ڪرنل قذافي-ڪلهه ۽ اڄ

'مختلف موضوع' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ڪرنل قذافي-ڪلهه ۽ اڄ

    عبدالقادر جوڻيجو

    عام ماڻهو آهيان، سو عام ماڻهن لاءِ لکندو آهيان، تنهن ڪري ڪو پڙهيو لکيو خاص ماڻهو دل ۾ نه ڪري. هڪڙو اکر آهي ”ڪليشي (cliche)“ هونئن ته پاڻ وٽ سنڌي اکرن جي ڪا کوٽ ناهي، پر انهيءَ اکر لاءِ ڪو تُز سنڌي اکر ڳولي لهڻ جي پاڻ وٽ کوٽ آهي. تنهن ڪري سمجهاڻيءَ سان ئي معنيٰ بيان ڪرڻي پوندي. خيرن جا پاڻ وٽ جيڪي نام نهاد سول سوسائٽي جا ماڻهو آهن، انهن جي هڪ خاص عادت آهي ته ويندڙ حاڪم ۽ ڪاموري کي پويان ڀونڊو ڏين ۽ ايندڙ حاڪم يا ڪاموري جون جتيون کڻي اکين تي رکن. جيڪڏهن ڪو ڪنهن جون جتيون کڻي ٿو ته اُڪيون وڃي کڻي، پر لطيف سائينءَ کي ته وچ ۾ نه آڻين. پر اسان وٽ ٿيئي ائين ٿو ته جڏهن ڪو حاڪم يا ڪامورو ڪنهن ميڙ ۾ لنگهي اچي ٿو ته اُٿڻ ساڻ آجياڻو ڪندي لطيف سائينءَ جي اها سِٽ چئي ويندي آهي ته، ”الله اچن اُوء، جن آئي من سرهو ٿئي.“ چمچي گيري ڪندي لطيف سائينءَ جي اها سِٽ ايترا ڀيرا ته ورجائي ويندي رهي آهي، جو جڏهن اها سٽ اصلي چڱي معنيٰ ۾ چئي وڃي ٿي، ته به ٻُڌي اُٻڙڪا اچن ٿا. ٻين اکرن ۾ ائين کڻي چئون ته اسان جي سفيد پوش طبقي لطيف سائينءَ جي انهيءَ سِٽ کي ”ڪليشي“ بڻائي ڇڏيو آهي. ائين ئي جنرل ايوب جي زماني ۾ هڪ لطيفو تخليق ڪيو ويو هو، جيڪو هو ته ڪمال جو، پر اڳتي هلي ڪري اهو لطيفو گَسي گَسي ڪليشي بڻجي ويو. چون ٿا ته ايوب جي زماني ۾ پاڪستان ۾ ڍءُ هو ۽ ڀارت ۾ بک هئي. انهيءَ زماني ۾ پاڪستان مان ڍءُ تي پليل هڪ ٿلهو متارو ڪتو وٺي ڀارت ڏانهن ڀڳو ته بارڊر تي کيس ڀارتي ڪتو ملي ويو، جيڪو بک جو ماريل ۽ سڙيل سُڪل ڪتو هو. تنهن جو ڏٺو ته پاڪستان جو ٿلهو متارو ڪتو ڀارت ڏانهن ٽُٽو وڃي ته وڃي اڳ ورتائينس. سڙيل سُڪل ڪتو ڏسي پاڪستاني ڪتي کائنس پڇيو ته ”ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“ انهيءَ تي ڀارتي ڪتي جواب ڏنس ته، ”يار بک ٿو مران سو پاڪستان پيو وڃان ته جيئن کائي پيئي ڍءُ ڪريان. پر توکي ڪهڙي کٽيءَ کنيو آهي جو ڀارت ٽُٽو وڃين؟“ انهيءَ تي پاڪستاني ڪتي جواب ڏنو ته، ”يار پاڪستان ۾ ماني ته ڍءُ تي ٿي ملي، پر جنرل ايوب ڀونڪڻ نٿو ڏئي، ٻڌو اٿم ته ڀارت ۾ ڀونڪڻ جي ڇوٽ آزادي آهي، سو ڀونڪڻ لاءِ ڀارت پيو وڃان.“ سو جيئن ڪتي لاءِ ماني ۾ ڀونڪڻ ضروري آهي، ائين ئي انسان لاءِ به ماني (مالي آزادي) اظهار جي (فڪري آزادي) ضروري آهي. پاڻ جي خيال ۾ هن وقت لبيا ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو مالي آزادي ۽ فڪري آزادي جو پاڻ ۾ جهيڙو آهي ته يا ماني ڍءُ تي کائو يا روي بک مرو ڍءُ تي ڀونڪو. انهيءَ حساب سان لبيا جون موجوده حالتون سمجهڻ ضروري آهن ۽ خود ڪرنل قذافي جي شخصيت کي به سمجهڻ ضروري آهي.

    انسان زندگيءَ ۾ گهڻو ڪجهه وڃائيندو رهندو آهي ۽ پوءِ پيو سٿرون ڪٽيندو آهي. سو پاڻ سان به ائين ٿيندو آيو آهي. هينئر جڏهن آئون هيءُ مضمون پيو لکان ته سٿرون پيو ڪٽيان ته دنيا جي غوراب صحافي محمد هيڪل جا لکيل ڪتاب پاڻ وٽان کسڪي ويا آهن، جن ۾ سندس لکيل ڪتاب Road to Ramdan به ڳوليو نٿو لڀي. ڪرنل قذافي جي شخصيت تي لکيل اهو ڪتاب ڪجهه سال اڳ پڙهيو هوم، جيڪو هينئين تي چِٽُ ٿيو بيٺو اٿم. تازو جڏهين لبيا ۾ ٻڙڌڪ ٿيو ته گهڻي ئي هٿ پير هنيم ته محمد هيڪل جو اهو ڪتاب “Road to Ramdan” هٿ اچي ته انهيءَ مان دلچسپ ٽڪرا جيئن جو تيئن ترجمو ڪري پڙهندڙن جي اڳيان رکان، پر ڪتاب هٿ نه آيو، ته نه آيو. تنهن ڪري اهي دلچسپ ٽڪرا هينئن جي سوجهري تي پنهنجن اکرن ۾ ڏيان ٿو. جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي پنهنجي ڳالهه به ٽنبيندو ويندس. تنهن کان پوءِ وڃي حال جي حقيقتن جي ڪاڪ محل ۾ گهڙبو.

    ڀائو وڏي محمد هيڪل جو بيان آهي ته ڪرنل قذافيءَ کي نئين نئين حڪومت هٿ آئي ۽ گڏوگڏ لبيا جي واريءَ جي رڻ پٽ مان ايترا ته پئٽرو ڊالر به هٿ آيا جو کڻي جهاز ڀر. ڪنهن هنڌ علي قاضيءَ ڏاڍي سٺي ڳالهه ڪئي آهي ته، ”ٿريو ماڻهو نه، پر هڪ خاص قسم جي مينٽلٽي هوندو آهي.“ سو ائين ئي لبيا جا ماڻهو پنهنجي نئين حاڪم سميت هڪ خاص قسم جي مينٽلٽي هئا. ڪرنل قذافي حاڪم ٿيڻ کان پوءِ به اڳئين بادشاهي محل جي بدران تنبوءَ ۾ رهندو هو ۽ سندس پيءُ اُٺين جو وڳ چاريندو هو ۽ سندس ماني ٽِڪي نوڪرن جي بدران جوڻس پچائيندي هئي. حرام جو سرڪاري پئٽرو ڊالر پاڻ تي خرچ ڪري. مائٽن جي اُٺين تي گذر سفر ڪندو هو ۽ سانگ تي لبيا جي سڄي ٿر ۾ هڪڙي هنڌان لڏي ٻئي هنڌ وڃي وڻ وسائيندو رهندو هو. لبيا جي واري پاڻ واري ٿر جي واريءَ کان سنهين هئي، سو ناسن ۽ وات جي ذريعي ماڻهوءَ جي اندر گهڙي ويندي هئي ۽ وڃي ڦڦڙن کي جهليندي هئي. تنهن ڪري سلهه جو مرض ايترو ته وڌيل هو جو اُتان جي ماڻهن جي سراسري عمر ڏيئي وٺي لڳ ڀڳ 26 سال کن هئي.

    ڪرنل قذافيءَ کي انهيءَ ڳڻتي اچي ورائي کنيو ته سِلهه جو ڪو بندوبست ڪجي. سو وٺي پئٽرو ڊالر وهايائين ۽ دنيا جهان جا مهانگا مهانگا ڊاڪٽر وڏن پگهارن تي پنهنجي ملڪ ۾ گهرايائين ۽ قسم قسم جي انجيڪشن اچي ٽُٽي. لڪڙ تار اُتي به هلندي هئي، سو اوٺارين تائين به اها ڳالهه پهتي ته اجهو ٿا سوئين جا انڀار ٽُٽن، سو انهيءَ جي ڊپ وچان زالين مڙسين ٻارين ٻچين ڊاڪٽرن کان ڀڄي جند ڇڏايائون. جڏهن به کين لڪڙ تار ذريعي خبر پوندي هئي ته ڊاڪٽر مٿانئن ٽُٽڻ وارا آهن ته وٺي پيرن تي زور رکندا هئا. انسان به عجيب جانور آهي جو تراڙ ۽ گوليءَ کان به ڊڄي، پر انجيڪشن کان به ڊڄي. ڊاڪٽر جيپون ڊوڙائي ڊوڙائي ٿڪا، ڪرنل قذافي هڻي هڻي ٿڪو، پر مجال آهي جو ٿريا وٺ ڏين. ڪرنل قذافي کي به وڄ جا پاڻي هئا، سو همراهه بنهين ڪاوڙجي پيو ۽ ڪاوڙ وچان پنهنجو ملڪ ڇڏي، لبيا کي ٽي پٿر هڻي وڃي مصر جي هڪ هنڌ کٽولي واري هوٽل ۾ ٽِڪي پيو. پويان ٽريپولي ۾ ريهو رڙ مچي ويئي ته بادشاهه سلامت پنهنجي رعايه تي ڪاوڙجي الائي ڪيڏانهن هليو ويو آهي. نيٺ صدر صاحب کي ڳولڻ لاءِ لبيا جي نائب صدر (نالو وسريم ٿو) جي اڳواڻيءَ ۾ واهر نڪتي، پيرا کنيا ويا ۽ وڙول ٿي ته صدر صاحب کي ڳولي هٿ ڪجي. وڙولن هڻي وڃي هنڌ ڪيو. ڀائو وڏو ته هٿ اچي ويو، پر مجال آهي جو ميڙين منٿن کي مڃيندي هوٽل مان پير ٻاهر ڪڍي. اهڙي چري رعايه تي ڪهڙي حڪومت ڪبي. نائب صدر جڏهين منٿ ميڙ ڪري ٿڪو ته پنهنجي صدر کي اک ڏيکارڻ لاءِ ڪرنل قذافيءَ جي اُستاد صدر ناصر وٽ لنگهي ويو. صدر ناصر ڇنڊ ئي هڪڙي پٽيس، سو ڪن ڇٻا ڪري ڪرنل صاحب موٽي اچي پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجو تنبو اچي وسايو، جتان هو حڪومت هلائيندو هو، لبيا موٽي اچڻ کان پوءِ وري به نه وڃي سِلهه. وڏيءَ هڻ پٽ کان پوءِ ملڪ مان سِلهه جون پاڙون پٽيائين، تڏهن وڃي سک جو ساهه کنيائون. پر تنبوءَ جي پچر ڪو نه ڇڏيائين. زمين الله جي، پئٽرو ڊالر عوام جو ۽ تنبو صدر صاحب جو باقي رهيو اُٺين جو کير، سو پنجوءَ جي پيٽ جو.

    اُهو زمانو تاريخ جوڙيندڙن جو زمانو هو. صدر ناصر، فيدل ڪاسترو، چُو اين لائي، ذوالفقار علي ڀٽو، صدر سوئيڪارنو، صدر نڪروما، لوممبا ۽ بن بيلا هڪڙو ٻئي کان وڌيڪ. آمريڪا بهادر جو ڏٺو ته اهي کاٻيءَ ڌر جا همراهه سندس سپر پاور کي ڌڪ ڌڪ ڪري کپائي نه ڇڏين، سو آمريڪا کي ڪٽڪيون وٺي ويون. فيدل ڪاسترو لاءِ اها چوڻي ٺهي ويئي ته، ”انگريز ٻه ڀيرا آسمان ڏانهن ڏسندو آهي، هڪڙو تڏهن جڏهن سج نڪرندو آهي ۽ ٻيو تڏهين، جڏهن فيدل ڪاسترو تقرير ڪندو آهي.“ ڪرنل قذافيءَ تي ”پنجون گهوڙي سوار (Fifth horse man) جو نالو رکيو ويو. اصل ۾ يهودي عقيدي موجب چار گهوڙي سوار چئن ڏِسين کان ايندا آهن ۽ اچي ماڻهوءَ جو ساهه ڪڍندا آهن. پر پنجون گهوڙي سوار ڪرنل قذافي آهي، سو آمريڪا کاٻيءَ ڌر جي انهن همراهن کي مارائڻ جون سِٽون سِٽڻ لڳو. چيو وڃي ٿو ته رڳو ڪرنل قذافي کي مارائڻ لاءِ چار سئو کان به وڌيڪ مٿس حملا ڪرائيا، پر واري سان ڪرنل قذافي بچي ويو. ڇاڪاڻ جو خطري کي صحرا جي لومڙيءَ (Fox) وانگر محسوس ڪندي ڪرنل قذافي پنهنجي رهائش جا هنڌ بدلائيندو رهيو. رڳو تنبو ويڙهڻو پوندو هو، ٻيو ڪو مال ملڪيت ته هئي ڪو نه، جو کڻڻ ۾ دير ٿئي. جي ڪرنل قذافي اڳئين بادشاهه جي ٺاهيل محل ۾ رهي ها ته ڪڏهوڪو چٽڻي ٿي وڃي ها. نيٺ ڪرنل قذافي کي باهه اچي کنيو ته ڇو نه آمريڪا تي ائٽم بم اُڇلائي چٽڻي ڪجي. سو همراهه ڇا ڪيو جو هوائي جهاز پئٽرو ڊالر سان ڀري وڃي چين ۾ چو اين لائي جي ڳچيءَ ۾ پيو ته ”جيترا ڊالر کپنئي اوترا کڻ ۽ مون کي ٻه ٽي ائٽم بم ڏي ته وڃي آمريڪا کي ٽانڊا ڏيان.“ چو اين لائي ڏٺو ته سندس نوجوان يار هڪ معصوم ماڻهو آهي ۽ کيس اها خبر ئي ناهي ته ائٽم بم هڻڻ لاءِ ميزائلن سميت مڪمل ٽيڪنالاجي ٿي کپي. ائٽم بم ڪو کانڀاڻيءَ جو ڳوڙهو ته ناهي جو کانڀاڻيءَ ۾ وجهي گهمائي ڦيرائي هڻجي. ڪا جهار ته هڪلڻي ڪونهي، مطلب ته پکي ته ڪو نه اڏائڻا آهن. چو اين لائي هڪ سياڻو ڪانءُ هو، سو پنهنجي يار کي اها صلاح ڏنائين ته ”ٻن ٽن ائٽم بمن مان ڪجهه ڪو نه ورندو، يڪو وڃي ائٽم بمن جو ڪارخانو ٺاهه. ڪارخانو ٺهرائڻ لاءِ پاڻ واري يار ذوالفقار علي ڀٽي وٽ هليو وڃ. اهي ڏوڪڙ وڃي انهيءَ کي ڏي. باقي ڪم انهيءَ جو آهي.“ اِها سهڻي صلاح ڇوڪري مڙس قذافيءَ کي دل سان لڳي ۽ هو اسلام آباد ڏانهن روانو ٿيو ته پويان چو اين لائي ذوالفقار علي ڀٽي کي فون ڪري ڇڏي ته ”همراهه اچنئي ٿو، کيس سنڀالجانءِ“ ذوالفقار علي ڀٽي جو ذهن سيٽيءَ وانگر تيز هو ۽ اڳ پوءِ جانچي پوءِ ڪا وِک کڻندو هو. ڏوڪڙ ڪرنل قذافيءَ جا، ٽيڪنالاجي چين ۽ فرانس جي ۽ بندوبست ڀٽي صاحب جو هو. انهيءَ وقت صرف هڪڙو پاڪستاني سائنسدان هو، جنهن کي ائٽم بم ٺاهڻ جا گُر هوندا هئا. اهو هو ڊاڪٽر عبدالقدير، جيڪو انهيءَ وقت هالينڊ ملڪ ۾ رهندو هو. ڀُٽي صاحب کيس ڳولي هٿ ڪيو ۽ کيس پاڻ سان وٺي آيو، جيڪو حال حيات آهي ۽ خدا ڪارڻ شاهديون پڻ ڏئي ٿو ته پاڪستان ۾ ائٽم بم جي پيڙهه ذوالفقار علي ڀٽي رکي. اها شاهدي ته ڊاڪٽر عبدالقدير پيو ڏئي، باقي رهيل شاهديون محمد هيڪل جي ڪتاب “Road to Ramdan” ۾ موجود آهن، جيڪي ڪرنل قذافيءَ جي باري ۾ آهن، اها ڳالهه اِتي ڇُٽي، وٺ وهنديءَ کي.

    انهيءَ ڪتاب کي پڙهئي کان پوءِ اِهي خبرون به اُڏنديون اڏنديون آيون ته لبيا جي ٿرين جي دلير رهنما ڪرنل قذافيءَ وٺي پڙهو گهمائيو ته وڌندڙ ٽيڪنالاجي جي صورت ۾ هڪ نه هڪ ڏينهن شمسي توانائي ڪن ڪڍندي. جنهن جي نتيجي ۾ پئٽرول پاڻي ٿي ويندو، تنهن ڪري ڇو نه پيٽرو ڊالر خرچ ڪري اصلي پاڻيءَ جا ذريعا ڳولي ۽ سمنڊ جي ٻاڙي پاڻيءَ کي مٺو ڪري ڪي پوکون پوکجن ۽ زراعت کي هٿي وٺائجي جو پئٽرول هڪ عارضي شيءَ آهي، جڏن ته زراعت دائمي شيءِ آهي، ائين ٿر جي برپٽ کي باغ بهار بڻائڻ جا اٺسٺا ٿيڻ لڳا، اهي خبرون اڏڻ کان پوءِ اها پڪ ٿي ويئي ته نابالغ سياستدان ڪرنل قذافي بالغ ٿي ويو آهي ۽ ريشمان جوان هوگئي، اهو ڪم ٿيو يا نه، اها ته خدا کي خبر، باقي ارادا نيڪ به هئا ۽ سياڻپ سان به ڀريل هئا. اڳو پوءِ ٿيڻو ته ائين ئي آهي جو ڪنهن نه ڪنهن وقت تيل پاڻي ٿي ويندو ۽ زراعت سدا بهار رهندي. پئٽرول کي ته ڇڏيو، پر هن وقت دنيا جهان ۾ جيڪي قسمين قسمين ڪارخانا دونهون پيا اوڳاڇين، اُهي پڙ تي ئي نه هجن ها، جي ٻني ٻارو نه هجي ها، جي ماني نصيب نه ٿئي ها ته اِهي، ارب کرب ڪمائيندڙ ڪارخانه ڪير هلائي ها. نه ماڻهو ڇيڻو هجي ها، نه پکي پکڻ هجي ها، نه جانور جڙو هجي ها ۽ نه ئي وري جيت جڻو هجي ها. ڌرتي هڪ مُئل گرهه طور گردش ۾ هجي ها. سو ڪرنل قذافي ته ڪا غلط سوچ ته نه ڏيکاري هئي.

