ ڪئي، ڪاڪي آچار کي چيائين اهو وڃي ڪاٺيون ڪري آيو۔۔
    ڪجهه دير کان پوءِ وري ماڻس چيس:
    ”پُٽ! وڃ کونهه مان پاڻي ڀري اچ ته ٻوڙ تيار ڪيون“
    پپنو وري چيو!
    ”نه امان نه! متان مون کي ٿاٻو اچي وڃي، ۽ وڃي کونهه ۾ ڪري پوان ته پوءِ۔۔؟؟“
    ماڻس وري ڊڄي وئي !
    ”نه بابا پپنو تون ڀلي نه وڃ“
    وري ڪاڪو آچار ڀري آيو۔۔
    نيٺ ماني تيار ٿي۔۔
    جڏهن ماڻس ماني کڻي آئي ته پهرين ڪاڪي آچار جي اڳيان رکيائين
    وري پپنوءَ لاءِ‌ماني ڪڍڻ لڳي ان کي سڏڻ لڳي ته ڪاڪي آچار چيو ته
    ”سڀاڳي! هن سدوري کي ماني نه ڏينس!
    متان گرهه به گلي ۾ نه ڦاسي پويس“
    پپنو! ڀڄندو اچي مانيءَ‌ جي ڀرسان ويٺو! چيائين۔
    ۔” نه بابا نه ! مون اڳئي ٻه چوڻ امان جا نه ڪيان آهن
    مون کي قيامت ڪاري ٿوڙئي ڪرڻي آهي، هاڻي هي ٽيون چوڻ ضرور ڪندس
    ڀلي ڏسان ٿو ڪيئن ٿو گرهه گلي ۾ ڦاسي۔۔۔!!!!“
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: ٽيون چوڻ!۔۔۔۔۔

    ادا مست بس يار انهي پپنو کي اهو آخري چوڻ ما جو نه مڃڻ تي ڊپ لڳو يا پنهنجي پيٽ جي لالچ هيس۔۔۔۔

    تمام بهترين کلائيندڙ ونڊ ڪيو اٿو۔۔۔۔۔۔

    مهرباني
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ٽيون چوڻ!۔۔۔۔۔

    هاهاهاها۔۔۔۔۔۔۔۔

    واه جو فرمانبردار آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لڳي ٿو اسان واري جهوني جو شاگرد آهي
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ٽيون چوڻ!۔۔۔۔۔

    پپنو کي قيامت ڪاري ڪرائڻ ناهي ادا ان ڪري ماني کائدائين باقي نه ته ان کي ماني ضرورت نه هئي
    هههههههههههههههههههههههههههههه

    بهترين ونڊ آهي ادا مست

    جاري رکجو
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ٽيون چوڻ!۔۔۔۔۔

    هن قصي ۾ ٻه ڳالهيون آهن ؛

    هڪ مذاح
    ٻيو اصلاح

    مذاح جي لحاظ کان به ڳالهه اهڙي جو ماڻهونءَ جو وات پٽجي وڃي ٿو ۽ کل وڃي ترا ٿي کڻي ۔۔۔

    اصلاح جي لحاظ کان ننڍڙي لاءِ اسڪول جي نصابي ڪتاب ۾ هڪ قصو پڙهيو هو، ڪڪڙ ۽ ڏيڏر وارو ۔۔۔ جيڪو ڪمائي سو کائي ۔۔۔ هن قصي ۾ پڻ ساڳي ڳالهه سمجهايل آهي ته ڪي ماڻهون ڪم جي وقت ٽوٽي ٿي پوندا آهن ۽ فائدي وٺڻ وقت ڦڙت ٿي پوندا آهن ۔۔۔

    بلڪل هن آکاڻيءَ ۾ پپنو پڻ اهڙي ئي ڪار تي ڪاربند ٿي پيءُ ماءُ کي ستائي ٿو ۽ جڏهن ماني کائڻ جو وقت آيو ته همراهه فرمانبردار ۔۔۔

    سرائڪي ۾ به هڪ ڪهاوت آهي ۔۔۔

    ”ڪم دي ويلي ٻرا ۔۔۔ کانوڻ دي ويلي، ٿالهي وڏي چا آوان يا ننڍي“

    واه سائين مست، هڪ ڌڪ ۾ ٻه شڪار کل ڀوڳ ۾ ڳالهه وڏي ڪري ويا آهيو ۔۔۔
     
  6. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ٽيون چوڻ!۔۔۔۔۔

    واھ سائين واھ !
    پپنو ته ڪو منھنجي پٽن سان گڏ کيڏي سکيو ھو ، منھنجا پٽ به کائڻ جا کرا ، ڪم جا ٻرا ڪم ۽ پڙھڻ لاءِ چوين ته بخار چڙھيو وڃين، آءُ ڪراڙو مڙس سڄو ڏينھن سودي وٺڻ جي پويان ۽ ھنن کي وقت وڃائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھ سجھي ئي نه۔
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ٽيون چوڻ!۔۔۔۔۔

    زاهد سائين اوهان جي مهرباني جو ايترن ڏينهن کان بعد سنڌ سلامت تي حاضر ٿيا آهيو۔۔
    باقي پپنو ته ظاهر آهي پنهنجي پيٽ پوڄا ڪرڻ لاءِ اچي ويٺو نه ته چوڻ ڪرڻو هجيس ها ته پهريون چوڻ ئي ڪري وٺي ها۔۔۔
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ٽيون چوڻ!۔۔۔۔۔

    بس سائين جهوني تي معيار نه آهي، اڄ ڪلهه عشق ۾ اصل تپيو پيو آهي۔۔
     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ٽيون چوڻ!۔۔۔۔۔

    فقير سائين! همراهه ماني نه کائي ته اصل قيامت ڪري ڏئي۔۔۔۔ شڪر ٿيو جو ماني کاڌائين۔۔
     
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ٽيون چوڻ!۔۔۔۔۔

    سائين منهنجي هن ننڍڙي ڪوشش کي پنهنجي سمجهاڻيءَ ذريعي بهترين بڻائڻ‌ جي مهرباني۔۔۔
     
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ٽيون چوڻ!۔۔۔۔۔

    سائين اوهان سان همدردي آهي، ان سلسلي ۾ اسان انٽرنيشنل فقير کي گذارش ٿا ڪريون ته سائين کي ڪو ڦيڻو پڙهي ڏئي ته سندن ٻارن تي وڃي دم ڪري۔۔۔ نه ته همراهه اسان وارو وقت کان اڳ جهونو ٿي ويندو۔۔ سنڌ سلامت تي اونئن ئي جهونا وڌندا پيا وڃن۔۔۔​
     
  12. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ٽيون چوڻ!۔۔۔۔۔

    ها ها ها ها ها ها ها ها .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو