بئنگلور ۾ ٿيندڙ ڪالهوڪي ميچ ۾ آسٽريلوي اوپنرن جر طوفاني بئٽنگ سبب آسٽريليا ڪئناڊا کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي۔ پهريان کيڏندي ڪئناڊا جي رانديگرن بهترين آغاز ڪيو ۽ 12 هين اوور ۾ اسڪور هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 82 رنسن تائين پهچايو۔ پر پوء سندن رانديگر آئوٽ ٿيندا رهيا ۽ پوري ٽيم 46 هين اوور ۾ 211 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي۔ پٽيل 54 رنسون ٺاهيون۔ بريٽ لي 4 ۽ شان ٽيٽ 2 وڪيٽون ورتيون۔
جواب ۾ شين واٽسن ۽ بريڊ هيڊن شاندار بئٽنگ ڪئي ۽ 29 اوورن ۾ 183 رنسن جي اوپننگ پارٽنرشپ ڪئي۔ آسٽريليا 36 هين اوور ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 212 رنسون ٺاهي ميچ کٽي ورتي۔ شين واٽسن 94 ۽ بريڊ هيڊن 88 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا۔ آسٽريليا 2011 ورلڊ ڪپ ۾ اڃان تائين ناقابل شڪست آهي۔

اڄوڪي ميچ جو مرد ميدان شين واٽسن
http://www.youtube.com/watch?v=Vd4eRQky4Uc