    انهيءَ وچ ۾ لبيا ۾ ڇا پئي وهيو واپريو، انهيءَ جي ڪا به خبر نه پئي پيئي. هن وقت نوبيل لاريٽ ليکڪ گارشيا مارڪئز جو نالو ايڏو ته چوٽ چڙهيل آهي جو ڪنهن اخبار کي ڇڙو اڌ ڪلاڪ انٽرويو ڏيڻ جا 50 هزار ڊالر کڙڪائي وٺي ٿو. فيدل ڪاسترو جي انهيءَ پڳ مٽ يار ليکڪ جو چوڻ آهي ته ”مون کي هر هفتي نيوز ويڪ ۽ ٽائيم جو اوڳاڇيل زهر پيئڻو ٿو پوي..“ ائين ئي پاڻ به اوڌر سوڌر تي اهو زهر پيئندا رهندا آهيون. ڪجهه سال اڳ اهو زهر پيئندي ڇا ٿو ڏسان ته ڪرنل قذافي نوجوان، قدآور، ڦڙت هٿياربند سهڻين ڇوڪرين جي پهري ۾ بيٺو آهي. اها تصوير ڏسي پاڻ جا ته وڻ وڄي ويا. اها ئي ته عورت جي صحيح ۽ ڪارائتي آزادي آهي ته مرد مٿان پهرو ڏين. پاڻ کي ڪنهن به ملڪ جو ڪو به سربراهه نٿو سُجهي، جنهن عورت ذات کي ايڏي آزادي ڏني هجي. دنيا جو جائزو ٿا وٺون، ته مغرب جي عورت شو پيس بڻيل آهي، ايتري قدر جو ڏاڙهي ڪوڙڻ جي بليڊن جي اشتهار ۾ به عورت ڏند ٽيڙيو بيٺي هوندي آهي. ٻئي پاسي مشرق جي عورت ڪوٽن ۾ قابو آهي، جي ڀلا ڪوٽ به نه آهن ته به مرد جو هٿ مٿانهون آهي. اهو ته لبيا جو ٿريو ليڊر آهي، جنهن ٿرياڻين کي ايڏي آزادي ڏني آهي، باقي ڪوڙ ڪٽڻ وارا پيا ڪوڙ ڪُٽيندا ۽ انهيءَ تصوير جو کين ڪڏهن به روشن رخ نظر ڪو نه ايندو. بابا جي ڪا گارڊياڻي بگڙي پوي ته ڪرنل قذافيءَ کي گولين مان ڪڍي سگهي ٿي. انهيءَ کان وڌيڪ عورت جي ٻئي آزادي ڪهڙي ٿئي سگهي ٿي.

    لبيا جي برپٽ مان اُٿندڙ ليڊر انجيڪشنس کان ڊڄندڙ اوٺارين کي هن وقت اهڙي منزل تي پچائي ڇڏيو آهي، جو بي بي سي ريڊيو موجب هڪ ته ڪرائيم نه هئڻ جي برابر آهي، ٻيو ته ڪرپشن جي ڪاف به نٿي ملي. ٽيون ته لبيا ۾ هن وقت 82 سيڪڙو ماڻهو تعليم يافته آهن، چوٿون ته عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ جو معيار سڄي آفريڪا ۾ پهرئين نمبر تي بيٺل آهي. انهيءَ آفريڪا ۾ پئٽرو ڊالر ڪمائيندڙ ڪجهه عرب ملڪ به اچي وڃن ٿا، ته سون ۽ هيرا جواهر اپائيندڙ شيدين جا ملڪ به اچي وڃن ٿا. جڏهن ته سڄي دنيا ۾ عام ماڻهوءَ جي معيار زندگيءَ جي حساب سان لبيا 48 هين نمبر تي اچي ٿو. اها ڳالهه آئون ڪو نه ٿو ڪريان، پر مغرب جي طرفدار ميڊيا ٿي ڪري، جنهن جي اها رڙ پيئي پوي ته ڪرنل قذافي لبيا ۾ ڪارو ناحق مچايو ويٺو آهي. ڀلا اهو ڪارو ناحق آهي؟ ٻيلي، خدا خدا ڪريو ايڏا ڪوڙ ته نه هڻو. ڏينهن ڏٺي کي رات ته نه چئو ۽ ڪنهن جو ڍينگو ڍيري ته نه ڪريو. پاڻ کي حيرت ته انهيءَ تي آهي جو هڪڙي پاسي القاعده وارا هٿيار پنوهار کڻي لبيا ۾ بگاڙو مچائيو ويٺا آهن ته ٻئي پاسي مغرب جي ميڊيا خاص ڪري آمريڪا وارا پروپيگنڊا جون بندوقون پيا هڻن، پر اهڙيءَ جنگ ۾ کٽيندو ڪير؟ اهو ئي، جنهن جي پاسي عوام جي گهڻ هوندي آهي.

