• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ريمنڊ ڊيوس حقيقت ظاهر ٿي پئي

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
حُبِ دنيا
عدالتون آزاد آهن خام خيال نڪتو
ريمنڊ ڊيوس آزاد ٿيندو يا نه سوال نڪتو

آمريڪا کي هڻندس جُتيءَ جي نوڪ تي
ڪرڻ مرحوم جي مائي کان محال نڪتو

ٻٻرن کان ٻير گهرڻ آهي بيوقوفي دوستو
مون ٿي منزل سمجهي رستو بتال نڪتو

چڱي مٽي وڌي اسان جي منهن ۾ ماڻهن
ڪو ٿو چوي ادا چڱو ٿيو وبال نڪتو

اڄ راز ڀري ڳالھ ٻڌائي ڏاڏل دولتمند
چڱو ٿيو آمريڪا کان ڪجھ مال نڪتو
 
جواب: ريمنڊ ڊيوس حقيقت ظاهر ٿي پئي

چڱي مٽي وڌي اسان جي منهن ۾ ماڻهن
ڪو ٿو چوي ادا چڱو ٿيو وبال نڪتو

اڄ راز ڀري ڳالھ ٻڌائي ڏاڏل دولتمند
چڱو ٿيو آمريڪا کان ڪجھ مال نڪتو


واه سائين واه ڏاڏل صاحب

بهترين شاعري آهي توهان جي

لاجواب ونڊ آهي جيڪو سچ تي مبني آهي


جاري رکجو


سدائين گڏ
 
جواب: ريمنڊ ڊيوس حقيقت ظاهر ٿي پئي

اڄ راز ڀري ڳالھ ٻڌائي ڏاڏل دولتمند
چڱو ٿيو آمريڪا کان ڪجھ مال نڪتو

بس سائين ڏاڏل سڀ سمجهو ٿا ۽ اوهان جي مٿين سٽن ۾ اهو واضح لکيل آهي ۽ سچ به اهوئي آهي۔

ماٺ رهان ته مشرڪ ٿيان ڪڇان تان ڪافر
 
جواب: ريمنڊ ڊيوس حقيقت ظاهر ٿي پئي

اسان ڏٺو آهي ته اسان جي وسندي دنيا ۾ اڪثريت جي محبت حُبِ دنيا آهي جيسيتائين هن کي لا نه ٿا ڪريون تيسيتائين حسنيتجي پيروي ڪرڻ مشڪل آهي​
 
جواب: ريمنڊ ڊيوس حقيقت ظاهر ٿي پئي

لڳي ٿو ته ڏاڏل به شاعر ٿي ويو آهي

يار پاڻ وارا سياستدان اهڙا مٿي ۾ لڳل آهن
قسمت ئي فٽل آهي ته ڇا ڪجي
 
جواب: ريمنڊ ڊيوس حقيقت ظاهر ٿي پئي

لڳي ٿو ته ڏاڏل به شاعر ٿي ويو آهي

يار پاڻ وارا سياستدان اهڙا مٿي ۾ لڳل آهن
قسمت ئي فٽل آهي ته ڇا ڪجي

ادا پريا مڙس شاعر چئي ڇو ٿو اسان تي خلق کي ڏمرائين ٻيلي اسان ته ڳالھ ڪئي آهي جي اوهان کي پسند آئي ٿه مهرباني سهڻل
 
جواب: ريمنڊ ڊيوس حقيقت ظاهر ٿي پئي

ادا ڳالهه بلڪل پسند آئي

توهان جي هر تحرير ۾ ڪو نه ڪو سبق هوندو آهي

ڏاڍي خوشي ٿي جو توهان ايترو جلدي سنڌي لکڻ به سکي ويا

اچو ته هاڻ گڏجي هن ساٿ کي اڳتي وڌايون



سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: ريمنڊ ڊيوس حقيقت ظاهر ٿي پئي

سائين پريا مڙس توهان جو مهربانيون جو ساٿ هلڻ جي دعوت ڏني اٿو باقي يار اسن کي جي ساٿ کنجو ته ٻيلي وچ ڌار ۾ ڇڏي نه ڏجو
 
جواب: ريمنڊ ڊيوس حقيقت ظاهر ٿي پئي

ادا
انشاالله جوت جلندي رهندي لاٽ ٻرندي رهندي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

استاد بخاريء جي بقول

جو سنڌ سنواري سو جئيندو رهندو
 
Back
Top