    مغرب جي پروپيگنڊا جا ڇڙا ٻه نڪتا پرکڻ وٽان آهن. جن تي کل به اچي ٿي. (1) ڪرنل قذافي هڪ ڊڄڻو ماڻهو آهي، کيس اوچائي کان ڊپ لڳندو آهي، انهيءَ ڪري هو تنبوءَ ۾ رهندو آهي. ڏيو منهن! جيڪو ماڻهو مرڻ مارائڻ لاءِ تيار آهي، اهو ڀلا ڊڄڻو ڪيئن ٿيو. (2) ڪرنل قذافيءَ کي Mother fixation جو نفسياتي مرض لڳل آهي، تنهن ڪري عورتن جي پهري ۾ رهي ٿو. ٻيا وري چون ٿا ته ڪرنل قذافي عياش آهي، تنهن ڪري ڇوڪرين جي پهري ۾ رهي ٿو. ڇا نه جواز پيدا ڪيا ويا آهن. پهرين ڳالهه ته جي Mother fixation جو شڪار هجي ها ته پاڻ کان وڏيءَ عمر جي عورتن کي پاڻ سان رکي ها. ٻئي ڳالهه ته جي عياش هجي ها ته پاڻ وٽ ٻانهيون رکي ها، جيئن ٻين عرب حڪمرانن وٽ آهن. ائين ته ڪڏهن به ڇوڪرين کي ايڏا خوفناڪ هٿيار هٿن ۾ ڏيئي پنهنجي سِر مٿان نه بيهاري ها. اهڙي عياشي ته مارائيندي دير نه ڪري ها. جتان ڪٿان مُٺي عورت، الائي ڇو ڪنهن مرد حڪمرانن کي لونئڻ لاءِ به عورت کي شڪار بڻايو ٿو وڃي. بهرحال چانورن جا اِهي ٻه داڻا ٻڌائين ٿا ته ڪارپوريٽ گلوبلائيزيشن جي نمائندن ڪرنل قذافيءَ خلاف جيڪي پروپيگنڊا جون ديڳيون چاڙهيون آهن، انهن ۾ ڪهڙا ڀَت رڌيل هوندا. ڏيئي وٺي ڪرنل قذافيءَ تي اها ميار ٺهي ٿي ته هن پنهنجي منصفانه، اقتصادي ۽ سماجي نظام کي بچائڻ لاءِ ڀونڪڻ تي چڱيون خاصيون پابنديون مڙهيون آهن، جو ڪجهه سال اڳ نوبيل ادبي انعام لاءِ نامينيٽ ٿيندڙ ناول نگار حشام معطر کي پنهنجي وطن ۾ وڃي لکڻ جي بدران اتان لڏي لنڊن ۾ ويهي لکڻو ٿو پوي. اهو ئي حال لبنين اسڪالر ۽ صحافي باجا ۽ سندس ڌيءَ حميده جو آهي. ظاهر آهي ته صحافين کي اڃا به وڌيڪ تڪليف پهتي هوندي. مڃڻ مراد آهي ته ڪرنل قذافيءَ جو اهو پاسو مون لاءِ نئون آهي، سندس انهيءَ خاميءَ کي خوبين سميت ڳڻپ ۾ آڻي سگهجي ٿو.

    اڳي رڳو سرمائيداري هوندي هئي، جيڪا رڳو پورهيتن جو رت پيئندي هئي. هاڻي اها سرمائيداري وڌي وڻ ٿي ڪارپوريٽ گلوبلائيزيشن جو روپ اختيار ڪري چڪي آهي، جيڪا ملڪن جا ملڪ کائي کپائي رهي آهي. هن وقت حال اهو آهي جو پورهيت جو پگهر ۽ پورهيو ۽ اُپت کي پرکڻ جي بدران جوا تي ٻڌل اسٽاڪ ايڪسچينج جي آڌار تي ملڪن جي مالي صورتحال کي پرکيو وڃي ٿو. اسٽاڪ ايڪسچينج جو حال اهو آهي جو ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ جوا ڪندڙ هڪ جواريءَ مون تي زور ڀريو ته آئون مٿن ٽي وي ڊرامو لکان ۽ ماڻهن کي سندن مظلوميت جو داستان ٻڌايان. مون وائڙو ٿي انهيءَ ڪروڙ پتي همراهه کان پڇيو ته ساڻن ڪهڙو ظلم ٿو ٿئي ته هن ٽي وي پروڊيوسر علي رضوي جي سامهون مون کي اهو ظلم ٻڌايو ته علي رضوي به اهڙو ڊرامو پروڊيوس ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو، جو ڳالهه ئي اهڙي هئي. اصل ۾ انهن جوارين جو خاص مسئلو اهو آهي ته اهي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ويهي ڪڏهن لک پتي ته ڪڏهن ڪک پتي ٿيندا رهن ٿا. اها هيٺاهين مٿانهين کين لڳ ڀڳ روزانو ذهني دٻاءَ ۾ آڻي ٿي ۽ اهو دٻاءُ کين رهڙيو دل جي بيمارين ڏانهن وٺي وڃي ٿو ۽ اهي جواري پنجاهه سالن جي عمر تائين به نٿا پهچي سگهن ۽ سِگها مريو وڃن. پاڻ ته مرن، پر خلقت کي به وقت کان اڳ ماريندا رهن ٿا. اهو آهي ڪارپوريٽ گلوبلائيزيشن جو ڪارنامو، جنهن کان ڪرنل قذافي بچڻ پيو چاهي. انهيءَ ڪري پاڻ به اقتصادي ماهرن (جن کي بدنام زمانه فائر برانڊ ليکڪ مارٽن ٿيمس “Mega death intellectuals” ڪري سڏي ٿو) جي بدران انهن سيلاني ليکڪن تي وڌيڪ اعتبار ڪندا آهيون، جيڪي اسٽاڪ ايڪسچينج جي بدران عام خلقت جو حال ڏسي ڪنهن به ملڪ جي اصلي اقتصادي حالتن تي پنهنجا پڪا پختا رايا ڏيندا آهن.

    هن وقت مغربي ملڪن کي ڇڏي ڪري رڳو چين ۽ ڀارت کي وٺنداسين ته اهي ٻئي ملڪ شاهوڪار شاهيءَ ۾ ايترو ته اڳتي وڌي چڪا آهن جو يورپ، آمريڪا ۽ ڪئناڊا جا مارڪيٽ پنهنجين سستين پراڊڪشنس سان ڀري ڇڏيا آهن ۽ اقتصادي ماهرن جي راءِ آهي ته اڳتي هلي ڪري اهي ٻئي ملڪ هڪ اهڙي اقتصادي ديو جي صورت اختيار ڪندا جو ٻيا ملڪ سندن پاڻي ڀريندا. پر سيلاني ليکڪ ٻئي ڳالهه ٿا ڪن، جيڪا اتان جي عوام جي مالي حالت جي باري ۾ آهي. جنهن زماني ۾ چين ۾ اڃان ڪميونزم جو نظام موجود هو، انهيءَ زماني ۾ پال ٿيرو جڏهن چين پهتو ته اتان جي باري ۾ “Riding the Iron Rooster” نالي سان ڪتاب لکيائين، جنهن ۾ هن چيني عوام جي زندگيءَ کي جانورن جي زندگيءَ کان به بدتر ڪري ڄاڻايو هو. اهو ساڳيو ليکڪ تازو جڏهن حد کان وڌيڪ شاهوڪار شاهي ۾ ٻڏل ملڪ چين ۾ پهتو ته وري ٻيو ڪتاب “Ghost train to the Eastern star” نالي سان لکيو اٿس. انهيءَ ڪتاب ۾ هو کلي ٿو ته چين جي عوام جو اڳيون سوجهرو به چٽ ٿي ويو آهي ۽ ڪارخانن جو دونهون چيني عوام کي ڳڙڪائي ويو آهي. ٻين ملڪن ۾ چين جون سستيون شيون انهيءَ ڪري ملن ٿيون جو ٺڳ شاهوڪارن مزدورن جي رت جو آخري ڦڙو به چوسي ڇڏيو آهي. هارين کي ٻنين تان لڏائي اُتي ڪارخانا بڻائي ڇڏيا آهن ۽ هاري بکين بگهڙن جو ٽولو بڻجي چڪا آهن ۽ هڪ ٻئي کي پيا کائين. ڌاڙاگردي به وڌي چڪي آهي. ائين پال ٿيرو ڪارپوريٽ گلوبلائيزيشن جي منهن تي دانگي مَلي آهي. ٻئي پاسي جيڪڏهن اسان اروندا اڙيگا جو بوڪر ادبي انعام حاصل ڪندڙ ڪتاب “White tiger” ۽ سُوڪيتا مهتا جو شاهڪار “Maximum city” جهڙا ڪتاب ٿا پڙهون ته انهن ڪتابن مان لڳي ٿو ته امير ملڪ ڀارت جو غريب ماڻهو سنڌ جي غريب ماڻهوءَ کان به وڌيڪ غريب آهي. سو ڪارپوريٽ گلوبلائيزيشن عوام جو، جو اهو حال ڪري ڇڏيو آهي، مانيءَ جا ٻه ٽڪر کائيندڙ ماڻهوءَ کان ڪي اهي ڳالهيون لڪل ناهيون رهيون.

    انهيءَ ڪارپوريٽ گلوبلائيزيشن ئي ڪرنل قذافيءَ جي قائم ڪيل اهڙي نظام کي چڙهت ڪئي آهي، جيڪو نظام جوا جي بدران عوام جي پگهر ۽ پورهئي تي ٻڌل آهي. اصل حقيقت ته اِها آهي باقي پاڻ جو ڪم آهي ڀونڪڻ جو پاڪستان ۾ هن وقت ڀونڪڻ جي کلي آزادي مليل آهي، باقي غريب عوام جو پيٽ خالي رهي ته ڀلي رهي. انهيءَ سان اسان جي حڪومت ٻڌل ناهي.


    ڪاوش جي ٿورن سان
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪرنل قذافي-ڪلهه ۽ اڄ

    ادا افتخار سڄو ليک ته پيو پڙهبو پر هن لطيفي ٻڌڻ کانپوءِ اصل کل بيهي ئي ڪون ٿي ته اڳتي ڇا پڙهجي ۔۔۔

     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪرنل قذافي-ڪلهه ۽ اڄ

    چوهاڻ صاحب مهرباني

    تمام سٺو ليک آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔ پر اصل حقيقت ڇا آهي اها هتي ويهي نه ٿي ٻڌائي سگهجي

    هڪ ڳاله ضرور آهي ته اوهان ماڻهن کي ڪيتريون به سهولتون ڏيو پر جيڪڏهن سندن سماجي سرگرمين ۽ سندن آواز کي دٻائيندا ته ان جا نتيجا اڳتي هلي اهڙائي نڪرندا جهڙا لبيا ۾ يا تيونس ۽ مصر ۾ ٿيا آهن۔

    بلڪل اها به حقيقت آهي ته لبيا کي ان مقام تي آڻڻ وارو شخص به ڪرنل قزافي ئي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي سچ ڇاهي اهو ته ڏاها يا دنيا جي سياست کي سمجهڻ وارا ئي ڄاڻي سگهن ٿا۔ پاڻ کي اهي ڳالهيون سمجه ۾ ڪونه ٿيون اچن

    باقي عبدالقادر جوڻيجو جو لکڻ جو انداز تمام بهترين آهي جو هيڏا ڊگها ڪالم به پڙهي پوء ٿا ساھ پٽيون
     
  4. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    145
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪرنل قذافي-ڪلهه ۽ اڄ

    بهترين ليک آهي ۽ هي لطيفو به ڪمال جو آهي۔۔۔۔
     
  5. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪرنل قذافي-ڪلهه ۽ اڄ

    سائين اوهان جا لک قرب ۔ محترم مضمون سڄو ضرور پڙهجو ، توڻي جو ڪنهن ليکڪ سان مڪمل اتفاق ضروري ناهيان سمجهندو پر مضمون جو ڪڏهن انداز ته ڪڏهن ڳالھ لکڻ جو ڍنگ مضمون ۾ جان وجهي ڇڏيندو آهي سو هن مضمون به ڪجه اهڙو ئي اثر مون تي ڪيو سو سوچيم ته دوستن سان ونڊ ڪجي ۔

    مضمون تي نظر رکڻ لا ٻيهر مهرباني
     
  6. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪرنل قذافي-ڪلهه ۽ اڄ

    مضمون جي باري ۾ اوهان جي جيڪي تاثرات آهن سو هن سان گهڻو قدر مان پاڻ به سهمت آهيان ، پر ڪي زماني جون ڳالهيون مخفي رهجي وينديون آهن ڪجه ڳالهيون اهڙيون هن ونڊ ۾ نظر آيون ، سائين محترم عبدالقادر جوڻيجو جي ليک ۾ هن زماني تي سٺي جانڪاري آندي آهي ، توڻي جو تصوير جو هڪ رخ جي وضاحت آهي پر پڙهندڙن ۽ تحقيق نگارن لا معلومات هن ۾ ضرور فراهم ڪيون ويون آهن ۔

    باقي سائين عبدالقادر جوڻيجو لکڻ جو انداز بابت ڇا چئي ڇا چَون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو